ڪف عباس
مولا عباس جي هڪ بازو جو مقام هڪ ننڍڙي بازار ۾ آهي، جتي ڪفن فروشن خاڪ شفا ۽ تسبيحن جا دڪان وغيره آهن. ٻيو بازو مولا عباس ۽ امام عاليمقام جي روضي جي وچ تي هوٽل جي ٻاهران آهي، مٿي هوٽل آهي ۽ هيٺ دوڪان آهن. روايت آهي ته جڏهن سرڪار عباس مشڪيزو ڀري گهوڙي تي سوار ٿيا ته ملعونن وار ڪري هڪ بازو شهيد ڪري ڇڏيو ته پاڻ مشڪ پئي هٿ ۾ کنيائون ته اهو به شهيد ڪيو ويو. آخر مشق چڪ ۾ کڻي جئين ئي گهوڙي کي ڊوڙايائيون ته ملعونن تيرن جي برسات لائي ڏني ۽ مشڪيزي جو پاڻي به هارجي ويو ۽ پاڻ به پنهنجي آقا ۽ مربي ڀاءُ جي مٿان قربان ٿي شهيد ٿي ويا.
هاڻي اسان کي ڪافي رات ٿي وئي هئي، تنهن ڪري عازم فندق الرسالة ٿياسين. هونئن ئي ڪربلا غم، اندوه، ڪرب، تڪليف ۽ پريشانيءَ جو نالو آهي. ويتر جو مون هتي بي انتها غربت جو منظر ڏٺو، تنهن سخت پريشان ڪري ڇڏيو. جنهن گهٽيءَ مان لنگهياسين ٿي عورتن ۽ ٻارن جو هڪ وڏو هجوم خيرات وٺڻ لاءِ اسان جي اڳيان پويان بيٺو هو، جوان حسين عورتون، خوبصورت ٻار، عمر رسيده مرد، سفيد پوش بزرگ سڀ خيرات جا منتظر هئا. سخت غربت ۽ افلاس جو عالم هو ڪربلا ۾. ڪافي پنڌ تائين اسانجي ڪڍ لڳا ٿي آيا. مون وٽ ان وقت عراقي دينار ڪونه هئا، تنهن ڪري انهن کي باچر باچر چوندا نڪري آياسين. باچر عراقي عربيءَ ۾ سڀاڻي کي ٿا چون. حالانڪه عربيءَ ۾ چ اکر ڪونهي، پر عراقي عربيءَ ۾ چ فارسي جي اثر ڪري مستعمل آهي. جيئن پنڪچر جي دڪانن تي بورڊن تي پنچرچي لکيل هو.
هاڻي امام حسينؑ جي روضي مبارڪ تي آياسين، نماز مغربين ادا ڪري ڀرسان ئي ريسٽارنٽ تي ڪباب روٽي ۽ ٽماٽن سان ماني کائي اطراف جو چڪر ڏئي هوٽل تي آياسين. اڄ تمام گهڻو ٿڪل هئاسين، تنهن ڪري سمهي رهياسين.
تاريخ 9 سيپٽمبر تي اڄ صبح جو سوير اٿي فجر جي نماز حرم امام حسينؑ ۾ ادا ڪئي سين. اڃا سج ئي نه نڪتو هو ته هوٽل تي آياسين. هوٽل جي رسيپشن تي هميشه ٻه نوجوان ڇوڪرا مستقل هوندا هئا، يا ته اهي انهيءَ هوٽل جا مالڪ هئا يا وري مينيجر، بهرڪيف مان کين روزانو سلام ڪري سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندو هوس، جيڪو هو مسڪرائي عربيءَ ۾ جواب ڏيندا هئا. مولوي صاحب جيڪو عراقي عربيءَ جو ماهر آهي، ان کي چوندا هئا ته هي اسان سان پاڪستاني ۾ الائي ڇا ٿو ڳالهائي. مولوي صاحب کين چوندو هو ته هُو توهان جي سنڌي ٻوليءَ ۾ خيريت ٿو دريافت ڪري پوءِ ته ويچارا قربان قربان ٿيندا هئا. هڪ ڏينهن مان کين پنهنجي سنڌيءَ ۾ لکيل ڊائري ڏيکاري چيو ته پڙهي ڏيکاريو، هيءَ ته عربيءَ ۾ لکيل آهي. ڪربلا، بغداد ۽ ٻيا ڪيترائي سنڌيءَ ۾ موجود عربي لفظ پڙهي وڃن، پر وري پڇن ته هيءَ ڪٿان جي عربي آهي“ مان کين ٻڌايو ته اسان پنهنجي ٻولي عربي لپيءَ ۾ لکندا آهيون. ڪجهه آواز جيڪي عربي ٻوليءَ جا نه آهن. انهن لاءِ عربي حرفن کي اضافي نڪتا لڳائي پنهنجا اکر جوڙيا آهن ۽ پنهنجي ٻوليءَ جا آواز اچاريندا آهيون. اسانجي ٻولي سنڌي آهي، جيڪا پاڪستان کان سواءِ هندستان ۾ پڻ ڳالهائي ويندي آهي. ويچارا حيرت زده نگاهن سان منهنجي ڊائريءَ کي ڏسندا هئا.
