سفرناما

هل هِنئين سين هوت ڏي

هي ڪتاب ايران، عراق ۽ شام جي زيارتن تي مشتمل سفرنامو آھي جنھن جو ليکڪ مختار جانوري صاحب آھي.
جانوري صاحب ڪتاب ۾ لاڙڪاڻي کان ڪوئٽا، تافتان ۽ مشھد، نيشاپور کان ڪربلا، ڪوفہ ۽ عراق جي ٻين شھرن بغداد، ڪاظمين ۽ شام جي دمشق سميت ٻين زيارتن ۽ انھن شخصيتن بابت تفصيلي لکيو آھي.
Title Cover of book هل هِنئين سين هوت ڏي

امام محمد تقي جواد

امام سائين جو نالو محمد تقي، ڪنيت ابوجعفر ۽ لقب جوادؑآهي. پاڻ اهلبيت رسولﷺ جا نوان امام آهن. سندن والده جو نالو سبيڪھ خاتون آهي، جيڪي رسول خداﷺ جي بيبي ام المؤمنين ماريه قبطيه جي خاندان مان هيون. امام محمد تقي جي ولادت باسعادت 10 رجب المرجب 195 هه ۾ مدينه منوره ۾ ٿي.
بنو عباس جي زماني ۾ شيعان عليؑلاءِ زمين تنگ ڪئي وئي هئي. شيعان عليؑٿيڻ ڄڻ وڏو گناهه جو ڪم هو. انهيءَ ڏوهه ۾ قيد ڪرڻ، قتل ڪرڻ، جائيداد جي ضبطي ، گهرن کي ڊاهڻ، ملڪ نيڪالي ڏيڻ وغيره جا ڪم شيعن خلاف ٿيندا رهندا هئا. تنهن ڪري ڪيتريون ئي بزرگ هستيون پاڻ کي شيعو ظاهر ڪرڻ کان پاسو ڪنديون هيون. هٿ ٺوڪيا درٻاري فقيه ۽ امام پيدا ڪيا ويا، جن کي نه ته علم و دانش حاصل هو ۽ نه ئي صاحبِ ولايت هئا. ماڻهن کي اجاين مذهبي مناظرن ۾ الجهايو ويو، جنهن ڪري ڪيترائي فرقه معرضه وجود ۾ آيا، جن جو فائدو حڪمرانن کي ٿي پهتو. سڄي تاريخ اهڙين گندين حرڪتن سان ڀري پئي آهي، جنهن تي روشني وجهڻ اسان جي سفرنامي کي نه فقط ڊگهو بڻائيندو، پر هڪ تاريخي بحث ڇڙي پوندو، جيڪو منهنجو مقصد ناهي. مان فقط انهن پاڪ هستين جو ذڪر ڪندي انهن سان لاڳاپيل واقعن جو فقط ذڪر ٿو ڪيان، نه ته خالي روزمرهه جي ڪارروائي لکڻ مان ڪو به فائدو ڪونهي. سوال ٿو پيدا ٿئي ته، آخر هيڏا ڪشالا ڪاٽي، وقت ڪڍي تڪليفون سهي، انهن هستين جي سلام لاءِ ڇو ٿو وڃي، اهو ٻڌائڻ تمام گهڻو ضروري آهي. تنهنڪري مختصر تاريخي پس منظر ڏيڻ ضروري ٿو سمجهان.
مامون عباسي، بني عباس جو سڀ کان وڌيڪ هوشيار، چالاڪ ۽ دورانديش حڪمران هو. هن ڪوشش ڪئي ته گذريل حڪمرانن جي بنسبت هن جو رويو خاندان رسالتﷺ سان ڪجهه ٻئي قسم جو هجي. مامون رشيد عباسي سندن ڪرامات هدايات ۽ ارشادات کان متاثر ٿي کين بغداد گهرايو ۽ پنهنجي ڌيءُ ام الفضل سان امام سائينءَ جي شادي ڪرائي. سال کن بغداد ۾ رهڻ کانپوءِ امام سائين جن پنهنجي گهر واريءَ سان مديني هليا ويا. سندن زياده تر وقت مسجد نبويﷺ ۾ درس و تدريس ۾ گذرندو هو ۽ اهل مدينه ۽ ٻيا مسلمان سندن وعظ و نصيحت مان استفادو حاصل ڪندا هئا.
