سفرناما

هل هِنئين سين هوت ڏي

هي ڪتاب ايران، عراق ۽ شام جي زيارتن تي مشتمل سفرنامو آھي جنھن جو ليکڪ مختار جانوري صاحب آھي.
جانوري صاحب ڪتاب ۾ لاڙڪاڻي کان ڪوئٽا، تافتان ۽ مشھد، نيشاپور کان ڪربلا، ڪوفہ ۽ عراق جي ٻين شھرن بغداد، ڪاظمين ۽ شام جي دمشق سميت ٻين زيارتن ۽ انھن شخصيتن بابت تفصيلي لکيو آھي.
Title Cover of book هل هِنئين سين هوت ڏي

خُسروي

خُسروي

خسروي بارڊر تي ايراني حڪام جون خوبصورت عمارتون ٺهيل آهن. ٿورڙو ئي پريان غسل خانه ۽ W.Cs وغيره آهن. صفائي سٿرائيءَ جو پڻ سٺو بندوبست ٿيل آهي. ايراني بارڊر تان اميگريشن ۽ ڪسٽم ڪليئر ڪرائڻ ۾ تقريباً ٻه اڍائي ڪلاڪ لڳي ويا. ٻنهي کاتن جا ڪارندا خوش اخلاق هئڻ سان گڏ جلدي جلدي ڪم اڪلائي رهيا هئا. آخر پاسپورٽ تي ٽپا لڳي مليا ۽ اسان کي هڪ ننڍي گاڏيءَ ۾ ويهاري عراقي بارڊر خانقين تي ڇڏيائون، جيڪو اڌ ڪلوميٽر کن جي مفاصلي تي المنظريه ڳوٺ جي لڳ آهي. هاڻي اسان عراقي گيٽ تي عراق جي سرحد ۾ داخل ٿيڻ لاءِ قطار ٺاهي بيٺاسين. هتي سخت گرمي هئي، تنهن ڪري هٿ بيگ مان ننڍڙو ٽوال کڻي مٿي تي رکيم ته، جيئن ڏينهن نه لڳي، ڇو ته هينئر تقريباً ساڍا يارهن کن عراقي وقت مطابق ٿيا هئا. اسان حڪم جا بندا عراقي سپاهي جي حڪم تي قطار ٺاهيو بيٺا آهيون، ته جيستائين وڏي ڪنهن صاحب جو آرڊر ملي ته هنن کي اندر ڇڏيو. تقريباً هڪ ڪلاڪ کن هن دوزخ جي بارڊر تي بيٺا هئاسين، جتي لُڪ ۽ جهولي اسان جو منهن ٽامو ڪري ڇڏيو هو. جيستائين عراقي گاڏي اچي ۽ اسان کي اميگريشن لاءِ وٺي وڃي گيٽ تي بيٺل سپاهي صاحب سگريٽ، چانهه، کنڊ، پتي وغيره جي تقاضا ڪئي. مولوي صاحب کي هنن جي ڪرتوتن جي خبر هئي، تنهن ڪري هڪ سگريٽن جو پاڪيٽ ۽ اگربتين جو هڪ پڙو ان سپاهيءَ کي نذراني طور ڏنو، جنهن ان حقيرندراني تي ناپسنديدگيءَ جو اظهار ڪندي بادل نخواسته گيٽ کوليو ۽ اسان سرزمين عراق ۾ داخل ٿياسين. ڏسندي ئي ڏسندي پريان عراقي گاڏي اچي وئي، جنهن ۾ سوار ٿي اسان خانقين جي اميگريشن ۽ ڪسٽم بلڊنگس ۾ پهتاسين. هتي نه مسافرن جي ويهڻ جو بندوبست هيو ۽ نه ئي ڪنهن به قسم جي سهولت. پاڻي پيئڻ لاءِ ڪنهن ڪولر جو به بندوبست ڪونه هو. جيڪڏهن ڪنهن کي پاڻي پيئڻو هجي ته سڏ پنڌ تي قائم ٿيل هڪ ٻاڪڙا قسم جي ريسٽارينٽ تان پي اچي. سج به ايڏو تکو هجي، جو ڇا ڳالهه ڪجي. اسان کان اڳ ۾ ٻه چار قافله موجود هئا، جيڪي اميگريشن ۽ ڪسٽم ڪليئر ڪرائڻ ۾ مصروف ۽ پريشان هئا. اسان جي سالار قافله، جنهن کي عربيءَ ۾ رئيس الوفد چيو پئي ويو. اسان جي ٽوئرسٽ ڪمپني ’دله‘ کي اڳواٽ اطلاع ڪونه ڪيو هو، پر اسانجي خوش