سفرناما

هل هِنئين سين هوت ڏي

هي ڪتاب ايران، عراق ۽ شام جي زيارتن تي مشتمل سفرنامو آھي جنھن جو ليکڪ مختار جانوري صاحب آھي.
جانوري صاحب ڪتاب ۾ لاڙڪاڻي کان ڪوئٽا، تافتان ۽ مشھد، نيشاپور کان ڪربلا، ڪوفہ ۽ عراق جي ٻين شھرن بغداد، ڪاظمين ۽ شام جي دمشق سميت ٻين زيارتن ۽ انھن شخصيتن بابت تفصيلي لکيو آھي.
Title Cover of book هل هِنئين سين هوت ڏي

نيشاپور

نيشاپور

مشهد مان نومبر جي هڪ خنڪ ۽ ٿڌي صبح جو اسان نيشاپور لاءِ ٽيڪسي ڀاڙي تي ڪئي. هيءَ سال 1991ع جي ڳالهه آهي. نيشاپور مشهد کان تقريباً 120 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي هڪ بيحد خوبصورت شهر آهي. نيشاپور کان پندرهن ڪلوميٽر کن پهريائين هڪ پاسي قدم گاهه ڳوٺ ۽ ٻئي پاسي پهاڙن جي دامن ۾ حضرت امام رضا (ؑ) جا قدم مبارڪ هڪ ڪاري رنگ جي پٿر تي اڪريل آهن. پٿر ڀت ۾ آويزان آهي، هاڻي ته انهي پٿر جي مٿان هڪ ضريح ٺاهي وئي آهي، باقي جنهن وقت اسان پهريون ڀيرو زيارت ڪئي هئي. هنن قدمن جي مٿان ڪا ضريح يا ڄاري لڳل ڪونه هئي. هتي هڪ مٺي پاڻيءَ جو چشمو آهي، جيڪو امام رضاؑ سان منسوب آهي. امام سائين جن جڏهن هتي تشريف فرما ٿيا هئا ته پاڻ وضوءَ لاءِ پاڻي طلب فرمايو. ماڻهن چيو ته سرڪار هتي پاڻي ته ڪونه آهي. توهان الله سائين جي حجت آهيو ۽ پنهنجي معجزي سان هتي پاڻي گهرايو. امام سائين جن ٻه رڪعتون نفل پڙهي دعا ڪئي ته قدرت الاهي سان جبل مان چشمو ڦُٽي نڪتو ۽ سندن پير مبارڪ پٿر تي ٺهي پيا، جيڪي اڳتي هلي ماڻهن ديوار ۾ نصب ڪيا. وقت جي حڪومتن قدمن جي مٿان هڪ حجرو تعمير ڪرايو، هنن قدمن جي زيارت لاءِ لکين ماڻهو ايندا رهن ٿا. مزي جي ڳالهه ته هن پٿر ۽ قدمن مان هڪ هلڪي هلڪي خوشبوءِ نڪرندي آهي، جنهن سان ايمان تازو ٿيو وڃي. هن چشمي کي هاڻي ڍڪيو ويو آهي ۽ انهيءَ جو پاڻي قدم گاهه ڳوٺ جي واٽر سپلاءِ ۽ ڀرپاسي جي ٻين ڳوٺن ۽ زمين آباد ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. چشمي مان پاڻي پِي، قدم مبارڪ چمي، اسان هڪڙي ننڍڙي ٻاڪڙا هوٽل تي چانهه پيئڻ لاءِ ويٺاسين. دڪانن جي سامهون هڪ گروهه ناٽڪ ڪندي نظر آيو. هڪ پاسي وارن ماڻهن کي ڳاڙهو لباس پاتل هيو ۽ جنگي ساز و سامان زيب تن ڪيل هُين. هو يزيدي لشڪر جا سپاهي هئا ۽ ٻئي پاسي سائو لباس پهريل آلاتِ حرب ۾ ملبوس امام حسينؑ جا سپاهي هئا، ٻئي ڌريون نغاري جي وڄت تي مڪالمي بازي ڪري رهيا هئا. گهڻي فارسي مون کي سمجهه ۾ نه پئي آئي، البت ان وقت مون کي هندستاني سني مسلمان ياد آيا، جيڪي گهڻا سال اڳ محرم جي ڏهين تي اهڙي قسم جو يادگار پيش ڪندا هئا. شايد اڃا به ڪندا هجن، جيڪو غير مناسب آهي. بهرحال چانهه يعني سليماني چانهه پي اسين ڳوٺ قدم گاهه ۾ داخل ٿياسين. ڇا ته خوبصورت ڳوٺ هيو. دڪان ڪشاده، رستا ويڪرا ۽ صاف سٿرا، چوڪن تي گل و گلڪاري وغيره. مزي جي ڳالهه ته جن وڏن اسٽورن جون چينون (chains) تهران ۽ مشهد ۾ هيون، انهن جا آئوٽ ليٽس هتي به موجود هئا. مثلاً: ڪفش ملي بوٽن جا جيڪڏهن دوڪان وڏن شهرن ۾ آهن، ته ان جو به هتي وڏو دوڪان موجود هيو. اهڙي طرح بيڪرن جون شاخون به هت موجود هيون.
