حضرت مختار ثقفي
حضرت مختار ثقفي ابو عبيد ثقفي جو فرزند هيو، جيڪو فارس سان ٿيل جنگ ۾ لشڪرِ اسلام جو سالار هئو. جنگ جي ميدان ۾ هاٿيءَ جي پيرن هيٺان چيڀاٽجي شهيد ٿي ويو. مختار ثقفي اهلبيت کي پيارو گهرندو هو ۽ خانواده رسولﷺ سان سندس محبت هوندي هئي. حضرت مسلم بن عقيلجڏهن امام حسينؑ جي سفير جي حيثيت ۾ ڪوفي آيا ته مختار ثقفي جي گهر ترسيا هئا. مختار ثقفي انهيءَ وچ ۾ ڪوفي جي مختلف قبيلن ڏانهن امام عاليمقام جي بيعت وٺڻ لاءِ روانو ٿيل هو ته پويان عبيدالله ابن زياد لعنتي ڪوفي جو حاڪم مقرر ٿي آيو. ڪوفي جون حالتون يڪسر تبديل ٿي ويون ۽ حضرت مسلم بن عقيل امير مختار جو گهر ڇڏي هاني بن عروه جي گهر رهائش اختيار ڪئي. جڏهن مختار بيعت وٺي واپس آيو ته حضرت مسلم بن عقيل جي شهادت ٿي چڪي هئي. ابن زياد مختار ثقفيءَ کي قيد ڪيو. مختار ثقفي قيد ۾ ئي هيو، جو واقعه ڪربلا رونما ٿيو. واقعه ڪربلا جي ظلم کان پوءِ مختار ثقفي قسم کنيو هو ته قاتلان حسينؑکان ضرور بدلو وٺندو. قيد مان آزاديءَ کان پوءِ مختار ثقفي حضرت محمد حنفيه بن علي المرتضيٰ کان خون حسين جو بدلو وٺڻ لاءِ اجازت گهُري ڇو ته حضرت محمد حنفيه امام زين العابدينؑ جي گوشه نشيني جي ڪري سندن نمائنده هوندا هئا. امير مختار اجازت وٺڻ کان پوءِ ماڻهو گڏ ڪرڻ شروع ڪيا ۽ عبدالله ابن زبير طرفان مقرر ڪيل حاڪم کي ڪوفي مان تڙي ڇڏيو. اهڙي طرح ڪوفي ۾ امام ۽ سندن آلِ جي قاتلن کي چونڊي چونڊي جهنم رسيد ڪيائين، جن ۾ عبيدالله ابن زياد، عمر بن سعد بن ابي وقاص، شمربن ذي الجوشن، حرمله، خولي، سنان بن انس، حصين بن نمير، شبث بن ربعي ۽ انهن سڀني ملعونن کي قتل ڪيو، جن جگر گوشه مصطفيٰﷺ، نورعين فاطمهؑ ۽ بُعضة عليؑ مظلوم ڪربلا امام حسينؑ کي ٽن ڏينهن جو بکيو ۽ پياسو پنهنجي اهل و عيال ٻچڙن ۽ اصحاب سان گڏ ڪربلا جي لُڪ ۽ تپندڙ واري ۾ شهيد ڪيو هو. مون کي ياد آهي ته جولاءِ 2009ع ۾ مان دوستن سان گڏ عراق جون زيارتون ڪري ايلام جي بارڊر کان ايران ۾ داخل ٿيو هوس. اميگريشن ۽ ڪسٽم ۾ چار ڪلاڪ کن لڳي ويا. اميگريشن تي عراقين سان گڏ امريڪي پڻ هئا. جيستائين اسان جو وارو اچي، اسين هڪ چئني طرفن کان کليل شيڊ ۾ ويٺا هئاسين. اهڙو ته زوردار جهولو ۽ لُڪ هئي، جو ائين پئي محسوس ٿيو، ڄڻ منهن ۾ اڱر يا ٽانڊا لڳندا هجن. ويٺي ويٺي الائي جي ڪيتريون بوتلون پاڻيءَ جون پي وياسين. اها آهي عراق جي گرمي ۽ تقريباً اها ئي مند هئي، جڏهن امام عاليمقامؑجي قافلي کي نهر علقمه کان فاصلي تي روڪيو ويو هو. جيئن امام جي پاڻيءَ تائين رسائي نه ٿئي. ستين محرم کان وٺي پاڻي بند ڪيو ويو ۽ ڏهين جي ڏينهن واقعه ڪربلا رونما ٿيو هو.