سفرناما

هل هِنئين سين هوت ڏي

هي ڪتاب ايران، عراق ۽ شام جي زيارتن تي مشتمل سفرنامو آھي جنھن جو ليکڪ مختار جانوري صاحب آھي.
جانوري صاحب ڪتاب ۾ لاڙڪاڻي کان ڪوئٽا، تافتان ۽ مشھد، نيشاپور کان ڪربلا، ڪوفہ ۽ عراق جي ٻين شھرن بغداد، ڪاظمين ۽ شام جي دمشق سميت ٻين زيارتن ۽ انھن شخصيتن بابت تفصيلي لکيو آھي.
Title Cover of book هل هِنئين سين هوت ڏي

دمشق

دمشق، شام جي گاديءَ جو هنڌ ۽ خوبصورت شهر آهي. حلب شام جو وڏي ۾ وڏو شهر ۽ دمشق ٻيو نمبر شهر آهي. 2004ع جي آدمشماري مطابق سندس آبادي ڇويهه لک کن آهي. اسان جي سفر دوران يعني 1997ع ۾ ڪجهه گهٽ هوندي. دمشق سياري ۾ ٿڌو ۽ اونهاري ۾ معتدل آهي. هي دنيا جي تمام گهڻن پراڻن شهرن مان هڪ آهي، جيڪي مسلسل آباد رهندا آيا آهن. هي شهر حضرت ابراهيمؑ کان به اڳ آباد هئو. شهر جي وچ مان برادا ندي وهي ٿي، جنهن جي ٻنهي پاسي عاليشان قسم جا هوٽل ۽ شاپنگ مال وغيره آهن.
اموين جڏهن خلافت تي قبضو ڪيو ته هنن دمشق کي پنهنجو گاديءَ جو هنڌ بڻايو. اهو تقريباً 661ع کان 750ع جي وچ وارو عرصو آهي. جڏهن عباسين اموين کان تخت ڦريو ته هنن دمشق ڇڏي بغداد کي پنهنجو گاديءَ جو هنڌ بڻآيو. موجده دمشق 105 چورس ڪلوميٽر يعني 41 چورس ميلن جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي. جنهن مان 30 چورس ميل سڌو ميداني علائقو آهي ۽ باقي آبادي جبل قيسيون تي آهي. جبل قيسيون تي بيهي دمشق جو نظارو ڏسڻ وٽان آهي. خصوصاً رات جي وقت جي ڇا ڳالهه ڪجي. روڊ سائيڊ تي چانهن جي ٺيلهي تان ورتل سليماني چانهه جون چسڪيون ڀريندي ٿڌي هوا ۾ پلاسٽڪ جي ڪرسيءَ تي ويهي مون کي جيڪو دمشق نظر آيو، اهو اڄ تائين نه ٿو وسري.
پراڻي دمشق جو انداز ئي نرالو آهي. پراڻي وضع جون عمارتون ۽ ريسٽورنٽس جن ۾ بهترين سوادي کاڌن سان لبن يعني لسيءَ جو لطف ئي پنهنجو آهي. هتي عيسائي ۽ يهودي عربن جي چڱي خاصي آبادي آهي، جيڪي صدين کان هتي آباد آهن. عورتون حسين، قداور ۽ بت ۾ ڀريل پر متناسب فگر ڄڻ يورپي عورتون هجن. عمومي ڊريس جين جي پينٽ ۽ ان جي مٿان جرسي جي ڪپڙي جي ٽي شرٽ، دمشق ۾ برقعو مون کي ڪٿي نظر نه آيو سواءِ زائرين عورتن جي، جيڪي اوسارا ڪڍنديون بازار حميديه يا بازار شام مان گذرندي نظر آيون. دمشق جا ماڻهو ملنسار ۽ تواضع ڪرڻ وارا آهن. سندن رويو تمام سٺو ۽ پنهنجائپ وارو