وطن واپسي
اڄ 24 سيپٽمبر 1997ع تي اسان جي ساٿي زوار ڪوڙل صبح جو چئين بجي اٿاريو. هٿ منهن ڌوئي وُضو ڪري حرم ۾ نماز شب ۽ نماز فجر ادا ڪرڻ کان پوءِ معصومه قم کي وداعي سلام ڪيوسين. ان کانپوءِ وري هوٽل تي آياسين. اسان کي هتي لاهوري قافلي کان ڌار ٿيڻو هو، جو هنن جي منزل مشهد پاڪ ۽ اسان جي منزل زاهدان هئي. بيبي عابده روئي موڪلايو ته مون کي توهان جهڙا ڀائر مليا، جن سان پندرهن ڏينهن کن ساٿ رهيو ۽ توهان منهنجو سڳي ڀيڻ وانگر خيال رکيو، جڏهن ته منهنجي پنجابي ڀائرن منهنجي ڪابه مدد ڪانه ڪئي. خير هن رقت آميز منظر ۾ اسان کانئن موڪلايو ۽ ستين بجي هوٽل ڇڏي بس پڪڙي تهران روانا ٿياسين. نائين بجي ڌاري تهران ٽرمينل جنوبيءَ تي پهتاسين. ڪلاڪ ٻه ٽرمينل تي گهمندا رهياسين، جيستائين بس لڳي. ايران خصوصاً تهران جو بس ٽرمينل ايئرپورٽ وانگر آهي، جنهن ۾ هر تعاوني شماري جي بس جو پنهنجو پنهنجو ڊڪٽ آهي، جيئن اسان وٽ جهاز اچي اسڪاءِ برج ۾ لڳندو آهي ۽ مسافرواڪ ويز جي ذريعي جهاز تي چڙهندا آهن. هتي به هر تعاوني شماري جو پنهنجو دروازو آهي، جنهن مان مسافر سامان کڻي اتي بيٺل بس تي چڙهندو آهي.
تقريباً پوڻين يارهين بجي بس لڳي. جڏهن سامان رکڻ جو وارو آيو ته ڊرائيور پِڙُ ڪڍي بيٺو ته اساس زياده است. معنيٰ سامان گهڻو آهي. ايڏو سامان مفت ۾ ڪونه چاڙهيندس. ۽ انهيءَ جا وڌيڪ پئسا ڏيو، ڇو ته هر مسافر فقط هڪ بيگ کڻي سگهي ٿو. مولوي صاحب کيس ڏاڍو سمجهايو ته ٽڪيٽ تي 15 ڪلوگرام وزن لکيل آهي. تون توريندين ته اسان سڀني مسافرن جو سامان مقرر وزن کان گهٽ بيهندو، پر هو چوي ته مين نه مانون. آخر ڳالهه وڃي جهيڙي تي پهتي. مينيجر لهي آيو. مولوي صاحب ايرانين کي ست سُريون ٻڌايون. چي عراق وياسين، شام وياسين. ڪٿي به مسئلو ڪونه ٿيو، پر توهان ايرانين جهڙو بدبخت اسان کي ڪٿي به نه مليو. عراقي ۽ شامي توهان کان لک دفعا بهتر آهن. همراهه اصلي هٿن مان پيا وڃن. سخت چڙي پيا. چيائون ته توهان پاڪستاني وري ڪهڙا چڱا مڙس آهيو. ڪالهه ئي اسان جا چار ايراني انجنيئر شهيد ڪيا اٿو. واقعي هڪ ڏينهن اڳ ڪلفٽن برج جي مٿان گذرندڙ اسٽيل برج تي ڪم ڪندڙ غريب بي گناهه ايراني انجنيئرن کي اسان جي دهشتگرد مذهبي پارٽيءَ جي ڪارڪن شهيد ڪيو هو. خير اها ته هنن فقط ڳالهه ڪئي اسان کي ڪائونٽر ڪرڻ لاءِ، نه ته انهيءَ روٽ يعني تهران