پنهنجي پاران
مونکي سفرنامن پڙهڻ جو شوق ننڍي هوندي کان ئي ٿيڻ لڳو، جڏهن سيد وجاهت عليءَ جا سفرناما هفتيوار ”اخبار جهان“ ۾ ڇپبا هئا. ”اخبار جهان“ تنهن زماني ۾ 60 پئسن ۾ ملندي هئي. اسانجي گهر ۾ انگريزي اخبار ”ليڊر“، سنڌي ”عبرت“، اردو ”انجام“ کان علاوه ”نئين زندگي“، ”اخبار جهان“ ۽ ”چاند“ مزاحيه رسالو بدستور ايندا هئا. بابا سائين کي اخبار بينيءَ جو وڏو شوق هوندو هو ۽ رسالا وري ادا وڏو امداد علي خان گهرائيندو هو. ”نئين زندگي“ سان ته ايترو چاهه هوندو هيس جو آخر ۾ اهي سال سال جا جلد ڪرائي رکيائين. سندس پنجاهه جي ڏهاڪي جا ”نئين زندگي“ ‘جا جلد به اڃا تائين موجود آهن. منهنجو ٻيو ڀاءُ منظور علي خان وري آمريڪن رسالو The Panorama گهرائيندو هو، جيڪو امريڪن سفارتخانو مفت ۾ موڪليندو هو. ان کان علاوه هُو ”لائيف ميگزين“ جيڪا پڻ آمريڪا جي هئي مقرر گهرائيندو هو. ادا وڏو Reader’s Digestبه گهرائيندو هو. ان کان اڳتي هلي ادا اختر علي وري ”ٽائيم“ ۽ ”نيوز ويڪ“ گهرائڻ شروع ڪيا. ايئن ننڍي هوندي کان ئي گهر ۾ هڪ ادبي ماحول ميسر هيو.
سيد وجاهت عليءَ جا ٽي سفرنامن جا ڪتاب جيڪي مون ان وقت پڙهيا هئا، اهي هئا ”جب مين ني شاه ڪا ايران ديکا“، ”جب مين ني اتاترڪ ڪا ترڪي ديکا“ ۽ ”جب مين ني لينن ڪا روس ديکا“. سيد وجاهت عليءَ جو لکڻ جو ڏانءُ، ڪجهه مبالغي آرائي مثلاً: ڪوئٽيه کان زاهدان وڃڻ واري ريل جي سست رفتاريءَ جو ذڪر ان حد تائين جو ان ۾ سفر ڪندڙ ٻروچ جڏهن ويهي ويهي تنگ ٿيندا هئا ته گاڏيءَ مان لهي ساڻس گڏ ڊوڙڻ لڳندا هئا. جڏهن ڊوڙي ڊوڙي ٿڪجي پوندا هئا ته وري گاڏيءَ ۾ چڙهي پوندا هئا وغيره. سندس خانم عزيزه سان رومانوي دوستي، ايران ۽ ترڪي جا پراسرار حمام، شاهه جي زماني جو مادر پدر آزاد ايران، ترڪيءَ جو يورپي رهڻ سهڻ جو طريقو ۽ پراسرار شامون مون کي سفر ڪرڻ لاءِ راغب ڪندا هئا. ان وقت مان اٺين ڪلاس ۾ پڙهندو هوس ۽ انهن ملڪن ڏسڻ جو وڏو شوق ۽ جذبو هوندو هو. انهيءَ زماني ۾ ريڊيو ايران زاهدان تان رات جو اٺين بجي اردو پروگرام نشر ڪيو ويندو هو، جنهن جي فرمائشي پروگرام ۾ هندوستاني ۽ پاڪستاني گانا نشر ڪيا ويندا هئا. انائونسر مائي جنهن جو نالو مون کي ياد ڪونه ٿو پوي، جي بار بار صدا ”يه ريڊيو ايران زاهدان هي“ ايڏي ته مٺي ۽ وڻندڙ هوندي هئي جو ڪيئي ماڻهو ان تي عاشق هوندا هئا ۽ خطن ۾ انهيءَ جو اظهار پڻ ڪندا هئا. ان مائي کان پوءِ اهو پروگرام ثريا شهاب کي مليو ۽ اها مائي الائي ڪيڏانهن وئي. گانن کان سواءِ ايران جي باري ۾ وڏي معلومات فراهم ڪئي ويندي هئي. ريڊيو زاهدان ميڊيم ويو تي هلندو هو، پر ان جا سگنل ڏاڍا پاور فل ۽ اسٽرانگ هوندا هئا، جيڪي اسان کي لاڙڪاڻي ۾ به صاف چٽا ۽ بنا کَڙڪي کُڙڪي جي ٻڌڻ ۾ ايندا هئا. جڏهن ته اسانجي ريڊيو حيدرآباد جو ٿڪل ڏهه ڪلو واٽ جو ٽرانسميٽر ايترو ته ڪمزور ۽ ويڪ (weak) هوندو هو، جو سنڌي پروگرام ٻڌڻ لاءِ اسانکي وڏا جتن ڪرڻا پوندا هئا. مان پنهنجي اليڪٽرڪ ريڊيولاءِ ڪوٺي تي ٻن بانس جي لڪڙن ۾ ٻڌل وڏي ايريل ۽ هيٺ آڳر ۾ ننڍڙي باغڙي ۾ هڪ عدد اَرٿِ لڳائي هئي. ارٿ کي پاڻي به ڏيندا هئاسين، جيئن سنڌي نشريات چٽي ٻڌڻ ۾ اچي. هاءِ پاور ٽرانسميٽر ته ستين ڪال پوءِ لڳو. ايوب جو زمانو هو، تنهن ڪري ريڊيو ڪراچي ڄڻ سنڌي پروگرامن لاءِ شجرِ ممنوع هئو.
