حضرت سلمان فارسي
سلمان کي رسول اللهﷺ ۽ حضرت عليؑ جي صحابي هئڻ جو شرف حاصل آهي. غزوة خندق ۾ سندس ئي تجويز تي رسولِ خداﷺ مسلمانن جي لشڪر جي چوڌاري کڏ کوٽائي انهن کي تحفظ فراهم ڪيو انهيءَ ڪري ان غزوي کي غزوة خندق به چيو ويندو آهي.
حضرت سلمان حضرت عمر بن خطاب جي دور خلافت ۾ به مداين جا گورنر رهي چڪا هئا. روايت ۾ آهي ته پاڻ جڏهن مداين جا گورنر ٿي آيا، ته مداين ۾ چوري عروج تي هئي. پاڻ مداين جي ماڻهن کي گڏ ڪري اعلان ڪيائون ته اڄ کان پوءِ ڪوئي به شخص چوري نه ڪندو، نه ته ٻي صورت ۾ مان مداين جي ڪتن کي حڪم ٿو ڏيان ته هو چوري ڪرڻ واري کي ڏاڙهي ماري ڇڏين. پهريان ته ماڻهن حضرت سلمان جي ان ڳالهه تي ٽوڪون ۽ ٺٺوليون ڪَيون ۽ چوريءَ کان نه مڙيا. نتيجو اهو نڪتو، جو ٻئي ڏينهن صبح جو ڏٺو ويو، ته ڪيترن چورن جا لاش گهٽين ۾ پيا هئا، جن کي ڪتن چيري ڦاڙي ڇڏيو هو. اهڙي طرح اهو ڪُڌو ڪم ختم ٿيو. اها هئي سلمان جي ايمان جي فضيلت.
پاڻ حضرت عليؑ جي دور خلافت ۾ به مداين جا والي هئا. سندن وفات بحيثيت واليءِ مداين 8 صفر سن 35 هه ۾ 250 سالن جي عمر ۾ ٿي. حضرت اميرالمؤمنينؑ مديني کان اچي کين غسل ڏنو، ڪفن پارايو، نماز جنازه پڙهائي ۽ تدفين ڪئي. سلمان جي فضيلت جو اندازو ان مان لڳائجي ته جنهن کي غسل جناب اميرؑ ڏئي، ڪفن به اهو ئي پارائي ۽ باصفوف ملائڪن سان گڏ سندس جنازه نماز پڙهائي ۽ تدفين ڪري، انهيءَ صحابي جي ڇا ته منزلت هوندي.