مسجد ڪوفه
مسجد ڪوفه تمام گهڻين فضيلتن ۽ برڪتن واري مسجد آهي. هي مسجد پڻ اها مسجد آهي، جتي مسافر کي سفر ۾ هوندي به قصر يا پُوري نماز پڙهڻ جو اختيار آهي. هتي هڪ فرض نماز جو ثواب هڪ حج مقبول جي برابر ۽ هڪ هزار نمازن جي برابر آهي، جيڪي ڪنهن ٻئي هنڌ پڙهيون وڃن. ڪيترين روايتن ۾ آهي ته مسجد ڪوفه بيت المقدس جي مسجد اقصيٰ کان افضل آهي.
ابن قوليه امام محمد باقرؑ کان روايت ڪئي آهي ته جيڪڏهن ماڻهن کي مسجد ڪوفه جي فضيلت جي خبر پئجي وڃي ته ڏورانهن هنڌن کان ڪهي اچي ماڻهو هتي نماز پڙهن. هن مسجد ۾ تمام انبياءَ ڪرام نماز پڙهي آهي. هن مسجد ۾ خالي ويهڻ جو به وڏو ثواب آهي. هن مسجد ۾ مختلف انبياءَ جا مصله ۽ مولا عليؑ جنهن دڪة القضا تي ويهي فيصلا ڪندا هئا، پڻ موجود آهي، جيڪڏهن انهن مان هرهڪ جو ذڪر ڪبو ته سفرنامو طويل ٿي ويندو. هن ئي مسجد ۾ 19 رمضان المبارڪ سن 40 هجريءَ ۾ مولا عليؑ کي نماز فجر ۾ عبدالرحمان ابن ملجم ملعون ضربت هنئي ۽ پاڻ 21 رمضان سن 40 هه تي شهادت ماڻيائون.
حضرت مسلم بن عقيل بن ابي طالبؑ جو مختصر تعارف اڳ ۾ ڏئي چڪو آهيان. سندن روضو مبارڪ مسجد ڪوفه جي کاٻي ڪنڊ تي آهي ۽ سندن ئي روضي ۾ ئي حضرت مختار ثقفي جن دفن ٿيل آهن. حضرت مختار ثقفي جو مختصر تعارف هيٺ ڏجي ٿو.