آهي. پراڻي دمشق مان هاڻي گهڻائي ماڻهو لڏي پوش علائقن ڏانهن منتقل ٿي ويا آهن ۽ انهن جي جاءِ تي ٻهراڙيءَ جا ماڻهو آباد ٿي ويا آهن، جن کي شهري وضع قطع جي خبر ڪانهي، بهرڪيف اڃا ڪجهه پراڻا ڪٽنب صدين کان وٺي پراڻي دمشق ۾ رهندا ٿا اچن ۽ انهن کي پنهنجي خانداني دمشقي هئڻ تي فخر آهي. مان هڪ عيسائي ۽ هڪ يهوديءَ جي دڪان تان ٻارن جي ڪپڙن جون قيمتون پڇيون. منهنجي انگريزيءَ ۾ ڳالهائڻ تي هو وڌيڪ خوش پئي ٿيا، حالانڪه کين صرف عربي ٿي آئي. عيسائي ۽ يهودي جي دڪانن جي سڃاڻپ ان مان پئي ٿي ته حافظ الاسد جي فوٽي سان گڏ عيسائي جي دڪان تي صليب ۽ يهوديءَ جي دڪان تي ڇهه ڪنڊو ڊيوڊ اسٽار لڳل هو. نه ته هنن اهو پڇيو ته تون ڪير آهين، ڪٿان جو آهين، مسلمان آهين يان نه؟ ڪجهه به نه... ان مان مون سمجهيو ته شام صحيح سيڪيولر ملڪ آهي، جنهن ۾ سنين، شيعن، علوين، صوفين، عيسائين، يهودين ۽ يزيدين يا خالدي فرقي جي ماڻهن ۾ ڪا به تفريق نه آهي ۽ هر فرقي ۽ مذهب جي پيروڪارن کي زندگي پنهنجي عقيدي مطابق گذارڻ جي کلي ڇُٽي آهي. اتي صوفين جو به چڱو ڀلو تعداد آهي، جن جا به ڪيترائي فرقا آهن. پر هرڪو پنهنجي عقيدي ۾ مگن آهي. دمشق ۾ ڪردن جو به چڱو ڀلو تعداد آهي. ڪرد پنهنجي سلوار ڪوٽي ۽ پيٽ تي ڪمر پٽو ٻڌڻ جي ڪري نمايان نظر ايندا آهن. سلوار جي ٻچي ايتري ڊگهي جو پاچن جي ليول تي هوندي آهي. مون کي شربت وڪڻڻ وارا اڪثر ڪرد نظر آيا. ڪرد عراق، ترڪي، ايران ۽ شام جي بارڊرن ملڻ وارين جڳهن تي آباد آهن ۽ آزادي وٺڻ جون وڏيون تحريڪون هلائي رهيا آهن. صدام ته ڪردن جي مٿان وڏو ظلم ڪيو هو، پر صدام کان پوءِ عراقي آئين ۾ ترميم ڪئي وئي آهي، جنهن مطابق صدر ڪرد، وزيراعظم اثناعشري شيعو ۽ اسپيڪر لازميءَ طرح سني هوندو. لبنان جي گهرو ويڙهه کان پوءِ اتي به اهڙو ئي آئين پاس ڪيو ويو هو ته صدر عيسائي، وزيراعظم سني، اسپيڪر شيعو اثناعشري ۽ دروزن کي هڪ عدد وزارت ڏني ويندي آهي. باقي ڪابينا به ائين ئي آباديءَ جي تناسب سان ورهائي ويندي آهي. هن وقت ڪردن جي آزاديءَ جي وڏي تحريڪ ترڪيءَ ۾ هلندڙ آهي، جنهن جو ليڊر عبدالله اوچلان جيل ۾ آهي ۽ ڦاسيءَ مان ڦري عمر قيد جي سزا ڪاٽي رهيو آهي. هن وقت به داعش سان شام ۾ فوجين سان گڏ ڪرد وڙهي رهيا آهن، جيڪي ترڪيءَ جي سرحد لڳ رهن ٿا. انهن مان ڪجهه يزيدي مذهب سان به تعلق رکن ٿا.
