سفرناما

هل هِنئين سين هوت ڏي

هي ڪتاب ايران، عراق ۽ شام جي زيارتن تي مشتمل سفرنامو آھي جنھن جو ليکڪ مختار جانوري صاحب آھي.
جانوري صاحب ڪتاب ۾ لاڙڪاڻي کان ڪوئٽا، تافتان ۽ مشھد، نيشاپور کان ڪربلا، ڪوفہ ۽ عراق جي ٻين شھرن بغداد، ڪاظمين ۽ شام جي دمشق سميت ٻين زيارتن ۽ انھن شخصيتن بابت تفصيلي لکيو آھي.
Title Cover of book هل هِنئين سين هوت ڏي

ڪربلا ۾ پلو

ڪربلا ۾ پلو

اسان ننڍي هوندي کان ٻڌندا ايندا هئاسين ته پلو رڳو سنڌ ۾ ٿو ٿئي، سو ان عقيدي کي مون ته ڳنڍ سان ٻڌي ڇڏيو هو، پر يونيورسٽيءَ مان انجنيئرنگ جي تعليم پوري ڪري جيئن عملي زندگيءَ ۾ آياسين ته هڪ دوست ٻڌايو ته پلو ته آمريڪا ۾ به ٿيندو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته بنگلاديش ۾ سانوڻ جي ڪنهن مهيني ۾ سندس هڪ سيمينار ۾ وڃڻ ٿيو. لنچ بريڪ ۾ جڏهن منجهند جي ماني لڳائي وئي ته اتي تريل پلي جي هڪ ڊش هئي. سو اسان به هڪ ڏينهن ڪربلا جي ڍڪ بازار مان گذرياسين ته مهاڻن کي ڏنڀري ۽ ڪرڙي سان گڏ پلو به وڪڻندي ڏٺوسين. اسان چار کن پلا ورتا ۽ هوٽل تي کڻي آياسين. هوٽل جي مينيجر کي عرض ڪيوسين ته پلا پچرائي ڏي. هن ڀرسان ئي هڪ تنور واري کي گهرايو. پچائڻ جا پيسا طئي ڪري پلا هن جي حوالي ڪياسين. ڳپل وقت کان پوءِ هو پڪل پلا هڪ وڏي ٿالهه ۾ کڻي آيو. يقين ڪيو ته انهن کان وڌيڪ لذيذ پلو مون اڳ ۾ ڪڏهن ڪونه کاڌو هو. دنيا ۾ جِتي به درياهه سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو، ان ۾ پلو ٿئي ٿو. اهڙي طرح دجله ۽ فرات ٻنهي ۾ پلو ٿئي ٿو. تنهن ڪري اهو مفروضو ته پلو رڳو سنڌ ۾ ٿو ٿئي، صحيح ناهي.
تاريخ 11.9.97 تي صبح جو سوير اٿي حرم امام حسينؑ ۾ اچي نماز شب يعني تهجد پڙهي، نماز فجر پڙهي سين. ان کان پوءِ غازيؑ جي روضي جي زيارت ڪري هوٽل تي آياسين. هوٽل تي تيار ٿي ناشتو اڃا ڪيون پيا ته بس اچي وئي. اڄ اسان جو رٿيل پروگرام ٿورو وڏو هو، ڇو ته اسان کي نجف اشرف وڃڻو هو ۽ وري واپس موٽي اچڻو هو. ان ڪري جو اسان جو قيام ڪربلا ۾ ئي هو. رستي تي وري شهر الهنديه مان گذر ٿيو، جنهن لاءِ مٿي ٻڌائي چڪو آهيان ته هي شهر فرات جي ڪناري تي آباد آهي ۽ هن جڳهه تي هندستاني زائرين جا قافلا قيام ڪندا هئا، تنهن ڪري شهر جو نالو ئي پئجي ويو الهنديه. اڳيان هلي هڪ ڳوٺ ۾ مولا علي جي فرزند حضرت ابوبڪر بن عليؑجي زيارت ڪئي سين. هن ڳوٺ جي به حالت زار ڏسي روئڻ ٿي آيو. هتي تمام گهڻيون عورتون بيٺيون هيون، جن جا هٿ خيرات گهرڻ لاءِ ڊگهيريل هئا. ان کان سواءِ ٻارڙن جو هڪ جم غفير هو، جيڪو زائرين جي پويان خيرات لاءِ ڊوڙندي ٿي رهيو.
رستي تي بابل يونيورسٽيءَ وٽان گذر ٿيو، جنهن لاءِ ٻڌايو ويو ته ان ۾ ڪيتريون ئي فيڪلٽيز آهن. عمارتون گهڻو ڪري هڪ منزله ۽ ٻيو ته آرڪيٽيڪچرل خوبصورتيءَ ۾ پوريون ساريون هيون. اسان جي اڳين منزل مرقد نبي الله حضرت ايوبؑ هئي، جتي دعا گهريم ته اي الله واسطي پنجتن پاڪ ۽ نبي ايوبؑ جي مون کي ڪنهن امتحان ۾ نه وجهجانءِ، ڇو ته مان هڪ گيدي، ڪانئر عبد حقيرو ذليل آهيان، ۽ مون ۾ وتائي فقير وانگر هڪ ڪنڊي جي چڀڻ جيتري به برداشت ڪانه آهي. مان ڪنهن قسم جي آزمائش سهڻ جهڙو ناهيان. تنهن ڪري مونکي آزمائش ۽ امتحان کان هميشه پناهه ۾ رکجانءِ.
تقريباً ساڍي يارهين بجي ڪوفي شهر ۾ صحابي امير المومنين حضرت ميثم تمار﷦ جي روضي تي آياسين. بس مان لهڻ کان اڳ ۾ ئي ڊرائيور سمجهايو ته پنهنجن کيسن جو خيال ڪجو، ڇو ته هي ڪوفو شهر آهي ۽ هتي بشني ۽ ڳنڍيڇوڙ تمام گهڻا آهن. حضرت ميثم تمار جو مختصر تعارف هيٺ ڏجي ٿو.