سفرناما

هل هِنئين سين هوت ڏي

هي ڪتاب ايران، عراق ۽ شام جي زيارتن تي مشتمل سفرنامو آھي جنھن جو ليکڪ مختار جانوري صاحب آھي.
جانوري صاحب ڪتاب ۾ لاڙڪاڻي کان ڪوئٽا، تافتان ۽ مشھد، نيشاپور کان ڪربلا، ڪوفہ ۽ عراق جي ٻين شھرن بغداد، ڪاظمين ۽ شام جي دمشق سميت ٻين زيارتن ۽ انھن شخصيتن بابت تفصيلي لکيو آھي.
Title Cover of book هل هِنئين سين هوت ڏي

طُوس ۽ فردوسي

طُوس ۽ فردوسي

نومبر 1991ع جي دوري دوران اسان طوس ۾ فردوسي جي مقبري تي به ويا هئاسين، جنهن جو ذڪر ڪرڻ به هتي غير مناسب نه ٿيندو. طوس مشهد سان لاڳيتو هڪ ننڍڙو شهر آهي. جيڪو مامون رشيد جي زماني ۾ هڪ وڏو شهر ۽ عباسي خليفن جو تختگاهه هيو. مشهد مقدس ان زماني ۾ شهر ڪونه هيو، پر امام رضاؑ جي تدفين کان پوءِ آهستي آهستي ٻڌجڻ لڳو ۽ امامؑ جي برڪتن سان وڌندو رهي ٿو. هي خوبصورت شهر جنهن جا مضافاتي علائقا به جنت جو ڏيک ڏين ٿا، ايران جو ٻيو نمبر وڏو شهر ۽ دنيا جي صاف ۽ خوبصورت شهرن منجهان هڪ آهي. اسان هڪ صبح جو ٽيڪسي ڪرائي طوس لاءِ نڪتاسين، اڌ مني ڪلاڪ جي فاصلي تي اسانجي سامهون فردوسيءَ جو مقبرو ڪر کنيو بيٺو هو. گيٽ تي ٽڪيٽون وٺي، جن جي قيمت غالباً ان وقت 200 تومان هئي، اندر داخل ٿياسين. سڀ کان پهريان مان ميوزيم جي ڪتاب گهر ۾ داخل ٿيس، ۽ اتان شاهنامو فارسي ۽ انگريزي ترجمي سان خريد ڪيم. ڪتابن جي پرنٽنگ، بائينڊنگ ۽ پنو ڏاڍو سٺو هيو. ان کان علاوه مون فردوسيءَ جي سوانح تي هڪ ڪتابچو ۽ ويو ڪارڊس جو سيٽ خريد ڪيو. مون سان آيل دوستن مان ڪنهن کي به ڪتابن جو شوق ڪونه هئو ۽ نه وري فردوسيءَ جي باري ۾ ڪا ڄاڻ هئي، تنهن ڪري خاموشيءَ سان مون ڏي ڏسندا رهيا ۽ پڇندا رهيا ته، هي ڇا ٿا وٺو؟ هن ڪتاب ۾ ڇا آهي؟ وغيره وغيره. طوس شهر جي چوڌاري پهاڙي سلسلي کي ڪوههِ طوس چوندا آهن. فردوسيءَ جي قبر زير زمين آهي، مٿان ڊمي قبر اڏيل اٿس. ديوارن تي شاهنامي مان ورتل بيتن تي پٿر تي اُڪريل منظرڪشي ڪئي وئي آهي. منظرنگاري ايڏي ته مهارت سان ڪئي وئي آهي، جو ساراهڻ کان سواءِ رهي ڪونه ٿو سگهجي. هاڻي اسين ميوزيم ۾ داخل ٿياسين. فردوسيءَ جو لکيل شاهنامو 1400 اخباري صفحن تي مشتمل آهي ۽ سندس وزن اٽڪل 72 ڪلوگرام آهي. هتي به ديوارن تي شاهنامي مان ورتل پينٽنگز ٺهيل هيون، جن کي مصورن ڪمال مهارت سان منقش ڪيوهو. هتي پراڻا جنگي ساز و سامان ۽ منهن ڀريون بندوقون ۽ مختلف تلوارون وغيره رکيل هيون، جن مون کي تمام گهڻو مزو ڏنو. اچو ته هاڻي ڪجهه فردوسيءَ جي باري ۾ مختصر احوال ڏيون.
ابوالقاسم فردوسي جنهن جي اصل نالي جي خبرناهي، ڇو ته ابوالقاسم ڪنيت ۽ فردوسي تخلص اٿس. سن 940 عيسويءَ ڌاري ڄائو ۽ سن 1020ع ۾ طوس ۾ وفات ڪيائين. هڪ روايت مطابق سلطان محمود غزنوي فردوسيءَ کي گهرائي چيو ته، تون جيڪڏهن منهنجي شان ۾ شاهنامو لکين ته مان توکي هر بند عيوض هڪ سونو سڪو ڏيندس. چون ٿا ته فردوسي اهو ان ڪري قبول ڪيو، جو هن کي پنهنجي شهر جي چوڌاري هڪ ديوار يا بند اڏرائڻو هو. بهرحال هن 20 سالن جي طويل عرصي ۾ شاهنامو ٺاهي مڪمل ڪيو. چون ٿا ته بادشاهه درٻاري چالبازن ۾ اچي سونن سڪن جي بجاءِ کيس 60000 چانديءَ جا سڪا ڏياري موڪليا، جيڪي هن قبول نه ڪيا، بلڪ غلامن ۽ عام ماڻهن ۾ ورهائي ڇڏيا ۽ ڪجهه رقم قاصد کي پڻ ڏنائين. قاصد اهو سڄو قصو وڃي بادشاهه کي ٻڌايو ته هو تپي باهه ٿي ويو ۽ فردوسيءَ کي گرفتار ڪرڻ ۽ قتل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيائين. فردوسيءَ انهيءَ وچ ۾ طوس مان ٻاهر نڪري ڪنهن ڳجهي جڳهه تي لِڪو، جتي بادشاهه جي بي وفائيءَ ۽ عهد شڪنيءَ تي شاهنامي وانگر ئي ’هجونامو‘ لکيو. انهيءَ وچ ۾ بادشاهه کي درٻارين جي بدمعاشين جي به خبر پئجي وئي ۽ شرمندو ٿيو. هن هڪ خط سان گڏ 60000 سونا سڪا، معافي نامو ۽ شاهي خلعت فردوسي ڏي ڏياري موڪلي، پر چون ٿا ته هڪ پاسي بادشاهي قاصدن جو قافلو طوس شهر ۾ گهڙيو ٿئي ته ٻئي پاسي هن عظيم شاعر جو جنازو کڄي آخري آرامگاهه ڏانهن روانو ٿي رهيو هيو. فردوسيءَ کي پنهنجي ئي باغ ۾ دفن ڪيو ويو، جتي اڄ ڪلهه سندس مدفن آهي.