معتصم بالله عباسي جي اقتدار ۾ ايندي ئي امام کي زبردستي مديني مان بغداد گهرايو. هُنَ حاڪمِ مدينه عبدالمالڪ کي کين گرفتار ڪري بغداد اماڻڻ لاءِ تاڪيدي خط لکيو. هڪ سال تائين امام (ؑ) کي قيد ۾ رکيو ويو. قيد ۾ هئڻ جي باوجود امام جي محبان جو دائرو وسيع کان وسيع تر ٿيندو پئي ويو، جنهن جو معتصم کي سخت خطرو رهندو هو. هڪ ڏينهن ام الفضل کي گهرائي انعام و اڪرام جي لالچ ڏئي کين انگورن ۾ زهر ڏياري شهيد ڪرايو ويو. انگورن جي زهر سندن بدن تي هڪدم اثر ڪيو ۽ انهي ڪري 29 ذي القعد 220 هجريءَ ۾ رڳو 25 سالن جي صغيرسني ۾ سندن شهادت ٿي. شهادت کان پوءِ امام علي نقيؑباعجاز امامت مديني مان آيا ۽ پنهنجي والد ماجد جي تجهيز و تڪفين ڪئي ۽ کين سندن ڏاڏي امام موسيٰ ڪاظمؑ جي ڀرسان رکيو ويو. جيئن ته سندن ڏاڏي مڪرم (ؑ) جو لقب ڪاظم ۽ سندن لقب جواد (ؑ) آهي. تنهن ڪري شهر کي ڪاظمين ۽ ريلوي اسٽيشن کي جوادين سڏيو ويندو آهي.
زيارت ۽ اذن دخول پڙهي ٻنهي امامن سڳورن جي ضريح کي چنبڙي بوسا ڏناسون ۽ دعائون گهريون سين. روضي اندر تمام گهڻِ رش هئي، ضريح ۽ ديوار جي وچ وارو مفاصلو گهٽ هئڻ ڪري ضريح کي بوسو ڏئي نڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي ٿو پوي. تنهن ڪري زيارت ڪرڻ محل احتياط ضروري آهي. زيارت ڪري ان کانپوءِ شهر اندر هڪ ريسٽورينٽ تي ماني کائي هوٽل زمزم تي آياسين. هوٽل زمزم حرم جي پٺين پاسي ۽ بازار جي وچ تي آهي. هوٽل جي دريءَ مان حرم جو نظارو ڪري سگهجي ٿو. مون هوٽل جي دريءَ مان ئي ڪجهه فوٽو ڪڍي ورتا. هوٽل وڏو ۽ ڪشادو آهي، پر ڏاڍو پراڻو آهي. ڪمرا وڏا هوادار پر صفائي نالي ڪان ڪونه اٿس، جهڙا اٿس گدا ميرا تهڙا اٿس بسترا گدلا، باٿ روم به ڪشادا اٿس. مگر جتي ڊبليو سي (w.c) جيڪڏهن ٽُٽي پئي آهي ته انهيءَ کي سيمينٽ سان بند ڪيو ويو آهي، تنهن ڪري صفائيءَ کان وانجهيل آهي. خير هڪ رات گذارڻي آهي، خير سان گذري ويندي، ٻيو ته زيارتن ڪرڻ ۾ تڪليفون اينديون آهن. جيڪي صبر سان برداشت ڪرڻيون پونديون آهن ۽ شڪوو شڪايت ڪانه ڪبي آهي. شل الله سائين انهن تڪليفن باعث زيارت قبول فرمائي ۽ امامين عليهم سلام اسان جو سلام قبول ڪن.