دمشق اها اقتدار جي ويڙهه صدين کان ڏٺي آهي. خلفاءِ الراشدينؓ کان پوءِ دمشق کي حضرت معاويه گادي بڻائي بادشاهت جو بنياد رکيو. جيڪو 90 سالن کن تائين هلندو رهيو. عيسائين جي ڪليسا (Church) تي قبضو ڪري ان کي درٻار ۾ تبديل ڪيو ويو، جنهن ۾ نبي خدا حضرت يحيٰ بن ذڪريا (ؑ) جي تربت آهي. انهيءَ درٻار ۽ محل ۾ هر قسم جون بدمعاشيون ۽ بداعماليون هلنديون رهيون، تان جو 90سالن کان پوءِ عباسين اموين کي قتل ڪرائي ڇڏيو ۽ دمشق تي قبضو ڪيو. عباسين، اموين جي قبرستان کي کوٽائي بادشاهن شهزادن اميرن ڪبيرن جا هڏا ڪڍرائي ساڙائي ڇڏيا. ڇهه مهينا کن عباسين دمشق مان حڪومت ڪئي، پر پوءِ بغدد کي دارالخلافا بڻايون. ان کانپوءِ ڪجهه وقت فاطمين به دمشق تي قبضو ڪيو هيو، جن کي وري ترڪن شڪست ڏني. ائين دمشق اڄ ڏينهن تائين خوني راند ڏسندو پيو ٿو اچي. هاڻي به آمريڪا سعودي عرب ۽ خليجي رياستون بشار الاسد کي لاهڻ لاءِ پوين ٻن سالن کان ڀرپور ڪوشش ڪري رهيون آهن ۽ اسد وري پنهنجي بقا جي جنگ وڙهڻ لاءِ ايران ۽ روس جي مدد سان ڏنڊو مڇايون ويٺو آهي. باقي هن وقت شام جي حلب شهر جي مضافات ۽ رقه شهرن تي داعش جو قبضو آهي، جن جي ظلمن جا داستان روز پيا ٿا اخبارن ۾ اچن. داعش وارن پنهنجن مخالفن يعني ڪردن، شيعن، دروز ۽ يزيدي فرقي جي ماڻهن کي ڪهڻ ۽ مارڻ عين ثواب، انهن جي عورتن کي ٻانهيون بڻائي سرعام نيلام ڪرڻ ۽ انهن جي ٻارن کي جيئرو ساڙڻ هڪ نيڪ ڪم قرار ٿا ڏين ۽ پنهنجي پر ۾ ان کي جهاد ٿا چون. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته انهن کي امداد، ڊالر ۽ هٿيار ڪير ٿو ڏئي، انهيءَ تي تبصرو ڪرڻ اجايو آهي. هر ذي شعور ماڻهو سمجهي ٿو ورنه هڪ باغي گروهه ٻن ملڪن جي ٽڪرن تي قابض ٿي ماڻهن سان ائين ظلم ڪندو وتي، جيئن جرمن نازي به نه ڪندا هئا. قصو ڪوتاه دمشق جي تاريخ ۽ تفصيلي حالات لکڻ منهنجي سفرنامي جي دائري ۾ نٿو اچي، تنهن ڪري مان پنهنجي سفرنامي ڏانهن واپس ٿو موٽان.
عدره مان حضرت حجر بن عدي جي زيارت ڪري واپس دمشق آياسين. شهر مان گذرندي پراڻي دمشق ۾ مقابر سبايه باب صغير تي پهتاسين. باب صغير دمشق جو پراڻو قبرستان آهي، جنهن ۾ هيٺيون عظيم هستيون محوِ استراحت آهن.

1. بي بي فاطمة بنت حسينؑ
2. حضرت بلال حبشي﷦. حضرت بلال جي قبر وڏي ۽ مٿانئس ڪتبو عربي سان گڏ حبشي يا ڪنهن آفريقي زبان ۾ پڻ لکيل آهي.
3. حضرت عبدالله ابن امام جعفر صادقؑ
4. حضرت عبدالله ابن جعفر طيارؑ
5. بيبي ميمونه بنت امام حسينؑ
6. بيبي اسماءِ زوجه حضرت جعفر طيار (﷦)
7. بيبي حميده بنت حضرت مسلم بن عقيلؑ
8. بيبي فضه شهزادي حبش ۽ جناب سيدة النساءِ العالمين جي ڪنيز ۽ خدمتگذار.