زاهدان روٽ تي ڊرائيور ڪلينر سڀ ايراني بلوچ هوندا آهن. جيڪي تمام گهٽيا ذهن جا مالڪ ۽ خود ايرانين جا دشمن هوندا آهن. هو حڪومت جا به سخت مخالف آهن. خير اهو ايرانين جو سياسي مسئلو آهي. باقي ايراني ايترا به سٺا ڪونه آهن، جو اسانجا شيعا مولوي صاحب انهن جا قصيدا ڳائيندا وتندا آهن. منهنجي ذاتي تجربي ۽ تجزئي مطابق ايراني پاڻ کي آريو ۽ اعليٰ نسل قوم سمجهڻ ڪري اسان کي گهٽ سمجهندا آهن. سچ پڇو ته جي اسان جون پاڪ هستيون انهن ملڪن ۾ نه هجن ته مان شايد ئي ڪوئي عرب ملڪ يا ايران گهمڻ وڃان ها. خير قصو پئي هليو سامان جو نڀاڳن پنج هزار تومان وڌيڪ وٺي سامان چاڙهيو. سوائي يارهين بجي بس خير سان رواني ٿي. جهڙو بس جو واحيات ۽ بدشڪل ڊرائيور هو تهڙو ئي هو وري سندس ايڊيشنل ڊرائيور يعني ڪلينر نڀاڳو. وڏا واتوڙي ۽ بڪواسي سڄي واٽ ايراني بلوچيءَ ۾ مٿو هڻندا ٿي هليا. هي سفر مون کي سخت بور ڪري رهيو هو ۽ ميلي جي موٽ به هئي. تنهن ڪري مان انهيءَ سوچ ۾ هئس ته هي چوويهن ڪلاڪن جو سفر ڪيئن گذرندو. خير يزد، رفسنجان، ڪاشان وغيره مان گذرندا تاريخ 25 سيپٽمبر 1997ع تي هڪ بجي زاهدان پهتاسين. سڄو علائقو خصوصاً بلوچستان وارو بُٺ ۽ بيابان آهي. علائقو غير رومانوي، گرمي، ايئرڪنڊيشنر ڪونه، بس جون خراب سيٽون، ڊرائيور ۽ ڪلينر ذليل انسان، تعاوني شماره نمبر 1 جي واحيات ۽ بي ڪار بس. هن سفر سڄي سفر جون ڪسرون پوريون ڪري ڇڏيون. رستي تي هڪ دفعو ٽائر پنڪچر ٿيس. ان کان سواءِ ڪافي دفعا بس کي خوامخواهه روڪي پئي بيهاريائين. ۽ وقت پئي ضايع ڪيائين. مطلب ته هن جي سرشت ۾ هيو ته مسافرن کي وڌ ۾ وڌ اذيت ڏجي.
زاهدان ۾ اميد هئي ته ڪجهه گهڙيون آرام ڪبو ۽ ماني کائبي پر ڪم ان جي صفا ابتڙ ٿيو. بس مان لهندي ئي هڪ مني بس ملي وئي ۽ مولي صاحب تڪڙ ڪري ان سان ريٽ طئي ڪري ورتو. مرتا ڪيا نه ڪرتا جي مصداق هن بس مان سامان لاهي مِني بس ۾ چاڙهيوسين. لڱن ۾ سور، اوجاڳي جي ڪري اکين جو ڪُرڻ ۽ دل الٽي مائل هئي، پر سڀني ڳالهين کي پويان ڦٽي ڪري بارڊر لاءِ روانا ٿياسين. بارڊر تي اميگريشن ۽ ڪسٽم ڪليئر ڪرائيندي ٻه ڪلاڪ کن لڳي ويا. آخر خروج جو ٺپو هڻائي پنهنجي ملڪ جي سر زمين تي اچي پهتاسين. پنهنجي ملڪ جي اميگريشن ۾ وقت ڪونه لڳو ۽ يڪدم فارغ ٿي وياسين. هاڻي اڃا وڏو مرحلو رهيل هو، يعني تفتان کان ڪوئيٽا تائين جو اذيت ناڪ سفر.
