زندانِ هارون رشيد
طوس کان موٽندي رستي تي زندانِ هارون رشيد وٽان گذر ٿيو. زندان هڪ کوهه نما عمارت آهي، جيڪا ڪافي هيٺ ۽ اونهي هوندي آهي. جتي قيدين کي رکيو ويندو آهي ۽ انهن کي چوبدار جيئرو رکڻ لاءِ مٿان ٺهيل برجيءَ تان زندگي گذارڻ لاءِ ماني ۽ پاڻي وغيره ڦٽو ڪندا آهن. زندان بند هو، تهنڪري ڏسي ڪونه سگهياسين. زندان جي سامهون ئي اهلِ سنت جي اڪابر ۽ عالم امام غزالي(رح) جي قبر هئي، جنهن جي زيارت ڪري واپس مشهد پهتاسين.
هاڻي اچون ٿا پنهنجي موجوده سفر ڏي. اسان ڪالهه يعني تاريخ 3 سيپٽمبر تي مهمان خانه امام رضاؑ لاءِ ٽڪيٽون حاصل ڪري ورتيون هيون. تنهن ڪري ٻنپهرن جي مانيءَ تي اسان امامؑ جا مهمان هياسين. تقريباً ڏيڍ بجي ڌاري اسان مهمان خاني ۾ ٽڪيٽون ڏيکاري داخل ٿياسين. ٽڪيٽون ٻاهرين زائرين کي سندن زيارت ۾ هڪ دفعو ڏنيون وينديون آهن. اهڙو اندراج پاسپورٽ تي ڪيو ويندو آهي. ٻڌڻ ۾ ائين آيو ته اڳي ٽي دفعا ٽڪيٽون ملنديون هيون، پر زائرين جي وڌڻ ڪري هاڻي فقط هڪ دفعو مهماني جو شرف حاصل ڪري سگهجي ٿو. مهمان خانو ٻه طبقاتي منزل آهي. صاف سٿرو ۽ خوبصورت. اسان کي خدام مٿين طبقي ڏي وٺي هليو ۽ اسان وچ تي هڪ وڏي ٽيبل تي ويٺاسين، جتي مينيو ۾ اسانکي چانور، سبزي، مرغي، جنهن کي جوجه چون، ڏهي، نان ۽ ونگن جو خشڪ اچار پيش ڪيو ويو هو. جهڙي هئي صفائي، اهڙو ئي هو لذيذ کاڌو. خدامن يا ڪم ڪرڻ وارن ويٽرن جو رويو خوش اخلاق ۽ مشفقانو هيو. اسان مان ڪجهه دوستن وڌيڪ ٻوڙ لاءِ عرض ڪيو ته هنن پيش ڪيو. ڍءُ تي ماني کائي باقي پنهنجي بچيل ماني يعني چانور ۽ نان تبرڪ طور پاڻ سان آندل ٿيلهين ۾ وڌاسين، جنهن لاءِ ڪنهن به منع ڪونه ڪئي. جيئن ئي ٻاهر صحن ۾ آياسين، سوين ايراني عورتون ماني ٽڪر وٺڻ لاءِ ايلاز ڪرڻ پئي لڳيون. ايراني زائرين کي اهو موقعو شايد ڪڏهن ڪڏهن ٿو ملي، تنهن ڪري اهي هن تبرڪ حاصل ڪرڻ لاءِ منٿون ڪندا ٿي رهيا، ۽ ڪن ته کسڻ جي ڪوشش ڪئي. بهرحال پاڻ بچائيندي ڪجهه نان جا ٽڪرا ۽ چانور انهن ايراني عورتن کي ڏناسين، جيڪي بيماريءَ ۾ شفايابيءَ لاءِ بيمار کي کارائين ٿيون يا تبرڪ طور پنهنجي کاڌي ۾ ملائين ٿيون. مهمان خاني مان فارغ ٿي اسان هاڻي ميوزيم طرف آياسين.