مٿيان نالا قبرستان جي داخلي دروازي تي لکيل آهن. ان کان سواءِ هتي بي بي ام ڪلثومؑ بنت امير المومنينؑ، بيبي سڪينه بنت امام حسينؑ، ام المومنين جناب ام سلميٰ جن کي رسالتماب هڪ شيشي مٽيءَ سان ڀريل ڏني هئي ۽ فرمايو هئائونس ته اي سلميٰ جڏهن هن مٽيءَ جو رنگ رت جهڙو ٿي وڃي ته سمجهجانءِ ته منهنجو ٻچڙو حسين ڪربلا ۾ شهيد ٿي ويو آهي. اها شيشي مون کي جبرائيلؑ آڻي ڏني آهي ۽ اها خبر ٻڌائي آهي. روايت آهي ته ٽپهري جي وقت 10 محرم سن 61 هجري واري ڏينهن ام المومنين ام سلميٰ محوِ خواب هيون، جو کين رسول خدا خواب ۾ نظر آيا. سندن وار مبارڪ کليل ۽ گرد آلود هيا. ام سلميٰ کي مخاطب ٿي چيائون ته سلميٰ حسينؑشهيد ٿي ويو آهي. تون ستي پئي آهين. ام المومنين خواب مان بيدار ٿي شيشي ڪڍي جو ڏسي ته ان ۾ پيل مٽي رت جهڙي ڳاڙهي ٿي وئي هئي. ان کان پوءِ هن سڄي هاشمي ويڙهي کي اطلاع ڏنو ۽ سڄي مديني ۾ ڪهرام مچي ويو. ٻي بيبي اُم المؤمنين اُم حبيبه بنت ابو سفيان آهي. ام المومنين ام حبيبه لاءِ روايت آهي ته مڪو اڃا فتح ڪونه ٿيو هو ۽ پاڻ رسول اڪرم جي زوجيت ۾ هيون. هڪ لڱا ابو سفيان مديني آيو ۽ سڌو ام حبيبه جي گهر آيو. اچڻ سان بستر رسول تي اچي ويٺو ۽ ڌيءُ کان پڇيائين ته محمدﷺ ڪٿي آهي؟ رسولﷺ جي بستر تي ويهڻ جي ڪري ام حبيبه کي سخت غصو آيو ۽ پيءُ کي چيائين ته هتان اٿو. جو هي بسترو رسول پاڪ جو آهي ۽ توهين ڪافر آهيو. ابو سفيان ڪاوڙ سٽيندو ۽ ڌيءُ کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو گهران نڪري ويو. ان کان سواءِ هتي جناب عبدالله بن امام زين العابدينؑ۽ عبدالله بن مڪتوم﷦ صحابي رسولِ خداﷺ به دفن ٿيل آهن. قبرستان ۾ اندر ئي بي بي سڪينه بنت امام حسينؑ ۽ جناب ام ڪلثوم بنت عليؑجون ضريحون به آهن. اسان هيٺ تهه خاني ۾ لَهي وياسين، جو ڪنهن زماني ۾ قيدخانو هيو ۽ ڪربلا جي اسيرن کي اتي رکيو ويو هو. هيءَ اهڙي جڳهه هئي، جيڪا قبرستان جي اندر بيابان ۽ بُٺَ ۾ هُئي. هتي بي بي سڪينهؑ کي صغيرسني ۾ سندن وفات تي امام زين العابدينؑ پنهنجن هٿن سان دفن ڪيو هو. بي بي جي روضي تي ٻه رڪعتون نماز ادا ڪري معصوم بيبيءَ جي صغير سني ۾ هيترين مصيبتن کي ڀوڳڻ تي بي اختيار گريو ڪيوسين. امام حسينؑجي شهادت کانپوءِ مسلمانن جون خيمن کي باهيون ڏيڻ، ننڍڙي سڪينهؑ جا ڇڪي دُر لاهڻ جنهن ڪري سندن ڪنن مان خون جاري ٿيو ۽ سخت سور ۽ ايذاءُ رسيو هُين. اونداهي زندان ۾ قيد ڪرڻ اهو سڀ ڪجهه سوچي ڪوئي ڪٺور دل انسان ئي نه روئندو باقي جنهن ۾ رتي برابر به انسانيت هوندي، اهو انهن ظلمن کي ياد ڪري اشڪبار ضرور ٿيندو. سائڻ سڪينه جي تربت تي اسان جي مولوي صاحب سندس مصائب تي مجلس پڙهي ۽ اسان سڀني گريو ڪيوسين. ان کان پوءِ بيبي ام ڪلثوم بنت حضرت عليؑ جي زيارت ڪري. بي بي فضه ، حضرت بلال حبشي﷦ جيڪو اولين مسلمانن مان هو ۽ جناب رسول خداﷺ جي برقعي مٽائڻ کان پوءِ اذان ڏيڻ ڇڏي ڏني هئائين. ان کانپوءِ حضرت عبدالله ابن جعفر طيار﷦ جي تربت تي آياسين. غرض ته سڀني مقتدر هستين جون زيارتون ڪيونسين. جن جا نالا مٿي ڏئي چڪو آهيان.