صبح جو ناشتو ڪري وياسين ڪيمرا جا رول وٺڻ، جيڪي سولائيءَ سان ملي ويا. هاڻي سامان لاهي هوٽل جي لابيءَ ۾ ويهي بس جو انتظار ڪرڻ لڳاسين. نيٺ ساڍي يارهين بجي صبح جو بس آئي ۽ اسين پوڻين ٻارهين ڌاران بس ۾ سامان رکائي پنهنجي سيٽن تي براجمان ٿي ويٺاسين. هاڻي ڪاظمين کانپوءِ بغداد مان ٿيندا شام ملڪ ڏي ويندڙ مين هاءِ وي تي پهتاسين. بغداد کان دمشق تقريباً ساڍا اٺ سو ڪلوميٽرن جو رستو ٻڌايو ويو. روڊ تمام ويڪرو ۽ عاليشان آهي. روڊ دوراهو يعني dual carriage way موٽر وي آهي، جنهن تي بهترين Asphat concrete ٿيل آهي. رستي تي اڍائي ٽين بجي ڌاران هڪ ڳوٺ جي هوٽل تي ماني کائڻ لاءِ بيٺاسين. مانيءَ ۾ مون هشم نالي ڊش گهرائي. هشم گوشت جي رس وارو ٻوڙ هوندو آهي، ۽ منجهس ڀوريل نان پَيل هوندو آهي. سرڪار عبدالمطلبؑجي والد کي هاشم به ان ڪري چوندا هئا، جو پاڻ مڪي ۾ قحط سالي واري زماني ۾ پنهنجا اٺ ڪهرائي انهن جو ٻوڙ رڌائي انهن ۾ نان ۽ مانيون ڀورائي ۽ وجهرائي عوام ۾ تقسيم ڪندا هئا، تنهنڪري سندن نالو هاشم پئجي ويو هو. ماني کائي ڀر واري مسجد ۾ نماز ظهرين ادا ڪرڻ آياسين، ته مسجد ۾ موجود ماڻهو اسان کي نماز پڙهندي چتائي ڏسي رهيا هئا، جنهن مان سمجهيوسين ته هي علائقو غير شيعه ۽ شيعه زائرين جي خير خواهن جو ناهي. نماز مان فارغ ٿي وري اچي بس ۾ سوار ٿياسين ۽ بس وري مين هاءِ وي تي هلڻ لڳي، بس ڪشادي، آرامده ۽ ايئر ڪنڊيشنر لاجواب هوس، تهڙوئي سندس ڊرائيور عدنان، بااخلاق ۽ تعاون وارو انسان هو ۽ مولائي به يگانو هو. تقريباً ڏيڍ سئو ڪلوميٽرن کانپوءِ برپٽ بيابان شروع ٿي ويو. ٻنهي پاسي رڻ ئي رڻ هو. هڪ جاءِ تي فرات نديءَ مٿان گذر ٿيو، جتي درياهه جي پاڻيءَ جو رنگ گهرو سائو نظر آيو. فرات جي اوسي پاسي کجيون نظر آيون ۽ ڪٿي ڪٿي زمين ۾ آبادي به نظر آئي. بس ان کاپوءِ بيابان جو اڻ کٽ سلسلو شروع ٿي ويو. ڪٿي ڪٿي ننڍڙا ڳوٺ نظر آيا، جن جي ڀرپاسي ۾ ڪا به زمين آباد نظر ڪانه آئي. عدنان ٻڌيو ته هنن ڳوٺن جي ماڻهن جو دارومدار سمگلنگ تي آهي، جيڪي عراق مان تيل، پيٽرول، ڊيزل وغيره اٺن تي کڻي غير معروف ۽ غير محفوظ صحرائي پيچرن تان ٿيندا شام پهچندا آهن ۽ اتان کاڌي پيتي جو سامان دوائون، بسڪوٽ، ڪپڙا لٽا، سگريٽ، چاڪليٽ وغيره کڻي اچي عراقي شهرن ۾ کپائيندا آهن. ٻنهي ملڪن جي حڪومتن انهن تي هٿ پڻ هلڪو رکيو آهي جيئن شام کي چور دروازي مان پيٽرول ۽ ڊيزل ملي سگهي ۽ عراق کي موٽ ۾ اشياءَ خورد و نوش ۽ لٽا ڪپڙا وغيره ملي سگهن. اسان جنهن علائقي مان گذري رهيا هئاسين اهو علائقو ماضي قريب ۾ ڪيئي سال داعش جي قبضي ۾ رهيو آهي، جنهن کي عراقي فورسز ۽ رضاڪارن تازو هاڻي آزاد ڪرايو آهي. عراق جي حڪومت جي نااهلي چئبي، جو هنن صدام جي موت کان پوءِ فوج مان صدام جا ماڻهو ڪونه ڪڍيا، ۽ اهي موجوده حڪومت جا خير خواهه ڪونه هئا، تنهن ڪري گيريزن جون گيريزن آرٽلري سوڌو داعش حوالي ڪري ڀڄي ويا ۽ اهڙي طرح ISIS جو بنياد پيو.
