ڪربلا
اڄ ڪلهه جو ڪربلا شهر هڪ جديد ۽ خوبصورت شهرن ۾ شمار ٿئي ٿو. ويڪرا روڊ خوبصورت جايون ٺاهيون ويون آهن. هتي فائيو اسٽار هوٽلن کان وٺي عام هوٽل موجود آهن، جيڪي سڄو سال زائرين سان ڀريا پيا هوندا آهن. حرمين جي اطراف ۾ کوڙ ننڍا ننڍا هوٽل موجود آهن، جيڪي زائرين جي قليل بجيٽ مان به مليو وڃن. هر زوار جي اها خواهش هوندي آهي ته هوٽل حرمين جي ڀرسان هجي، جيئن پنڌ ئي پنڌ وڃي روضن جي زيارت ڪجي ۽ نماز ادا ڪجي. بسن جي داخلا شهر ۾ بند آهي، تنهن ڪري بسون تقريباً منو ڪلوميٽر کن پري بيهاريون وينديون آهن ۽ اتان گاڏڙن تي سامان رکي هوٽل تي پهچبو آهي. اهڙا گاڏا ڪثير تعداد ۾ موجود هوندا آهن ۽ مزدور اجرت تي سامان کڻندا آهن. ڪربلا دشت نينوا جي وچ تي آهي. چون ٿا واقعه ڪربلا ۽ شهداءَ جي تدفين کان پوءِ هن شهر جو نالو ڪرب و بلا هيو، يعني تڪليف ۽ مصيبت وارو شهر، جيڪو اڳتي هلي ڪربلا جي نالي سان سڏجڻ ۾ آيو. شروع ۾ ته ڪربلا هڪ ننڍي ڳوٺ وانگر هيو، بلڪ سن 1936ع جي تصويرن ڏسڻ سان پڻ معلوم ٿو ٿئي، ٻنهي روضن جي وچ تي ۽ چوڌاري هڪ منزله ڪچا گهر هئا.
حضرت امام حسين (ؑ) جڏهن 2 محرم سن 61 هجريءَ ۾ هن سرزمين تي تشريف کڻي آيا ۽ قيام فرمايائون ته پاڻ پڇيائون ته هي زمين ڪنهن جي آهي؟ جواب مليو ته بنو اسد قبيلي جي آهي. پاڻ 60000 (سٺ هزار يا ڇاونجاهه هزار) درهمن جي عيوض بنو اسد قبيلي کان 28 چورس ميل زمين سندن فرزند حضرت علي اڪبر (ؑ) جي نالي تي خريد ڪيائون ۽ وري بنو اسد قبيلي کي ئي هبه ڪيائون انهي شرط تي شهداءَ ڪربلا جا جسم مبارڪ هتي ئي دفن ڪندا. يعني تقريباً سڄو ڪربلا جو شهر امام عالي مقام جو خريد ڪيل آهي. 12 محرم تي بنو اسد قبيلي جي سرڪرده ماڻهن ڪن شهداءَ جي تجهيز، تڪفين ۽ تدفين ڪئي. انهيءَ ڪري بنو اسد قبيلو ظالمن جي عتاب هيٺ رهيو. بنو اسد جي ماڻهن جي گهرن ۾ ڪاڪوس ڪونه هوندا هئا ۽ هو رفع حاجت لاءِ شهر کان ٻاهر نڪري ويندا هئا، جيئن شهر ڪربلا جي تعظيم ۽ توقير رهي. هن وقت ڪربلا هڪ عظيم الشان شهر آهي، جنهن ۾ گرين بيلٽ ويڪرا روڊ وڏا وڏا هوٽل شاپنگ مال وغيره آهن. روضن جي اطراف ۾ بنو اسد قبيلي جا ماڻهو رهن ٿا ۽ سندن دوڪان آهن. صدام کان پوءِ هن شهر وڏي ترقي ڪئي آهي. مکيه روڊ دوراها ۽ چوڪ خوبصورت ڪيا ويا آهن. تمام وڏيون عمارتون ۽ هوٽل زير تعمير آهن. هتي ڪيترائي ڪاليج ۽ يونيورسٽيون آهن. فائيو اسٽار ۽ فور اسٽار هوٽل به جام آهن. شهر ۾ هر قسم جون ڪارون، بسون ۽ ٻيون اڪيچار گاڏيون روان دوان هونديون آهن. اڄوڪي ڪربلا کي هڪ ماڊرن شهر چئي سگهجي ٿو.