اتي هڪ پراڻي، بوسيده ڀڳل ٽٽل ڇت سان هڪ قبر نظر آئي، جنهن لاءِ ٻڌايو ويو ته حضرت معاويه جي قبر آهي، پر مون کي اها ڳالهه ذاتي طور تي سمجهه ۾ ڪونه آئي. ان ڪري جو عباسين جڏهن اموين تي فتح حاصل ڪئي ته هنن زنده شهزادن کي ته هڪ محفل رچائي، مدعو ڪيو، جنهن ۾ شراب ۽ شباب جو دور دوران هئو، جڏهن اموي مخمور ٿيا ته عباسين جلادن کي سندن سر قلم ڪرڻ لاءِ اشارو ڪيو ۽ ائين ڪي ٿڏي تي مري ويا ۽ جيڪي زخمي هئا، تن جي مٿان قالين وڇائي عباسين رقص پئي ڪيو ۽ هو زخمن ۽ ٻوسٽ جي ڪري مري ويا. ان کان سواءِ انهن ڪنهن به اموي جي قبر کي ڪونه ڇڏيو، پر هر هڻائي هڏا ڪڍي ساڙائي ڇڏيا هئائون. سو امير معاويه جي قبر ڪٿان آئي. مون کي اها ڳالهه من گهڙت ۽ جڙتو لڳي. باب صغير مقابر سبايه مان نڪري روڊ جي ٻئي طرف مقام سر شهدا ۽ ملحقه مسجد جي زيارت ڪئي سين جيڪو به ان زماني ۾ زندان هيو. اتي نماز ظهرين ادا ڪئي سين. اٽڪل ساڍي ٽين بجي ڌاري حضرت هابيل بن حضرت آدمؑ جي زيارت لاءِ نڪتاسين. حضرت هابيل جي مقبري تي پهچڻ ۾ تقريباً هڪ ڪلاڪ کن لڳي ويو. رستو مري جي رستي وانگر جبل جي چوڌاري ٿي ڦريو. رستي تي ڪيتريون ئي چيڪ پوسٽون آيون، جن تي بيهاريو ويو ۽ فوجي اندر گهڙي مسافرن کي ڏسي واپس لهي ٿي ويا. روڊ ڏاڍو خطرناڪ ۽ پر پيچ هو، پر ڊرائيور ڪمال مهارت ۽ ڪافي اسپيڊ سان وڏي اطمينان سان گاڏي هلائيندو ٿي رهيو. قرب و جوار جو نظارو بالڪل اهڙوئي هيو، جهڙو پاڪستان جي اترين علائقن جو آهي. حضرت هابيل جو مقبرو سطح سمنڊ کان 7000 فوٽ کن اوچو ٿيندو. هابيل جي روضي کان پهريان واري چيڪ پوسٽ تي ڪيمرائون وٺي رکيائون، ڇو ته حضرت هابيل واري ايراضيءَ ۾ فوٽو ڪڍڻ جي ممانعت آهي. الله الله ڪري حضرت هابيل تي پهتاسين. علائقو بي حد خوبصورت ۽ وڻندڙ هو. حضرت هابيل جي قبر تقريباً 20 فوٽ ڊگهي ۽ چار فوٽ ويڪري