زاهدان کان مشهد مقدس
اسان جي بس خير سان ساڍي ٽين وڳي هلڻ شروع ڪيو ۽ چئين سوا چئين بجي ڌاران اسان زاهدان شهر ڇڏي مين هاءِ وي تي چڙهياسين. روڊ ويڪرو ايسفالٽ ڪارپيٽيڊ هيو. هن هاءِ وي کي هاڻي موٽر وي بڻائي دوراهو ڪيو پئي ويو. ڪٿي روڊ دوراهو هيو ته ڪٿي اڃا ڪم هلي رهيو هيو. بس جو ڊرائيور ايراني بلوچ هيو ۽ طبيعتاً هڪ ذليل قسم جو ماڻهو هو. بس ۾ گرمي ۽ ٻوسٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کيس اي سي هلائڻ لاءِ چيو، پر هو نٽائيندو رهيو ۽ آخر ٺپ جواب ڏنائين ته بس ۾ اي سي ڪونهي. وس ڪونه پئي هليو، تنهن ڪري صبر کان سواءِ ڪوئي چارو ڪونه هيو. جيئن ئي سج لٿو بس کي بغير اسٽاپ جي ڊرائيور هڪ جڳهه تي روڊ ڪناري روڪي بيهاريو. اسان سمجهيو ته بس جي انجڻ وغيره ۾ ڪو مسئلو ٿي پيو آهي، پر خبر تڏهن پئي ته پري کان ٻه ڄڻا ڊوڙندا جن جي مٿن تي وڏيون هڙون هيون، بس ۾ وارد ٿيا. اهي ڪي افغاني هئا، جيڪي افغانستان مان سمگلنگ جو سامان ايران کڻي آڻيندڙ هئا ۽ ايراني بلوچ ڊرائيور ۽ ڪلينر انهن سان ٻڌل هئا. ايراني بسن ۾ ٻه ڊرائيور ۽ هڪ ڪلينر هوندو آهي. ڊرائيور جي لاءِ بس جي پٺئين پاسي آخري سيٽن جي پويان هڪ پردو لڳل هوندو آهي ۽ انهيءَ جي پويان وري ڊرائيور صاحب جو بسترو فراش ٿيل هوندو آهي. هڪ ڊرائيور گاڏي هلائيندو آهي ۽ هر اڌ ڪلاڪ کانپوءِ سليماني چانهه ٿرماس مان اوتي پيئندو رهندو آهي، ۽ ٻيو ڊرائيور پويان لڳل بستري تي استراحت فرمائيندو آهي ۽ ننڊ ڪندو آهي. بهرڪيف سمگلنگ جو سامان سيٽن هيٺان سٿي انهن ٻنهي افغانين کي ڊرائيورن بس جي پوين سيٽن تي ويهاريو. هتي ٻڌائيندو هلان ته هي هاءِ وي افغانستان کي تمام گهڻو ويجهو آهي، تنهن ڪري سمگلر پهاڙن جي لڪن مان ڏاڍي سولائيءَ سان سامان ايران ۾ کڻي ايندا آهن، جنهن ۾ گهڻو ڪري جاپاني، ڪوريائي يا انڊونيشيائي ڪارو ريشمي ڪپڙو هوندو آهي، جنهن مان ايراني عورتون برقعا يا حجاب ٺهرائينديون آهن، يا ڪمپنيون ٺاهينديون آهن، ڇو ته ايراني انقلاب کان پوءِ عورتن لاءِ حجاب پائڻ لازمي آهي، نه ته ٻيءَ صورت ۾ سزا رکيل آهي. ايراني هاءِ ويز تي تقريباً هر سئو يا ٻه سئو ڪلوميٽرن کانپوءِ هڪ چڱو خاصو وڏو ريسٽورينٽ هوندو آهي، جنهن جي هڪ پاسي مردانه وضو خانه، بيت الخلا، مسجد ۽ ٻئي پاسي زنانه وضوخانه، بيت الخلا ۽ مسجد هوندا آهن. اهڙي ئي هڪ هوٽل تي ڊرائيور سڳوري بس بيهاري. ان وقت رات جا تقريباً 9 وڳا هئا. ماني سيلف سروس تحت پنهنجو کاڌو منتخب ڪري اڳواٽ پئسا ڏئي ٽري ۾ کڻي اچي ٽيبل تي کائڻي هئي، سو اسان مان تقريباً سڀني چلو ڪباب (چِلو ڪباب ايراني مشهور ڊش آهي، جيڪا سوادي پڻ آهي ۽ ايرانين جي مرغوب غذا آهي.) يعني چانور ڪباب ۽ چانهه ورتي. کاڌو سٺو ۽ جهجهو هيو. مون جهڙي ماڻهوءَ جي ڍءُ ڪرڻ کان به مٿي هئو. خير ماني کائي نماز پڙهي فارغ ٿي وڃي بس ۾ ويٺاسين. ٻاهر موسم ڪجهه ٺيڪ هئي، باقي بس ۾ اندر گرمي هئي، ڇو ته ايراني بس جا رڳو ننڍا شيشا کلندا آهن، جيڪي وڏن شيشن جي مٿان هوندا آهن ۽ وڏا شيشا فڪسڊ هئڻ ڪري کلي نه سگهندا آهن. اهو انهي ڪري آهي جو سياري ۾ سخت سيءَ پوڻ جي ڪري شيشا فڪسڊ ڪري ڇڏيندا آهن، جيئن هيٽر وغيره صحيح ڪم ڪن. هاڻي ته هتي به اهڙيون ئي بسون ۽ ڪوچون اچي ويون آهن، پر فرق اهو آهي ته اسان وٽ اونهاري ۾ اي سي (A.C) جو سٺو بندوبست هوندو آهي، تنهن ڪري گرميءَ جو احساس گهٽ ٿيندو آهي.
