خيمه گاهه
خيمه گاهه جي جاءِ تي به هڪ پڪي عمارت ٺاهي وئي آهي، جنهن ۾ سڄو خيمه گاهه اچي ٿو وڃي. اندر داخل ٿيڻ سان پهريون خيمو حضرت عباس علمدارؑ جو هو، پوءِ ٻنهي پاسي خيمن جا نشان آهن، جتي امام عاليمقام جي ذوالجناح ۽ ٻين اصحابن جي سوارين جي بيهڻ جي جاءِ هئي. وچ تي امام عاليمقام جي خيمي جو نشان ۽ انهيءَ جي پويان سندن حرم مبارڪن جا خيما ۽ عصمت و طهارت جي پردي دارن جي خيمن جا نشان آهن. هڪڙي جاءِ نمايان رکي وئي آهي، جتي سيد سجادؑ جن شديد بيماريءَ جي حالت ۾ ليٽيل هئا. جڏهن ته خيمن کي ملعونن باهه ڏيئي ڇڏي هئي. ۽ امام سجادؑ ان خيمي ۾ غَشي جي حالت ۾ موجود هئا. هن ڪيمپ جي آخر ۾ سرڪار قاسم بن حسينؑ جي خيمي جو نشان آهي. هتي سائين ننڍڙي مجلس پڙهي، ماتم ڪيوسين ۽ اکيون اشڪبار ٿيون. صدام جي حڪومت تائين خيمي گاهه جي هڪ ننڍڙي عمارت ٺهيل هئي. ٻنهي پاسي سيمينٽ سان ٺهيل محرابي قطارون هيون جن تي ميٽاهون رنگ ٿيل هو. هيٺ به سيمنٽ جو فرش هوندو هو. صفائي جو انتطام ناقص هئڻ ڪري جابجا مٽي ئي مٽي هوندي هئي. موجوده دور ۾ خيمي گاهه جي جاءِ تي هڪ پرشڪوه عمارت تعمير ڪئي وئي آهي جنهن جي ڀتين خوبصورت ايراني ڪاشيءَ جون ٽائلون لڳايون ويون آهن. عمارت جي مٿان گنبذ تعمير ڪيا ويا آهن جيڪي پڻ ڪاشيءَ سان مزين ڪيا ويا آهن. ڪاشيءَ تي خوبصورت خطاطيءَ ۾ قرآني آيتون لکيل آهن. سڄي عمارت ۾ عمده ۽ ٿلها ايراني ڪارپيٽ وڇايا ويا آهن. تمام عمدا ايئرڪنڊيشنر ۽ دجيٽل سائونڊ سسٽم لڳايو ويو آهي. عورتن ۽ مردن لاءِ هتي به الڳ الڳ حصا مختص ڪيا ويا آهن. هتي نماز باجماعت جو بندوبست به ٿيل آهي.