انهن برپٽ بيابانن جي وچان ڪاري ڏامر جو روڊ تيزيءَ سان ڊوڙندو ٿي رهيو. ڪنهن ڪنهن جاءِ تي ننڍڙو خيابان نظر ٿي آيو نه ته الا الا خير سلا. هاڻي سج لهڻ ٻڏڻ وارو هو. هن هيڏي وشال صحرا ۾ گول ڳاڙهي سج جو لهڻ هڪ دلڪش منظر هيو. مان ڪا گهڙي سج کي آهستي آهستي افق ۾ لهندي ڏٺو پئي، جنهن مون کي ڏاڍو سرور ٿي ڏنو. بس تيز رفتاريءَ سان هلندي ٿي هلي ۽ سج آهستي آهستي نظرن کان غائب ٿي ٽٻي هڻي ويو. هاڻي اسان جي گاڏي يعني بس جون لائيٽون ئي روڊ تي لڳي رهيون هيون، نه ته ٻاهر ٻاٽ اونداهي هئي. خير پوڻين نوين بجي رات جو عراقي بارڊر الوليد جنوب تي پهتسين. اميگريشن، ڪسٽم تي اهائي گِــهِلَ ۽ اجائي سجائي دير. مون کي صرف بيگ بس مان لاهڻ ۽ چيڪ ڪرائڻ جو وڏو خفي جو ڪم ٿي لڳو. پر مجبوريءَ ۽ پرائو ملڪ جنهن جي اڍنگي ۽ ظالم حڪومت الله جي پناهه. ڪُڇڻ ۽ احتجاج جي گنجائش ڪانه هئي. ٻاهر چڱي ڀلي ٿڌ هئي، ۽ هوا گهلي رهي هئي. واريءَ جو سيءُ ۽ گرمي جنهن جنهن جو مشاهدو هوندو، انهن کي خبر هوندي. ته ڪيڏي نه ظالم موسوم هوندي آهي. ٻي ڳالهه ته شام ملڪ هونئن به ٿڌو آهي، تنهن ڪري عراقي هي علائقو شام جي ويجهي هئڻ ڪري ڪجهه ٿڌو آهي. مون کي هاف سليوز ٽي شرٽ پاتل هئي، تنهن ڪري سيءُ ڪجهه وڌيڪ ٿي لڳو. مان بيگ مان لوئي ڪڍي کڻي پاڻ کي ويڙهيو تڏهن ڪجهه مزي ۾ آيس، هونئن به گهٽ ننڊ ۽ ٿڪ جي ڪري سيءُ وڌيڪ لڳندو آهي. خير عراقي حڪام مان جان ڇڏائي تقريباً ست ڪلوميٽر پري شامي بارڊرر تنف تي آياسين. هن وقت رات جا تقريباً ساڍا يارهن عراقي وقت موجب ٿيا هئا. هتي به اهائي اميگريشن ۽ ڪسٽم جي گِهِلَ ۽ اجائي سجائي دير. سبب شايد اهو آهي، ته هتان جا حڪام چاهيندا هوندا ته ماڻهن جي چهل پهل هلندي رهي نه ته هن برپٽ بيابان ۾ هي اڪيلا ڇا ڪن. شام جي بارڊر تي به اوتروئي ٽائيم لڳي ويو. ٻنهي بارڊرن تي تحفا ڏناسين، ڇو ته ڪسٽم ۽ اميگريشن حڪام کي عراق ۽ شام جي بارڊرن تي تحفا ڏيڻ ڄڻ ته ڪو خدائي قانون هجي، جي خدائي قانون نه ته حڪومت جو قانون ته ضرور آهي. ڇو ته وڏي