بس هلندي رهي ۽ ساڳيءَ ريت بغير ڪنهن مقرر اسٽاپ جي مختلف جڳهين تي روڊ سائيڊ تي بيهندي پئي آئي، جتان سمگلنگ ٿيل سامان پئي چاڙهيائون. مون کي ان افغاني تُوري ڏاڙهيءَ واري مُلي جي شڪل اصلي ڪونه ٿي وسري جيڪو ڊرائيور کي پئسا ڏئي ڏيتي ليتي ڪري اوندهه ۾ ڊڪندو ڊڪندو ويو ۽ ڪٿان پوريل سامان جي ڳنڍ کڻي اچي گاڏيءَ ۾ سوار ٿيو. آخر تنگ ٿي سائين قمر عباس ڊرائيور کي ڇڙٻ ڏيندي چيو ته هي ڪهڙي مشڪري لايو ويٺا آهيو، ۽ بنا ڪنهن مقرر اسٽاپ جي گهڙي گهڙي گاڏي بيهاري سمگلنگ جو سامان ٿا چاڙهيو. مان اڳين چوڪيءَ تي توهان جي پوليس کي شڪايت ڪندس. ڊرائيور ڄڻ چڙي پيو ۽ بڪواس ڪرڻ شروع ڪيائين ته جيڪو وڻيئي سو ڪر، جنهن کي وڻيئي شڪايت ڪجانءِ. ان وچ ۾ ڊرائيور ۽ سمگلرن جي پيسن جي ڏيتيءَ ليتيءَ تي به ڪافي ڏي وٺ ٿي ۽ ٻنهي ڌرين ۾ ڄڻ وڙهڻ جي نوبت ٿي آئي. خير اڳيان هڪ چيڪ پوسٽ تي بس بيٺي. هونءَ مون کي پراڻي سفر جو تجربو هئو ته چيڪ پوسٽن تي جڏهن گاڏي بيهندي هئي ته ٻه سپاهي اندر بس ۾ چڙهي پاسپورٽ چيڪ ڪرڻ کان سواءِ سامان به کولرائي چيڪ ڪندا هئا. پر هن دفعي ڳالهه ٻي هئي. ڊرائيور چيڪ پوسٽ تي لهي ويو ۽ ڪجهه وقت کانپوءِ پوليس وارن سان کلندو، چيڪ پوسٽ کان ٻاهر نڪتو ۽ اچي اسٽيئرنگ تي ويٺو. نه پوليس وارا بس ۾ چڙهيا ۽ نه ئي وري سامان چيڪ ڪيائون. هن ڊرائيور وٽ الائي ڪهڙي گدڙ سنگهي هئي، جنهن ڪري کيس ايڏيون سهولتون مليون هيون. خير رات به ڪافي ٿي وئي هئي ۽ اڳيان ڪا سمگلنگ اسٽيشن به ڪونه هئي يا هاڻي هاءِ وي افغان سرحد کان پرڀرو هيو، جنهن ڪري سامان کڻي اچڻ ڏکيو هيو. والله عالم بِصواب. زاهدان کان مشهد تائين اسان مختلف شهرن مان گذرياسين. جيڪي ڏاڍا سهڻا هئا. ڪشادا رستا، هر چوڪ تي وڏو گول باغ ۽ ان ۾ اندر وڏو ڦوهارو، جنهن کي فلڪ آب چون ۽ ماڻهن جي ويهڻ لاءِ ڪاٺيءَ يا موزائيڪ جون بينچون هيون. روڊ جيستائين شهر مان گذريو ٿي، ٻنهي پاسي خوبصورت لائيٽون لڳل هيون. ان مان لڳي پيو ته گورنمينٽ ماڻهن جي تفريح لاءِ ڪيڏيون نه سهولتون رکيون هيون. اسان نيهبندان، برجند، گنا آباد ۽ تربت حيدريھ شهرن ۽ ٻين ڪيترن ننڍن شهرن مان گذرندي آخر ساڍي نائين بجي صبح جو يعني 2 سيپٽمبر 1997ع تي مشهد مقدس پهتاسين.