بازارِ بزرگ
خيابان امام رضا جي کاٻي پاسي بازار بزرگ نالي پراڻي شاهي بازار آهي، جيڪا پڻ ڍڪيل آهي. هن بازار ۾ دوڪان پراڻا ۽ شيون به خاص ڪونه آهن. البت نومبر 1991ع ۾ جڏهن پهريون ڀيرو مان هتي آيو هيس ته هتان مون ٻه بوٽ خريد ڪيا هئا، جيڪي ڪنهن ڪارخاني جا نه پر موچيءَ جي هٿ جا ٺهيل هئا، جيڪي اڄ ڏينهن تائين مون وٽ موجود آهن ۽ ڪٿان به نه ڦاٽا آهن ۽ نه ئي ترو نڪري ويو اٿن. بوٽن ۾ اندران بف لڳل آهي، تنهن ڪري سخت سرديءَ جي موسم ۾ ڏاڍو ڪارآمد آهن.
بازار امام رضا ۽ بازار بزرگ جو چڪر ڏئي حرم پاڪ ۾ آياسين. ضريح پاڪ جي زيارت ۽ چُمڻ کان پوءِ ستن ڏينهن جون قضا نمازون ادا ڪيونسين، جنهن لاءِ مولوي قمر صاحب ٻڌايو ته ان جو وڏو ثواب آهي. نمازن مان فارغ ٿي صحن ۾ سبيل مان پاڻي پي واپس وٿاڻن تي آياسين ۽ سمهي رهياسين.
هن دفعي اسانجي پروگرام ۾ نيشاپور شامل ڪونه هيو، ان ڪري نيشاپور وڃي ڪونه سگهياسين. پر جيئن ته مان اڳ ۾ ئي نيشاپور ڏسي آيو هئس، تنهن ڪري هتي نومبر 1991ع واري روداد ڏجي ٿي، ان ڪري جو مشهد جو ذڪر ڪجي، ۽ نيشاپور جو ذڪر نه ڪجي، ناانصافي ٿيندي. هونئن ته اصفهان، شيراز، تبريز، ڪرمانشاه، اهواز، ڪِيش وغيره تمام سهڻا شهر آهن، ۽ انهن جو ذڪر ڪرڻ به ضروري آهي، پر اهو ڪنهن ٻئي دفعي ڪبو.