ديدهه دليري سان تحفن جي تقاضا ٿي ڪيائون. جي تحفا نه مليا ته اجايا سجايا روڙا اٽڪائي، بسون بيهاري ڇڏيندا. هاڻي نه توهان هتان جا نه هتان جا. تنهن ڪري بهتري ان ۾ آهي، ته ڏنو پٽ ڇُٽي جو. تحفن ۾ سگريٽ، سينٽ، پرفيوم، اگربتيون، چانهه، کنڊ ۽ اهڙي قسم جون شيون شامل هونديون آهن، نه ته 50 ڊالرن جو نوٽ ته اڃا به سٺو ڪم ڏئي ويندو آهي، اٽڪل پوڻين ٻين بجي شامي بارڊر تان ڪليئرنس ٿي. هاڻي ننڊ جي ديويءَ اچي نينهن لڳايو هو ۽ مان سندس آغوش ۾ سمهي پيس، پر ننڊ جي ديويءَ جو ايڏو به عشق مونسان ڪونه هو، جو سڄي واٽ ڀاڪر ۾ ڀري سمهاري. ڪنهن ڪنهن مهل ڌڪو ڏئي ٿي اٿاريائين. سڀ کان وڏو ڌڪو اوڏي مهل ڏنائين، جنهن وقت مون کي ڇڏي ڊرائيور کي ڳراٽڙي پاتائين، جي ڊرائيور پاڻ نه سنڀالي ها ته وڃي کاهي ۾ ڪِرون ها ۽ الله کي پيارا ٿي وڃون ها. ها ان کانپوءِ مان ۽ ننڊ بس ۾ نه ملڻ جو عهد ڪيو ۽ مان جاڳندو رهيس، تان جو صبح جو پنجين بجي سائڻ زينب جي شهر زينبيه ۾ پهتاسين. اسان جو بندوبست عبدالڪريم شعبلي جي هاسٽل نما هوٽل ۾ ٿيل هو. شعبلي جا اهڙا ڪيترائي هوٽل حرم جي ويجهو آهن، جن مان ڪن ۾ ايرانين کي، ڪنهن ۾ لبنانين ۽ ٻين عربن کي ۽ ڪن ۾ پاڪستاني، هندستاني ۽ بنگلاديشي زائرين کي رهائيندو آهي. پر مڙني مان ايرانين جا هوٽل وڌيڪ سٺا هوندا آهن. هڪ ته هنن جا قافلا سالار برجسته هوندا آهن، هو ٻن ٻن ٽن ٽن سوَن جي گروپن ۾ ٽوئرسٽ ڪمپني جي وسيلي ايندا آهن، جڏهن ته اسان جي اندرونِ سنڌ جا قافله سالار صحيح نه هوندا آهن ۽ ڪنجوسي سان ڪم هلائي زوارن کي تڪليف ۾ وجهي پئسو ڪمائيندا آهن. خير مان پنهنجي ڪمري ۾ سامان سڙهو رکي، لت ڏئي سمهي پيس، تان جو نائين بجي صبح جو اک کُلي. شعلبي جي هوٽلن ۾ هر وِنگ ۾ سٺو ڪچن يا بورچيخانو هوندو آهي، جتي زائرين پنهنجي مرضيءَ جو کاڌو پچائي سگهندا آهن. ٿانوَ غيره به موجود هوندا آهن، جيئن زائرين کي تڪليف نه ٿئي. ان کان سواءِ مسجدون زنانه مردانه الڳ الڳ ۽ مجلس لاءِ مخصوص هال هوندا آهن، جتي ماڻهو مجلس ڪرائي سگهندا آهن.