آهي. قبر جي چوڌاري گِرل لڳل آهي. اندر هڪ فريم ۾ حضرت آدمؑ کان وٺي رسول اڪرمﷺ تائين شجرو لڳل هو. ان کان سواءِ قرآني آيتون وغيره فريمن ۾ لڳل هيون. مقبرو ۽ ملحقه مسجد ٻئي ننڍا پر خوبصورت عمارتون آهن. مقبري ۾ ڪنهن چشمي مان پاڻي اچي ٿو، جيڪو پيئڻ ۾ مٺو ۽ لذيذ آهي. مان مقبري کان ٻاهر نڪري ٿورو اڳيان نظارو ڏسڻ ويس ته سامهون لبنان نظر پئي آيو. کاٻي پاسي جي جبلن لاءِ ٻڌايو ويو ته اهي گولان هائيٽس آهن. هتي هر قسم جا دوڪان ريسٽورينٽس ۽ ٻيون شيون شڪليون ويندي ڪپڙن تائين هر شيءِ موجود آهي. دمشقي جوڙا هتي پڪنڪ ملهائڻ ايندا آهن ۽ رات جو رهي به پوندا آهن. اوسي پاسي ۾ صوفن آڙن ۽ ٻين ڦلن جا وڻ آهن. مجموعي طرح ڏاڍي دل لڀائيندڙ جڳهه آهي. حضرت هابيل جي قبر تي ماڻهن کي مون گول پٿر Pebbles گسائيندي ڏٺو، پُڇڻ تي معلوم ٿيو ته پٿر گسائي ماڻهو پاڻ سان کڻي ويندا آهن، جو جوڙن ۽ هڏن جي سور تي پٿر گهمائڻ سان سور لهي ويندو آهي. والله اعلم بالصواب. خير ڪجهه وقت گهمي ڦري نظارن جو لطف وٺي تقريباً پنجين بجي دمشق آياسين. دمشق جي مين روڊ کان بازارِ شام يا سوق الحميديه ۾ داخل ٿياسين. بازار شام جو داخلي دروازو پٿر جو ٺهيل هئو ۽ ڪافي اوچو هو. محرابي دروازي جي مٿان نقش ونگار ڇپيل هئا. جيڪي هاڻي گهڻي قدر ڦٽي ويا هئا. بازار شام اها بازار آهي، جيڪا منو ڪلوميٽر کن ڊگهي آهي. ۽ مسجد بنو اميه يعني سابق درٻار يزيد ملعون تي ختم ٿئي ٿي. روايت آهي ته اهو منو ڪلوميٽر جو مفاصلو اهلبيتؑ اطهار جي قيدي قافلي کي ٽن ڏينهن ۾ طئي ڪرايو ويو هو يعني اسيران ڪربلا ان وچ ۾ مسلمانن جون پندرهن اذانون ٻڌيون هيون. بازار ۾ هڪ باب ساعت آهي، اِها اُها جڳهه آهي، جتي اسيران ڪربلا عليهم سلام جي قافلي کي 18 ڪلاڪ اڀ پيرو بيهاريو ويو هو. درٻار کان اها جاءِ فقط 72 قدمن جي مفاصلي تي آهي.
