امام حسين جي روضي جي تاريخ
تاريخ ٻڌائي ٿي ته ڪيترن ئي حڪمرانن روضن جي توسيع تزئين و آرائش ڪرائڻ جي سعادت حاصل ڪئي. ايراني بادشاهه فتح علي قاچار، سن 1250 هجريءَ ۾ ٻنهي تربتن جي مٿان عظيم الشان روضن جوڙڻ جو حڪم ڏنو ۽ ذاتي طرح تعمير جي نگراني ڪندو رهندو هو. امام حسينؑ جو روضو تقريباً 27 ميٽر اوچو آهي، ۽ سڄو سون جي ٽائيلن سان ڍڪيل آهي. هيٺ روضي جي چوگرد ٻارهن وڏيون دريون يا طاق آحن، جيڪي هڪ ٻئي کان 1.25 ميٽر پري آهن، ۽ هر هڪ دري 1.30 ميٽر ويڪري آهي. اسان جڏهن 1997ع ۾ ڪربلا ۾ آياسين، روضن جي خسته حالي ڏسي ڏاڍو افسوس ٿيو. صدام جيڪو لامذهب قسم جو ماڻهو هو، ۽ اهلبيت جو ڪٽر دشمن هو، تنهنڪري کيس حرمين سان ڪا به دلچسپي ڪانه هئي، جو انهن جي مرمت ڪرائي. صحن جو سنگمرمر جو فرش ڀڳو پيو هو. امام جي روضي جي ڀتين تي جابجا گولين جا نشان موجود هئا، جن کي وائيٽ سيمنٽ ۾ سائو رنگ ملائي بند ڪيو ويو هو، ڇو ته اندرين ڀتين تي سائو ماربل لڳل آهي. بنو اسد قبيلي جڏهن صدام جي مخالفت ۾ جلوس ڪڍيو هو، انهيءَ کي روڪڻ لاءِ هن ملعون گوليءَ جو آرڊر ڏنو هو، ماڻهن وڃي امام جي حرم ۾ پناهه ورتي هئي، پر هن اتي به گولي هلرائي هزارين ماڻهو شهيد ڪرايا هئا.
اڄڪلهه ٻنهي حرمن ۾ تمام گهڻي توسيع ڪئي وئي آهي. فرش بدلايا ويا آهن ۽ ٻئي روضا سينٽرلي ايئرڪنڊيشنڊ ڪيا ويا آهن. صحنن کي ڍڪي ايئرڪنڊيشنڊ ڪيو ويو آهي. اندر مختلف قسم جا خوبصورت جهاڙ فانوس، شينڊليئر ۽ لائيٽ جو بندوبست ڪيو ويو آهي. ٻنهي حرمن کي ڳنڍڻ واري رستي کي به خوبصورت بڻايو ويو آهي، جنهن جي ٻنهي پاسي کجيءَ جون قطارون، گل، ٻوٽا ۽ لائيٽنگ جو بندوبست ڪيو ويو آهي.