حضرت حذيفه يماني
چون ٿا ته حضرت حذيفه درياهه دجله جي ڪناري تي مدفون هئا. ساڻن گڏ حضرت جابر بن عبدالله انصاري پڻ ڀرسان ئي دفن ٿيل هئا. سن 1932ع عيسوي مطابق 1351 هجري ان وقت عراق جي بادشاهه فيصل بن شريف حسين کي حضرت حذيفه خواب ۾ آيا ۽ بادشاهه کي مخاطب ٿي فرمايائون ته درياهه دجله جو پاڻي تيزيءَ سان منهنجي قبر ۾ داخل ٿي رهيو آهي ۽ جابر بن عبدالله انصاري جي قبر ۾ به آهستي داخل ٿي رهيو آهي. ساڳيو خواب بادشاهه ٻئي ڏينهن به ڏٺو، پر ملڪي معاملات جي مصروفيت جي ڪري سندس ڌيان ان طرف ڪونه ويو، تان جو ٽئين ڏينهن به ساڳيو ئي خواب عراق جي مفتي اعظم ڏٺو. جنهن ۾ حضرت حذيفه مفتي کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته اسان ٻن ڏينهن کان بادشاهه کي چوندا ٿا اچون ته اسان جون قبرون پاڻيءَ سان ڀرجنديون ٿيون وڃن ۽ بادشاهه آهي، جو ان طرف ڌيان ئي ڪونه اٿس. انهيءَ کي ٻڌاءِ ته اسان جي قبرن کي منتقل ڪرڻ جو بندوبست ڪري. بادشاهه، مفتي ۽ وزيراعظم مشورو ڪري فيصلو ڪيو ته ذوالحج جي ڏهين تاريخ تي قبرن جي کوٽائي ڪري لاش مبارڪ منتقل ڪيا ويندا. جيئن ته ڏهين ذوالحج عيد جو ڏينهن هو ۽ حجاج جيڪي مڪي ويل هئا، تن جو پهچڻ محال هو، تنهن ڪري عوام جي اسرار تي تاريخ بدلائي 20 ذوالحج ڪئي وئي. 20 ذوالحج تي پهريائين حضرت حذيفه جي قبر کوٽي وئي ته واقعي قبر ۾ پاڻي موجود هو ۽ لاش ۽ ڪفن صحيح سلامت هئا، ڄڻ ڪو ماڻهو ستو پيو هجي. لاش مبارڪ ڪرين سان کنيو ويو ۽ هڪ اسٽريچر تي رکيو ويو. اسٽريچر کي شاهه فاروق مصر، شاهه فيصل عراق، مفتي اعظم ۽ وزيراعظم کڻي هڪ شيشي جي پيٽي ۾ منتقل ڪيو. ساڳيو ئي عمل حضرت جابر بن عبدالله انصاري جي جسم مبارڪ لاءِ دهرايو ويو ۽ ٻنهي صحابين جا جسد خاڪي حضرت سلمان فارسيءَ جي ڀرسان دفن ڪيا ويا. هاڻي ٽيئي صحابي هڪ روضي ۾ آرام فرما آهن.