هي ڪتاب ايران، عراق ۽ شام جي زيارتن تي مشتمل سفرنامو آھي جنھن جو ليکڪ مختار جانوري صاحب آھي.
جانوري صاحب ڪتاب ۾ لاڙڪاڻي کان ڪوئٽا، تافتان ۽ مشھد، نيشاپور کان ڪربلا، ڪوفہ ۽ عراق جي ٻين شھرن بغداد، ڪاظمين ۽ شام جي دمشق سميت ٻين زيارتن ۽ انھن شخصيتن بابت تفصيلي لکيو آھي.
سفرناما
هل هِنئين سين هوت ڏي
- 5.0/5.0
- 1643
- 429
- 3 سال اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت پارانسنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ” هل هِنئين سين هوت ڏي“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هي ڪتاب ايران، عراق ۽ شام جي زيارتن تي مشتمل سفرنامو آھي جنھن جو ليکڪ مختار جانوري صاحب آھي.
جانوري صاحب ڪتاب ۾ لاڙڪاڻي کان ڪوئٽا، تافتان ۽ مشھد، نيشاپور کان ڪربلا، ڪوفہ ۽ عراق جي ٻين شھرن بغداد، ڪاظمين ۽ شام جي دمشق سميت ٻين زيارتن ۽ انھن شخصيتن بابت تفصيلي لکيو آھي. پاڻ لکن ٿا:
”جيتوڻيڪ هي سفرنامو مذهبي ۽ روحاني آهي، پر ان ۾ منهنجو مشاهدو، تاريخي حقيقتون ۽ انهن جا پس منظر شامل آهن.
هونئن ته مونکي ڪيترائي دفعا ايران، عراق، شام، مڪي، مديني جي زيارتن جو شرف حاصل ٿيو آهي، پر هن سفرنامي ڇپائڻ جو خيال مونکي ان ڪري آيو، ته هيءُ جامع ۽ ڀرپور آهي. جتي ضرورت محسوس ڪئي اٿم اتي انهن ئي ملڪن ڏانهن ڪيل ٻين سفرن جو ذڪر پڻ ڪيو اٿم، جيئن سفرنامي ۾ ڪا کوٽ نه رهجي وڃي.“
هي ڪتاب ساڀيان پبليڪيشن، حيدرآباد پاران 2018ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون احسان راھوجي صاحب جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com ڪتاب جو مطالعو ڪريو
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
5.0
(ڪُل 0 رائين آڌار)
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
ڪتاب بابت وڌيڪ:
- ليکڪ مختار جانوري
- ڇپيو ويو 2018
- ڇپائيندڙ ساڀيان پبليڪيشن حيدرآباد
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 07/Sep/2019
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
- لاٿو ويو 429 ڀيرا