باب الساعت جي هيٺان ڪاغذي گلن جي تزئين و آرائش مستقل ڪئي ويندي آهي ۽ اها وڏي اهتمام سان صدين کان جاري و ساري آهي. اها آرائش انهيءَ جڳهه تي جتي اسيران ڪربلا کي 18 ڪلاڪ بيهاريون ويو هو ۽ مٿانئن پٿر اڇلايا ويا هئا، دمشنانِ اهل بيت پنهنجي دل جي تسڪين لاءِ ڄڻ هڪ مذهبي فريضو سمجهندا آهن ۽ ملهائي خوش ٿيندا آهن، ڇو ته هن علائقي ۾ اموي نسل جا ڪيترائي ماڻهو رهن ٿا، جيڪي اهل بيت اطهار جا ڪٽر دشمن آهن. جيئن ته شام هڪ سيڪيولر ملڪ آهي، تنهن ڪري ڪنهن جي زباني يا عملي دل آزاري ڪرڻ کان سواءِ جيڪڏهن ڪو به ماڻهو پنهنجي مذهب يا فرقي تي هلي ٿو ته ان تي ڪائي پاندي ڪانهي. باب الساعت کي سينگارڻ سان بلاشبه اهل تشيع ۽ عام سني مسلمانن جي دل آزاري ته ٿيندي هوندي، پر مذهبي آزاديءَ جي ڪري ڪو دنگو فساد ڪونه ٿو ٿئي. بازار شام هڪ ڍڪ بازار آهي. جنهن جي ڇت ونگ يا تجرتي اڌ گول جي صورت ۾ آهي. سندس ٻنهي طرفن کان هر قسم جا دڪان آهن. دڪانن جي مٿان درين مان اهل بيت تي پٿر وسايا ويا هئا ۽ انهن تي چٿرون ۽ ٺٺوليون ڪيون ويون هيون. اها آهي اسان مسلمانن جو شاندار ماضي جو آل رسولﷺ کي باغي قرار ڏئي مردن کي شهيد ڪري عورتن ۽ ٻارن کي اسير ڪري ڪربلا کان دمشق هڪ بي آب و گياهه رستي کان آندو ويو هو، جيڪو 1200 ڪلوميٽر ڊگهو هو، جڏهن ته اصل رستو 900 ڪلوميٽر کن هيو، پر جيئن ته اصل رستي تي ڳوٺن ۽ وستين ۾ رهڻ وارن کي خبر پئجي وڃي ها ته هي خاندان رسالتماب آهي ته ماڻهو اٿي کڙا ٿين ها، تنهن ڪري اسيران ڪربلا کي اهڙي رستي کان آندو ويو، جيڪو نه فقط ڊگهو، ڏکيو، غير معروف هو، پر اتان جي ماڻهن کي خبر به ڪونه هئي، ته هي ڪنهن جو قافلو آهي. جڏهن انهن کي ٻڌايو ٿي ويو ته هي حڪومت جا باغي ۽ قيدي آهن ته انهن وستين ۽ واهڻن جي ماڻهن پڻ قافلي تي پٿر ٿي وسايا. نه فقط اهو پر ان رستي تي ڪيترن ئي معصوم ٻارڙن جون قبرون آهن، جيڪي اٺن کي هڪلڻ ۽ سندن ڀڄڻ جي ڪري ڪجاون تان ڪريا ٿي ۽ سندن مائن کي اجازت ڪانه هئي ته اهي ٻارن کي کڻن. ڪي ته تڏي تي ئي ٿي مري ويا ۽ ڪي تڙپي تڙپي شهيد ٿي ويا، پر ملعونن قافلي کي نه ٿي بيهاريو.