ريڊيو زاهدان انهيءَ اردو پروگرام ۾ فارسي سيکارڻ جا ڪلاس به شروع ڪيا هئا. ياد ٿو پويم ته خانم رضا نالي هڪ عورت فارسي سيکاريندي هئي، جنهن جو آواز من موهيندڙ ۽ فارسي لهجو دل لڀائيندڙ هئو. دل چوندي هئي ته ويٺي ڳالهائي ۽ کيس ٻڌندو رهجي. هونئن به فارسي خصوصاً ايراني فارسي ڏاڍي مٺي ٻولي آهي ۽ عورت جي واتان ته هيڪاري مِٺي لڳندي آهي. ريڊيو زاهدان فارسي سکڻ لاءِ ڪتابن موڪلڻ جو به جوڳو بندوبست ڪيو هو. ويهين پيسي جي ايروگرام (Aerogramme) تي خط لکي موڪليندا هئاسين ته ڪجهه ئي ڏينهن ۾ پنجن ڪتابن جو سيٽ گهر جي ايڊريس تي پوسٽ وسيلي پهچي ويندو هو. ٽڪلين تي رضا شاهه جي تصوير ۽ پُست ايران ۽ ايراني ريالن ۾ ٽڪلي جو مُلهه لکيل هوندو هو. پنجن ڪتابن جي سيٽ ۾ ”فارسي دبستان اول“، ”دبستان دوم“، ”دبستان سوم“، ”دبستان چِهارم“ ۽ ”دبستان پنجم“ شامل هوندا هئا. ايروگرام وري ان لفافي کي چئبو هو، جنهن ۾ الڳ پني تي خط لکي نه وجهبو هو، پر انهيءَ ايروگرام جي اندرين پاسي خط لکي فولڊ ڪري لڳل کونئر کي آلو ڪري مٿان ايڊريس لکي پوسٽ جي دٻي ۾ وجهبو هو. پاڪستان، ايران ۽ ترڪي تنهن زماني ۾ هڪ معاهدي تحت سلهاڙيل هوندا هئا، جنهن جو نالو هيو Regional Cooperative Development (R.C.D). انهيءَ معاهدي تحت ڪيترن ترقي جي اسڪيمن کان سواءِ فري ويزا، ٽنهي ملڪن لاءِ Inland پوسٽل ريٽس کان سواءِ ڪراچيءَ کان ترڪي تائين هاءِ وي ۽ ريل روڊ جو منصوبو شامل هيو. ڪراچيءَ کان زاهدان تائين روڊ به ان منصوبي جو حصو هو. ڪراچيءَ کان ڪوئٽيه واري روڊ کي اڄ ڏينهن تائين آر سي ڊي هاءِ وي ڪوٺيو ويندو آهي.
جڏهن يونيورسٽيءَ ۾ انجنيئرنگ پڙهڻ آياسين ته الطاف شيخ صاحب جي سفرنامن پڙهڻ جو موقعو مليو. انهن سفرنامن جي خوبي اها آهي ته سفرنامي سان گڏ انهن ۾ شهرن جي معلومات ۽ تاريخي تجزيا به شامل هوندا آهن. الطاف شيخ صاحب جا سفرناما ته اڃا به پڙهندو آهيان، جن ۾ ”ايران ڏي اڏام“، ”دهلي درشن“، ”هلي ڏسجي هندستان“ وغيره شامل آهن.
