شهر بغداد
نئون بغداد خوبصورت ۽ ترتيب سان ٺهيل شهر آهي. موسم جي سختي پنهنجي جاءِ تي پر نه ٽريفڪ جي ڀڃڪڙي ۽ نه ٽريفڪ جام. جڳهه جڳهه تي اوور هيڊ پُلن جي ڪري ٽريفڪ جام ڪونه ٿي ٿئي. باقي پراڻو بغداد لڳ ڀڳ سنڌ جي پراڻن شهرن جهڙو آهي، جيئن لياري، چاڪيواڙو، بغدادي وغيره. دله ڪمپني ڏانهن وڃڻ کان پهريان اسان علي شير کي لاٿو هو ته پيران پير دستگير جي زيارت ڪري، سو اسان شهر گهمندي گهمندي جڏهن روضي تي آياسين ته هو ويچارو ٻاهر روڊ تي گرميءَ ۾ بيٺو هو. هن کي اتي بيٺي ڪيئي ڪلاڪ گذري ويا هئا. هڪ ته هن چيو هو ته منهنجو فڪر نه ڪجو، ڇو ته مان دل جَمعي سان زيارت به ڪريان ۽ عبادت به ڪريان، توهان ڀلي ڪم ڪار لاهي بي فلگارا ٿي پوءِ اچي مون کي کڻجو. اسان ته اتفاقاً اتان گذرياسين ته علي شير مين روڊ تي اس ۾ بيٺو هئو. علي شير کان ٻاهر بيهڻ جو سبب پڇيوسين ته چيائين ته ظهر جي نماز کانپوءِ پندرهن ويهه منٽ کن روضو کليل هو ۽ ان کان پوءِ بند ڪري اسان کي ٻاهر نڪرڻ لاءِ چيائون. شهر سان واقفيت نه هئڻ ڪري مان ڪيڏانهن وڃان. تنهن ڪري اتي ئي بيهي توهان جو انتظار پئي ڪيم. ياد رهي ته تنهن زماني ۾ موبائيل فون وغيره ڪونه هوندا هئا. تنهن ڪري رابطي جو سوال ئي پيدا ڪونه ٿي ٿيو. خير علي شير کي ساڻ ڪري شهر جو چڪر ڏنوسين ۽ بغداد جو واءُ سواءُ لڌوسين.
ها ته ڳالهه پئي ڪسي سين بغداد شهر جي ته بغداد شهر 2011ع جي آدم شماري مطابق تقريباً 73 لک ماڻهن جو شهر آهي. قاهره کان پوءِ عرب دنيا جو ٽيون وڏو شهر آهي ۽ اولهه ايشيا ۾ پڻ تهران کانپوءِ ٻيو نمبر وڏو شهر آهي. 1997ع جي مردم شماري جي انگرن اکرن جي ڄاڻ ڪانه آهي.
درياهه دجله جي مٿان اڏيل هي شهر اٺين صدي عيسويءَ ۾ قائم ٿيو ۽ عباسي خليفن هن شهر کي پنهنجي خلافت جي گاديءَ جو هنڌ بڻايو. ڏسندي ڏسندي هي شهر اسلامي دنيا جو تمدني، ثقافتي، اقتصادي ۽ علمي مرڪز بڻجي ويو. منگولن هن شهر کي 1258ع ۾ حملو ڪري لٽيو ڦريو ۽ تباهه ڪيو. ان وچ ۾ بغداد ڪيئي تباهيءَ جا طوفان برداشت ڪيا ۽ تعمير به ٿيندو رهيو، تان جو 1938ع ۾ بغداد وري عربي تمدن جو مرڪز ٿي ويو. بهرحال هن وقت بغداد هڪ خوبصورت شهر آهي. جيئن ته اسانجي سفرنامي جو مقصد بغداد تي مرڪوز ناهي، تنهن ڪري اسان پنهنجي مشاهدي تي ٿا هلون، ته جيڪي اسان ڏٺو، نه ته بغداد تي لِکڻ لاءِ الڳ ڪتاب کپي.
اسان بغداد ۾ اڄ فقط حضرت قنبر يعني مولا عليؑ جي ٻانهي جي قبر جي زيارت ڪئي سين، جيڪو پراڻي بغداد ۾ بازار ۾ واقع آهي. ڪرنسي ڊيلرن کي دينارن جا ڍڳ روڊ تي رکي وڪڻندي ڏٺوسين. وڏي ۾ وڏو نوٽ اڍائي سو دينارن جو آهي. هڪ روپئي جي قيمت تقريباً 35 يا 40 دينار هئي. تقريباً ساڍي ڇهين بجي بغداد ڇڏيوسين ۽ واپس ڪربلا ۾ هوٽل رساله تي آياسين. ڪجهه وقت آرام ڪري هوٽل تان وضو ڪري حرمين امامؑ ۽ غازي عباسؑ جي زيارت ڪري شهر جي ٻين زيارتن لاءِ نڪري پياسين، جنهن جو احوال هيٺ ڏجي ٿو.