بازار شام ختم ٿيندي ئي ان جي آخر ۾ وري ٻه سنهيون بازاريون نڪرن ٿيون. کٻي پاسي واري سوڙهي بازار جناب بيبي رقيه بنت امام حسينؑ جي روضي ڏي ٿي وڃي، جنهن جو ذڪر اڳتي ايندو. يزيد جي محل يا مسجد اميه کان پهريان رومن ديوتا جپيٽر جي مندر جا مکيه کنڊر آهن، جن کي حڪومت شام مينٽين ڪندي ٿي اچي. جپيٽر جي مندر کان کاٻي طرف هڪ سنهي گهٽي ٿي وڃي، جنهن تي ٻه بندوق بردار سپاهي پهرو ڏئي رهيا هئا. ٻڌڻ ۾ آيو ته ان طرف يزيد جي قبر هئي، پر هاڻي اها موجود ناهي، پر ان طرف سندس خاندان جا ماڻهو ۽ ٻيا بنو اميه جا افراد جيڪي عباسين کان بچي ويا هئا، رهن ٿا. تنهن ڪري زائرين جي اوڏانهن وڃڻ تي پابندي آهي. هاڻي اسين مسجد بنو اميه ۾ داخل ٿياسين، جيڪا هڪ پر شڪوه عمارت آهي. پٿر ۽ چُنَ سان اوساري ٿيل آهي، پٿر تمام وڏا ۽ سهڻي طريقي سان تراشيل آهن، جنهن کي اسين علم تعمير ۾ Ashlar Masonry چوندا آهيون. پٿر جي سائيز 6x4 فوٽن کان گهٽ نه هئي. ڇت تمام اوچي ۽ ڪاٺ جي پٽين ۽ رنگين روف ٽائيلن سان ٺهيل هئي. اها درٻار اصل ۾ آرمينيائي عيسائين جي هڪ ڪليسا هئي، جنهن تي مسلمانن قبضو ڪري درٻار ۾ منتقل ڪري ڇڏيو. بنو اميه جي اقتدار جي خاتمي کان پوءِ ان کي مسجد ۾ تبديل ڪيو ويو. خبر ناهي ته ان جو نالو مسجد بنو اميه ڪهڙي دور ۾ رکيو ويو آهي. ٿي سگهي ٿو ته صلاح الدين ايوبيءَ جي زماني ۾ رکيو ويو هجي، ڇو ته هو به اهلبيت جو دشمن ۽ محبانِ اهلبيت جو جاني دشمن هيو.
مسجد ۾ حضرت يحيٰ بن ذڪرياؑ جي تربت آهي. چون ٿا ته هتي هڪ کوهه هوندو هو. ان جي محراب تي حضرت يحيٰ بن ذڪرياؑکي ڦاسي ڏئي شهيد ڪيو ويو هو. هڪ روايت آهي ته کين ذبح ڪيو ويو هو. مسجد جي صحن ۾ ٽي مکيه جايون آهن. پهرين اها جتي بيبي زينبؑ بيهي خطبو ڏنو هو ۽ درٻار ۾ سخت بي چيني پئجي وئي هئي. ان ڪري بيبيؑ جي آواز کي دٻائڻ لاءِ يزيد ملعون ڪيترن ئي مؤذنن کي گهرائي زور زور سان اذانون ڏيارڻ شروع ڪيون، جيئن بيبيؑ جو آواز ماڻهن تائين نه پڄي. ڏهن ٻارهن موذنن جو اذان ڏيڻ جو رواج اڄ ڏينهن تائين قائم آهي. مون به کين اذانون ڏيندي ٻڌو. ڏهه ڄڻا اسٽولن تي ويٺل هئا ۽ سندن سامهون مائيڪون لڳل هيون ۽ واري واري سان اذان جا لفظ دهرائيندا ٿي ويا. بيبي زينبؑ جي خطبي ڏيڻ واري جاءِ تي هاڻي هڪ اٺ ڪنڊو گنبذ آهي. ٻي جڳهه ڏنڊي ٻيڙيون لڳل اسيران ڪربلا جي بيهڻ جي جاءِ آهي. هتي به هڪ گنبذ تعمير ٿيل آهي. ٽين جڳهه انهيءَ ملعون موذن جي اذان ڏيڻ جي آهي، جنهن 16 دفعا لمبي لمبي اذان چئي بيبي جي خطاب ۾ رخنو پئي وڌو. انهن ٽنهي جاين تي مختلف نمونن جا گنبذ ٺهيل آهن. انهن پليدن کي اهو شرم به ڪونه پئي آيو ته اذان ۾ گهڙي گهڙي رسول پاڪﷺ جو نالو پئي ورتو ويو ۽ انهيءَ ئي سيد النبياء جي اولاد کي زنجير جڪڙي درٻار ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيهاريو ويو هو. هتي هڪ ڳالهه ٻڌائيندو هلان ته آچر جي ڏينهن فجر جي نماز کان پوءِ مسجد اميه عيسائين لاءِ کولي ويندي آهي ته جيئن هو پنهنجي سروس ۽ عبادت ڪري سگهن. اهڙي مذهبي رواداري شام کان سواءِ ڪٿي به ڪونهي.