صدام، سندس مجسما ۽ فوٽو
ان کان سواءِ هر دڪان ۽ هوٽل جي مالڪ لاءِ لازمي هو ته صدر صاحب جا مختلف پوز آويزان ڪن ۽ نه ڪرڻ واري سان جيڪو حشر ٿيندو هو، سو خدا جي ڪاڳر ۾ آهي. هن جي ظلمن جي داستانن سان تاريخ ڀري پئي آهي، جيڪڏهن انهن تي لکجي ته هڪ چڱو ڀلو ضخيم ڪتاب ٿي ويندو.
اڄ تاريخ 12 سيپٽمبر 1997ع جمعي جو ڏينهن آهي. اسان جي اڄوڪي منزل وري به نجف اشرف آهي. اڄ زوارن تيار ٿيڻ ۾ ڏاڍي دير لڳائي ڇڏي. جيڪڏهن اهڙي سستي روز رهي ته ڊپ آ ته ڪجهه زيارتون رهجي نه وڃن. خير بس ۾ سوار ٿي سوا يارهين بجي ڪوفي ۾ آياسين. اڳ ۾ ذڪر ڪيو اٿم ته ڪوفو ضلعي هيڊڪوارٽر آهي ۽ نجف گورنر جو هيڊڪوارٽر آهي. ڪوفو شهر ته ننڍو آهي، پر روڊ دوراها ۽ ڪشادا اٿس ۽ شهر گهڻي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي. نجف اشرف ڪافي وڏو شهر آهي. مولا جي حرم وارو علائقو پراڻو نجف آهي ۽ اتي عمارتون به پراڻي وضع جون آهن. روضي جي ويجهو ئي آيت الله عظميٰ بشير نجفي، جيڪو پاڪستاني آهي. آية الله عظميٰ سيستاني، آية الله عظمي طبا طبائي، آية الله عظمي فياض (ڪابل وارو) ۽ ٻيا ڪيترائي مراجع تقليد رهن ٿا، پر صدام جي ظالم حڪومت جي پاليسن جي ڪري اهي سڀ آية الله نظربند آهن ۽ انهن کي حرم تائين وڃڻ جي اجازت به ناهي. جيڪڏهن ڪنهن مقلد کي انهن منجهان ڪنهن سان ملڻو آهي ته عراقي وزارت داخله جيستائين اجازت نه ڏيندي، انهن سان ملي نه سگهبو. انهن مٿين شخصيتن سان مان سن 2001 جي مئي جي مهيني ۾ ملاقات جو شرف حاصل ڪيو. اثناعشري شيعه دنيا جون وڏي ۾ وڏيون يونيورسٽيون نجف اشرف ۾ هونديون هُيون، جيڪي سڀ جون سڀ صدام بند ڪرائي ڇڏيون هيون، تنهن ڪري عالمن تدريس لاءِ قم ۽ مشهد جو رخ رکيو ۽ اتان جي اسلامي حڪومت انهن کي وڌيڪ زور وٺايو ۽ فروغ ڏنو.
هاڻي اسين روانا ٿياسين مسجد سهله جي طرف، جنهن جو مختصر تعارف هيٺ ڏجي ٿو.