جيئن ئي اميگريشن مان فارغ ٿياسين بسن وارا پڪ اپن وارا ڪڍ لڳي ويا ته اسان سان هلو. جي پڪ اپ پيا ڪرايون ته گهٽ ۾ گهٽ ٽي پڪ اپ يا ان کان وڌيڪ ٿين ها. ۽ سڄو گروپ ڇڄي ڌار ڌار ٿي وڃي ها. تنهن ڪري فيصلو ڪيوسين ته بس ۾ ٿا هلون. آخر البلال بس سروس وارا اسان کي گهيري ويا ۽ سامان وڃي بس ۾ رکيائون. بک به ڏاڍي لڳي هئي، پر هن برپٽ بيابان ۾ فقط هڪڙو ئي واحيات قسم جو حفيظ هوٽل هو. جتي سخت ذليل قسم جي فرنچير تي ويهي، غليظ قسم جي ٿانون ۾ سخت بڪواس جهڙي بي سوادي ٿڌي ماني کائي شڪم سير ٿياسين. الله شل دشمن کي به ان گندي حفيظ هوٽل جي ماني نه کارائي. منهنجو وس پڄي ته اهو هوٽل ئي بلڊوز ڪرائي ان جي مالڪ ۽ ڪارندن کي ڪوڙا هڻايان، ڇو ته هو پيءُ جو ريٽ وٺي ٿڌي ۽ بي سوادي ماني زائرين کي کائڻ لاءِ ڏيندا آهن. ڌوڙ هجي انهيءَ حفيظ هوٽل ۽ سندس مالڪ جي منهن ۾. اسان جي البلال جي واحيات قسم جي ڪوچ تقريباً ساڍي ستين بجي هلي. سيٽون سوڙهيون ۽ اڀيون غير آرامده ۽ صفائي ٺپ ڪونه. پر پوءِ به بس ماڻهن سان کچا کچ ڀريل هئي. رستي تي ڪيتريون ئي چيڪ پوسٽون آيون ٿي، جن تي بلوچستان جي ليويز پوليس جا جوان تعينات هئا. ڇو ته بسن ۾ گريزي جو سامان يعني ڪمبل، ڪولر، چانهه، ايراني لسي، کاڄرو تيل، بسڪوٽ ويفر، ڪاسميٽڪس جو سامان ۽ سئيٽر وغيره سمگل ڪيو ويندو آهي. ان کان سواءِ پيٽرول جا ڪين به کڻندا آهن. تنهن ڪري جابجا بس جو ڊرائيور لهي ليويز وارن سان مڪ مڪا ڪري پئي آيو ۽ اسان جي به سامان جي چيڪنگ مان جان ڇٽي ٿي پئي. بس ٻه ليويز جا جوان ڪوچ ۾ اندر گهڙي ٿي آيا ۽ سرسري نگاهه وجهي واپس لهي پئي ويا “ويچارا سدورا”. انهيءَ سرسري چيڪنگ ۾ به ويهه پنجويهن منٽن کان اڌ ڪلاڪ تائين جو وقت ضايع پئي ٿيو. ڪوچ سڳوري ۾ ايئر ڪنڊيشنر وغيره ڪونه هو. تنهن ڪري کامندا، رجهندا ۽ پچندا 26 سيپٽمبر 1997ع تي اچي صبح جو ساڍي ڏهين بجي ڪوئيٽا لٿاسين. مون کي ٿَڪ ۽ اوجاڳي جي ڪري بخار نڪري پيو هو. سو مون ساٿين کي جواب ڏنو ته مان اڄ لاڙڪاڻي مري پوان ڪونه هلندس. هو موڪلائي ريلوي اسٽيشن ڏانهن ويا، جيئن بولان ميل پڪڙي سگهن ۽ مان وري ڪينٽ ۾ پنهنجي ڀاڻيجي رضوان علي جمالي جي گهر آيس. حالي احوالي ٿي مان بخار جون ٽڪيون کائي جو سمهيس ته شام جو اک کلي. اها رات رضوان علي وٽ رهي، ٻئي ڏينهن يعني 27 سيپٽمبر تي مان به بولان ميل پڪڙي لاڙڪاڻي آيس. ڪوئٽا اسٽيشن تي رضوان علي ۽ سندس ننڍو ڀاءُ اسد علي ڇڏڻ آيا. تقريباً رات جو ٻين اڍائي بجي تاريخ 28 سيپٽمبر تي لاڙڪاڻي پهتس.