اردو ۽ انگريزيءَ ۾ هونئن ته مون ڪيترائي سفرناما پڙهيا آهن، جن ۾ منهنجا پسنديده ليکڪ آهن:
1. ڊاڪٽر ڪيپٽن ادريس لاڙڪاڻي واري جو ٻي عالمگير لڙائيءَ ۾ جپان جو سفرنامو ”بسنگ آمد“
2. Bill Bryson
3. William Dalrymple
4. Tim Kelsey
5. Paul Theroux.
اهي سفرناما ورائي ورائي پڙهندو آهيان ۽ هر دفعي نئون لطف ايندو آهي. ڪجهه اديب وري پنهنجي سفرنامي کي رومانوي انداز ۾ پيش ڪندا آهن ۽ ڪجهه وري لٻاڙ ۽ مبالغي کان ڪم وٺندا آهن، جيئن سفرنامو وڌيڪ دلچسپ لڳي.
منهنجو هي سفرنامو حقيقت ۾ هڪ روحاني سفر جي باري ۾ آهي. سفر به اهو جنهن لاءِ بقول لطيف سائينءَ جي:
هَلُ هِنئين سي هوت ڏي، سِسِي کڻُ مَ ساڻ،
جنين ڀانئيو پاڻ، سي آرياڻِئان اوري رهيون.
يعني جڏهن هوت ڏي هلين ته هنئين سان هل، سِسي ساڻ نه کڻ معنيٰ وڏائي، مان، تڪبر، هٺ ساڻ نه کڻ، پر پنهنجي هستي کي وساري ڪمال ادب، احترام، عاجزي انڪساري، روح جي پاڪيزگي سان هلي انهن هستين جو سلامي ٿيندين ته اهي قبول ڪرڻ وارا آهن ۽ تنهنجي عاجزي، سفري ڏکيائي، ٿڪ ۽ اوجاڳي جي بدلي تنهنجي نه فقط حاضري قبول ڪندا، پر سلام جو جواب پڻ ڏيندا. اهو منهنجو ذاتي تجربو آهي. جيتوڻيڪ هي سفرنامو مذهبي ۽ روحاني آهي، پر ان ۾ منهنجو مشاهدو، تاريخي حقيقتون ۽ انهن جا پس منظر شامل آهن.
هونئن ته مونکي ڪيترائي دفعا ايران، عراق، شام، مڪي، مديني جي زيارتن جو شرف حاصل ٿيو آهي، پر هن سفرنامي ڇپائڻ جو خيال مونکي ان ڪري آيو، ته هيءُ جامع ۽ ڀرپور آهي. جتي ضرورت محسوس ڪئي اٿم اتي انهن ئي ملڪن ڏانهن ڪيل ٻين سفرن جو ذڪر پڻ ڪيو اٿم، جيئن سفرنامي ۾ ڪا کوٽ نه رهجي وڃي.
گهڻي عرصي کان چاهيم پئي ته هي سفرنامو ڊائرين تان اُتاري ڪتابي شڪل ۾ آڻيان، پر سرڪاري نوڪريءَ جي گوناگون مصروفيتن ۽ پنهنجي نااهلي ۽ سستيءَ جي ڪري ڪم رهندو ٿي ويو ۽ ڪتاب ڇپجي نه سگهيو. الله سائين جو شڪر آهي ته اڄ هيءُ ڪتاب لکي پورو ڪيو اٿم. اميد ته پڙهندڙن کي پسند ايندو ۽ انهن پاڪ هستين وٽ منهنجو هيءُ پورهيو قبول پوندو، جن جي زيارتن جو شرف مونکي حاصل ٿيو ۽ اڃا تائين ٿيندو رهي ٿو.
ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ مون عراق جي تازي صورتحال جو مختصر جائزو پيش ڪيو آهي ۽ انهن ڪتابن جا حوالا ڏنا آهن، جن مان مون مختصر تاريخي مواد ۽ شهرن جو احوال ورتو آهي، نه ته گهڻو تڻو منهنجو ذاتي مشاهدو ۽ اتي جي رهواسين کان ورتل معلومات آهي.
آخر ۾ ٿورو مڃڻ ٿو چاهيان پنهنجي برخوردار دوست احسان راهوجي جو، جنهن نه فقط مون کي هن ڪتاب پوري ڪرڻ لاءِ همٿايو، پر ٽائيپنگ کان ڇپائي تائين مون سان ڀرپور ساٿ ڏنو.
15 جنوري سنه 2017ع
مختار جانوري
پارسا هيون،
ڪليئرمنٽ روڊ،
سول لائين، ڪراچي