صدام جي غلط، بي هوده، مطلق العنان پاليسين جي ڪري عراق ۾ ڏاڍي غربت آهي. صرف اهو طبقو خوش آهي، جيڪو حڪومت جو خيرخواهه، چاپلوس ۽ خوشامدي آهي، نه ته عام خلق بالخصوص شيعن ۽ ڪردن جي حالت زار آهي. بک، بدحالي، بي روزگاريءَ جي ڪري ماڻهو غليظ ڌنڌن ڪرڻ تي مجبور آهن. اسان جي هوٽل جي صفائي سٿرائي جنهن ۾ واش رومس جي صفائي شامل آهي. ٻن عورتن جي حوالي آهي. هڪ حسين و جميل قداور سيدزادي، جنهن جي عمر بمشڪل 36 سال کن ٿيندي ۽ ٻي سندس چوڏهن سالن جي نياڻي، ڪيڏي نه افسوسناڪ ڪهاڻي آهي. اهي ٻئي عورتون فجر جي نماز کان پوءِ هوٽل ۾ داخل ٿينديون آهن ۽ نماز ظهرين کان پوءِ گهر وينديون آهن. هوٽل جي عملي جو رويو به هنن سان مشفقانه ۽ همدردانه آهي. هڪ ڏينهن انهيءَ بيبيءَ چيو ته مان اجرت تي ڪپڙا ڌوئي استري ڪري کڻي ايندي آهيان. توهان به جيڪڏهن ڪپڙا ڌورايو ته مون کي ڏيو. مان سخت پريشان ٿي ويس ۽ کيس ڪپڙا ڪو نَه ڏنم، پر خُمسَ مان ڪجهه رقم مون هن سيدزاديءَ جي حوالي ڪئي. پاڻ ٻڌائين ته سندس مڙس صدام جي خلاف انقلاب جي دوران روضه اقدس ۾ پناهه ورتي هُئي ۽ اتي ئي صدام ملعون جي فوجي درندن کيس شهيد ڪيو. کيس ڪُل ڇهه ٻار هئا. اهڙيون هزارين افسوسناڪ ڪهاڻيون هونديون، جن جي اسان کي خبر ناهي.
اڄ اسان جو پروگرام اطراف جي زيارت ڪرڻ جو هو. صبح جو تقريباً ڏهين بجي بس آئي ۽ اسان ساڍي ڏهين ڌاران زيارتن لاءِ روانا ٿياسين. اڄوڪو بس ڊرائيور ڪرد آهي. سندس نالو ابوالعاليٰ آهي ۽ پڪو يگانو شيعو آهي. خطاب لاءِ خبر پئي ته عراقي ايجنسين جو ماڻهو آهي، جنهن جو ڪم آهي ته هوٽل تي مجلس جو اهتمام نه ڪرڻ ڏي، اتان جي حڪومت يا صدر جو ڪو نالو کڻي ته انهيءَ ماڻهو جي رپورٽنگ ڪري وغيره. بهرڪيف جيڪا به هن جي ڊيوٽي هئي، پر هن اسان سان گهڻي حد تائين تعاون ڪيو ٿي، ڇو ته اسانجو رويو هن سان ڏاڍو سٺو هو، بس ۾ مان هميشه اڳيان ويهندو هوس، تنهن ڪري هو نه فقط مون سان رائل مائل ٿي ويو، پر مان کيس تحفا تحائف وغيره ڏيندو هوس. ايتري قدر جو الودائي ملاقات ۾ مون سان ڀاڪر پائي روئي ڏنائين ته مون سان اڄ ڏينهن تائين اهڙو زوار ناهي مليو، جنهن ايترو قرب ۽ پيار ڏنو هجي.
بس ۾ ڪمپنيءَ طرفان ٻيو گائيڊ آهي. صادق، جيڪو اثناعشري شيعو آهي، انگريزي ۽ روسي روانيءَ سان ٿي ڳالهايائين، سو ته منهنجو پڪو يار ٿي ويو. مون کي پنهنجي ڀاءُ جو فوٽو ڏيکاريائين، جيڪو برگيڊيئر هو، پر صدام جي خلاف انقلاب دوران فائرنگ اسڪواڊ جي سامهون بيهاري ٻين ساٿين سان گڏ شهيد ڪيو ويو هو. مون کي هدايت ڪيائين ته پنهنجي ماڻهن کي ٻڌاءِ ته اسان واري شهپري يزيد جو ڪٿي به نالو نه کڻن، ڇو ته خفيه ايجنسين جا ماڻهو سادن ڪپڙن ۾ هر هنڌ موجود هوندا آهن، جن جي خبر ناهي پوندي ته زوار آهن يا ڪي ٻيا. انهن کي خاص ٽريننگ ڏني ويندي آهي ۽ مختلف ٻوليون سيکاريون وينديون آهن وغيره وغيره.
اڄ اسان جي پهرين منزل حضرت حر بن يزيد رياحيؑ جو روضو هئي. حضرت حر جو مختصر تعارف اڳيان ڏجي ٿو.