سفرناما

هل هِنئين سين هوت ڏي

هي ڪتاب ايران، عراق ۽ شام جي زيارتن تي مشتمل سفرنامو آھي جنھن جو ليکڪ مختار جانوري صاحب آھي.
جانوري صاحب ڪتاب ۾ لاڙڪاڻي کان ڪوئٽا، تافتان ۽ مشھد، نيشاپور کان ڪربلا، ڪوفہ ۽ عراق جي ٻين شھرن بغداد، ڪاظمين ۽ شام جي دمشق سميت ٻين زيارتن ۽ انھن شخصيتن بابت تفصيلي لکيو آھي.
Title Cover of book هل هِنئين سين هوت ڏي

بازارِ امام رضا

خيابانِ امام رضاؑ تي حرم طرف هلندي حرم کان ڪجهه فرلانگ پهريائين سڄي هٿ تي بازارِ امام رضا (ؑ) آهي. هيءَ بازار دوراها ۽ ٻه طبقي آهي. منهنجي اندازي مطابق سندس ڊيگهه تقريباً 3 ڪلوميٽر کن ٿيندي. بازار جي ٻنهي پاسن ۾ دوڪان آهن. هن دوراها بازار کي ڳنڍڻ لاءِ وچ تي ڪراس بازارون پڻ آهن، جيئن خريدار سولائيءَ سان بازار جي ٻئي پاسي وڃي سگهي ۽ کيس گهڻو پنڌ نه ڪرڻو پوي. هيءَ بازار ڍڪيل آهي ۽ سندس ڇت پراڻي ايراني اڏاوت جو هڪ نادر نمونو آهي. ڇت ڪمان يا تجر تي اڌ گولائيءَ ۾ ٺهيل آهي. اسان بازار مان لنگهندي مختلف دوڪانن تي نظر ٿا وجهون ته هتي خشڪ ميوه جات، زعفران، زعفراني مصري جنهن کي ايراني نبات چون، ڪپڙي، مصلن، نگن يعني ٻُڙن، تسبيحن، جن ۾ عقيق کان وٺي شاهه مقصود جي پٿرن ۽ ٻڙن جا دوڪان آهن. هتي ياقوت ۽ فيروزه جي ٺهيل منڊين ۽ تسبيحن جا دوڪان آهن. ان کان سواءِ چانديءَ جي منڊين ۾ مڙهيل حرض امام رضاؑ، حرضِ جوادؑ، حرض چهارده معصومينؑ ڪثير تعداد ۾ موجود آهن.
هتي ديده زيب ۽ خوبصورت قالينين جا دوڪان پڻ آهن، جن تي مختلف نقش و نگار کان علاوه پاڪ هستين جون شبيهون پڻ ٺهيل آهن. مان ذاتي طرح سان پاڪ هستين جي شبيهن نقش ڪرڻ جو قائل ناهيان، باقي ايراني ۽ عراقي ان ڳالهه کي ڪوئي مسئلو ئي نه سمجهندا آهن. هتي عطريات جا به وڏا دوڪان آهن. جتي توهان کي مناسب اگهه تي مشڪ، موتئي، گلاب ۽ ٻين ڪيترن ئي قسمن جا عطر ملي ويندا. ايران ۾ عموماً قيمت تي وڏي گهپي ڪرڻي پوي ٿي. ايراني خاص طور تي پاڪستانين کي شيءِ جي ٻيڻي قيمت ٻڌائيندا آهن ۽ گهڻي بحث مباحثي کانپوءِ شيءِ جي قيمت طئي ٿيندي آهي. ان خريداريءَ ۾ مان جهڙو ماڻهو ڌڪ کائي ويندو آهي، انهي شرم کان ته دوڪاندار ڇا چوندو ته ڏهه هزار تومانن جا مان کيس پنج هزار تومان آڇيان. بهرحال خريداريءَ مهل ۽ ڊالر مَٽائڻ مهل تمام گهڻو خيال ڪرڻ گهرجي ته جيئن ماڻهو ڦُرجي نه وڃي. 2010 جي آڪٽوبر ۾ مون سان اهڙي هڪ واردات ٿي هئي. مون کي هڪ نگن واري دوڪاندار هڪ سو ڊالر جا هڪ لک سٺ هزار تومان ڏنا هئا، جڏهن ته اصلي ريٽ ٻه لک چاليهه هزار تومان هيو. هن بازار ۾ فريم ٿيل تصويرون جن ۾ خانه ڪعبه، رسول پاڪﷺ جي روضن کان وٺي سڀني پاڪ هستين جي روضن جون فريم ٿيل تصويرون ملن ٿيون. ان کان سواءِ ڪربلا ۾ شهادت امام حسينؑ کان پوءِ خيمن جون تصويرون پڻ مناسب اگهه تي ملن ٿيون. مان ڪجهه ٻُڙا، منڊيون، تسبيحون، مختلف حرز ۽ ڪجهه پاڪ تصويرون خريد ڪيون. سامان گهٽ خريد ڪيم، ان ڪري ته اسان جي منزل اڃا گهڻو اڳتي هئي ۽ سامان جو بار تڪليف جو باعث ٿئي ها. بازار جي منڍ وارن دوڪانن ۾ شين جا ريٽ وڏا ۽ بازار جي وچ ۾ يا آخر ۾ وري مناسب، تنهن ڪري بهتري ان ۾ آهي ته جيڪڏهن بازارِ امام رضا جو چڪر ڏجي ته شين جون قيمتون پُڇائيندو وڃجي ۽ اطمينان سان بازار جي وچ ۾ يا آخر ۾ خريداري ڪجي.