اٽڪل ساڍي يارهين بجي صبح جو تيار ٿي جناب زينب بنت عليؑ جي حرم ۾ آياسين. ضريح پاڪ جي زيارت ڪري بوسا ڏئي اکيون اشڪبار ڪيونسين. مولاءِ ڪائنات (ؑ) جي شهزادي جي تڪليفن ۽ صعوبتن تي گريو ڪيوسين. دعائون گهريون سين ۽ نماز ظهرين ادا ڪئيسين. نماز ظهرين کانپوءِ ماني کائي پنهنجي رهائش السبطين تي آياسين. ٿورڙي ڪچهريءَ کان پوءِ وري سمهي رهياسين. ان وقت تقريباً دمشق جي وقت مطابق ساڍا ٽي کن ٿيا هئا، تان جو ڇهين بجي اک کلي. تيار ٿي وري روضي جي زيارت لاءِ وياسين ۽ ساڍي اٺين بجي حرم مان ٻاهر نڪري زينبيه شهر جو چڪر لڳايوسين. زينبيه ننڍو شهر آهي، ۽ دمشق کان هونئن ته اٺ ڏهه ڪلوميٽر کن ٿيندو، پر هاڻي ڄڻ گڏجي ويو آهي. اطراف ۾ زيتونن يعني olive ۽ انجيرن جا باغ آهن. شهر خوبصورت آهي، پر عراق ۽ ايران جي مقابلي ۾ هتي مهانگائي ڏاڍي آهي.
پاڪستاني سڪو ڪرنسي ڊيلر وٺن ٿا ۽ هڪ هزار روپين جي عيوض يارهن سو شامي ليرا ڏين ٿا. سن 2000 ۾ وري جڏهن ويو هوس ته پاڪستاني هزار روپين جا 900 ليرا ٿي ڏنائون. ليرا درحقيقت شامي پائونڊ آهي. 2007ع ۾ ته مورڳو پاڪستاني ڪرنسي ورتائون ئي نه ٿي. پر هندوستاني ڪرنسي وغيره ورتائون ٿي، پوءِ مونکي سوچ آئي ته پاڪستان ٺهڻ کان اڄ ڏينهن تائين اسانجو رُپيو برف وانگر ڳرندو ٿو رهي. اسان جي حڪمرانن جيڪو اسانجي معيشت جو حشر ڪيو آهي، انهيءَ جو حساب الله انهن کان وٺندو. پاڪستان ٺهڻ وقت ڊالر ۽ روپيو برابر هئا. جڏهن ته برطانوي پائونڊ ۾ ٻه روپيا هئا. آهستي آهستي ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 108 روپين جو لڳو آهي، شرم جي ڳالهه آهي حڪومتن لاءِ ۽ ان کان وڌيڪ عوام لاءِ، جيڪي اهڙن ناعاقبت انديش ۽ ڪرپٽ ماڻهن کي چونڊي حڪومتن ۾ موڪلين ٿا، جيڪي پنهنجا ڀِڀَ ڀري عوام کي قرضن ۽ مهنگائي جي بار هيٺ دٻائيندا ٿا رهن، نتيجاً سڪي جو value گهٽبو ٿو رهي.
هاڻي ڪجهه ذڪر ڪنداسين سائڻ زينب ، زينبيه ۽ دمشق جو، ته پڙهندڙن کي ڪجهه شهرن جي ڄاڻ ٿئي ۽ تاريخي حقائق جي پروڙ پوي.