هاڻي اسان ٻن امام زادن جي مزارن تي آياسين. هڪ امام زاده ابراهيم بن امام موسيٰ ڪاظمؑ ۽ ٻيو امام زاده سيد محمد محروق بن زين العابدينؑ آهي. امام زاده ابراهيم بن موسيٰ ڪاظمؑ جي روضي ۾ به ساڳيا ئي قدم مبارڪ ديوار تي نصب هئا ۽ مٿن شيشي جو فريم هئو. امام زاده محمد کي 200 هجريءَ ۾ مامون رشيد جي ماڻهن شهيد ڪري سندن جسم کي ساڙيو هئو. عربيءَ ۾ سڙيل کي محروق چيو ويندو آهي. هنن ٻنهي امام زادن جا روضا نيشاپور جي ٻاهران هڪ خوبصورت باغ ۾ آهن. روضن جي زيارتن کان پوءِ ٻاهر نڪتاسين ۽ اتي ئي ٻن پهرن جي ماني کاڌي سين. سرديءَ جي موسم هئڻ ڪري باغ جا وڻ ڪجهه پيلانجهڙا ٿي ويا هئا، پر هئا گهاٽا ۽ ڊگها. باغ ۾ موسم جي اعتبار کان رنگارنگي گل به بي حساب هئا. ٿڌڙي هوا گهلي پئي، تنهنڪري مان پنهنجو مفلر مٿي سان ويڙهي ڇڏيو. بهرحال هي باغ بستان ڄڻ جنت جو ٽڪرو هيو، جتان نڪرڻ تي دل ئي نه پئي چوي.
هاڻي اسان باغ جي هڪ ڪنڊ تي عظيم حسابدان، هيئتدان، سائنسدان ۽ شاعر عمر خيام جي قبر تي آياسين. خيام جو مقبرو پڻ فن تعمير جو نادر نمونو آهي. مقبري جي ڀرسان ئي خيام اڪيڊمي آهي، جتي خيام جون فارسي رباعيون ۽ انگريزي ترجمو خريد ڪيم. خيام جي روضي تي چند فوٽو به ڪڍايم. خيام جي روضي واري باغ ۾ هڪ شيشي ۾ بند خيام جو مجسمو هئو. مان ته کن پل لاءِ ته سوچ ۾ پئجي ويس، ته ايراني اسلامي حڪومت هتي مجسمو نصب ڪرڻ ڪيئن ڏنو آهي، ڇو ته اسان جي سڳورن واري ديس ۾ ته نبي ڪريم (ﷺ) جو گهر مبارڪ به ڊاهيو ويو آهي. ان کان سواءِ اتي ڪيترائي قديم آثار پڻ صفحه هستيءَ تان مٽايا ويا آهن، ڇو ته اهي بدعت جي زمري ۾ اچي پئي ويا (بمطابق سندن فلاسافيءَ جي). مجسمي جي هيٺان ئي لکيل هئو ته مجسمو اسلام ۾ حرام آهي، پر هن عظيم فلاسافر جي ياد ۾ هتي هي مجسمو رکيو ويو آهي، جنهن جو مقصد سندس ياد تازي ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي.
عمر خيام کانپوءِ اسان نيشاپور شهر ڏي روانا ٿياسين. هي لک سوا جي آباديءَ جو هڪ وڻندڙ ۽ خوبصورت شهر آهي. دوراها ڪارپيٽيڊ روڊ، هر چوڪ تي گولائيءَ ۾ باغيچو، جنهن ۾ ماڻهن جي ويهڻ لاءِ سيمينٽ جون بئنچو ۽ وچ تي فلڪ آب يعني ڦوهارو. منظر اهڙو ته دل لُڀائيندڙ هو، جو دل پئي چاهيو ته ڪيئي ڏينهن هتي ئي ٽڪي پئجي. پنڌ گهمندي هڪ ڪتابن جي دوڪان تي نظر پئي، جتان ننڍڙا ٻار به ڪتاب خريد ڪري رهيا هئا. سڀني ٻارن هٿ ملايو. ۽ مٺڙي فارسيءَ ۾ گفتگو ڪرڻ لڳا. جڏهن منهنجي فارسي ختم ٿي ٿي وئي ته هو سڀئي شائسته انداز ۾ کليا ٿي ۽ مون کي آهستي آهستي سمجهايائون ٿي. هي اهو دور هيو، جڏهن پاڪستاني زائرين ايڏو گهڻو ڪونَه ايندا هئا ۽ هنن ماڻهن کي پاڪستانين لاءِ ڏاڍي محبت هوندي هئي. اسانجي غير سنجيده ۽ غير مهذب زائرين جي ڪثرت سان اچڻ ۽ حڪومتي اڍنگين خارجي پاليسين کان پوءِ هي ايراني ماڻهو آهستي آهستي پاڪستاني ماڻهن کان نفرت ڪرڻ لڳا آهن. خير مون ڪتاب پئي ورتا ته هڪ بزرگ مليو، جنهن پڇيو ته، ڪٿان جا آهيو؟ منهنجي جواب ۾ ته پاڪستاني آهيون ته مون کي ڳل تي بوسو ڏئي چيائين ته اسين ٻئي ڀائرآهيون. ايران کي توهان پنهنجو ملڪ سمجهو ۽ اصرار ڪرڻ لڳو ته رات جي ماني منهنجي گهر کائو. اسان سندس خلوص، محبت ۽ دعوت لاءِ مهرباني چئي شهر ۾ آياسين ته ڪٿي چانهن پيئجي. ڊرائيور اسان کي هڪ قديم ريسٽورينٽ ۾ وٺي آيو، جنهن جون ڀتيون ٻه اڍائي فوٽ ويڪريون ۽ سنهڙين سرن جون ٺهيل هيون. دروازا محرابي يعني ونگ تي ۽ ڇت به محرابي سرن سان ٺهيل هئي. ويهڻ لاءِ ڪرسين جي بدران تخت هئا، جن تي وڏا طول وهاڻا رکيل هئا. اوساري چُن جي گچ سان سهڻي نموني سان ٿيل هئي، جنهن مٿان پلستر جي ضرورت ئي ڪونه هئي. چانهه پي فارغ ٿي واپس مشهد روانا ٿياسين.