نصيبي چئبي، جو دله ڪمپنيءَ لاهور جي قافلي کي وٺڻ لاءِ هڪ عاليشان مرسڊيز بس جو بندوبست ڪيو هو، پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو، لاهوري قافلي ۾ جنهن جو سالار سيد سجاد حسين شاهه هو، ۾ به 12 کن ماڻهو مس هئا، تنهن ڪري دله ڪمپنيءَ جي ايجنٽ چيو ته، توهان کي به ساڳي ئي بس ۾ کڻي هلنداسين، ڇو ته بس ۾ ڇٽيهه ماڻهن جي گنجائش آهي، تنهن ڪري شام ملڪ تائين ۽ خانقين واپسيءَ تائين توهان جا ٻئي قافلا گڏي هڪ قافلو ٿا ڪريون ۽ توهانجي رهائش به ساڳي ئي هوٽل ۾ هوندي. لاهوري قافلي سان رسمي تعارف ٿيو. سيد سجاد حسين شاهه هڪ شريف ۽ صابرين سيد هو. ان کان سواءِ ٽي ماڻهو، جن جو ذڪر اڳتي هوندو، قابل ذڪر آهن. هڪڙو هو حيدري صاحب، جيڪو قد جو پورو سارو، ٿلهو متارو، ڪاري قميص ۽ گوڏ ۾ ملبوس، اڇا وار، اڇي ڏاڙهي، اڇا شهپر، عمر رسيده ماڻهو، ٻيو ماسٽر صاحب، ڏينهن رات پينٽ قميص ۾ ملبوس ۽ ٽيون مائي سيده عابده، جيڪا پيشي جي لحاظ کان ٽيچر هئي. سڄي سفر دوران هوءَ مائي اسان سنڌين سان گڏ هوندي هئي، جنهن تي هن کي پنهنجي قافلي وارا چوندا هئا ته آئي آهين اسان سان ۽ سڄو ڏينهن سنڌين سان ٿي زيارتون ڪندي وتين، ته انهن کي چوندي هئي ته، هي ڏاڍا سٺا ماڻهو آهن، هنن وٽ نياڻين لاءِ وڏو احترام آهي، جيڪو توهان ۾ ڪونهي. خير دله ڪمپنيءَ جو ايجنٽ اسانکان پاسپورٽ وٺي اميگريشن آفيس هليو ويو، ۽ اسان کي ظالم ڪسٽم وارن جي حوالي ڪري ويو. ايجنٽ صاحب اميگريشن آفيس ۾ ويٺي ئي اسان کي گهرائڻ کان سواءِ دخول جا ٺپا لڳرايا. اسان کي اميگريشن جي زحمت مان ان ڪري خلاصي ٿي، جو دله ڪمپنيءَ صدام حسين جي پٽ قصي جي هئي، ان ڪري اسان کي اها سهولت ميسر ٿي. جي ٻي ڪمپني هجي ها، ته ڪافي وقت لڳي وڃي ها. باقي ڪسٽم وارن بيهاري بيهاري اسانجا لاهه ڪڍي ڇڏيا. اسان جي بيگن ۽ ٿيلهن مان سامان ڪڍي کنڊيري پئي ڇڏيائون، جيئن ڪُڪُڙِ کوٽهڙو ڪندي آهي. سخت بکئي قسم جا ماڻهو آهن عراقي ڪسٽم وارا، هونئن ته اسان جا پاڪستاني به گهٽ ڪونه آهن. دبئي، سنگاپور، بينگڪاڪ، استنبول، هوسٽن جي فلائيٽ آئي ناهي ڪسٽم وارا توهان کي مستعد نظر ايندا، ۽ انهيءَ تلاش ۾ هوندا ته ڪا وسڪيءَ جي بوتل، پرفيوم، موبائيل وغيره هجي ته تڳايون ۽ جي مالڪ اڙي ڪري، ته ڪيس داخل ڪري، ٽي وي ۽ اخبارن جي زينت بڻجي ته ”ايڪ مسافر ڪي بيگ سي غير ملڪي شراب برآمد ڪسٽم حڪام ني ڪيس داخل ڪر ڪي تفتيش شروع ڪردي هي.“ هتي به ساڳيو ئي قصو هو. عراقي ڪسٽم وارا چون ته، استري، ڪيمرا وغيره هتي جمع ڪرايو، ڇو ته عراق ۾ کڻي وڃڻ تي پابندي آهي. ان کان سواءِ دعائن جا ڪتاب وغيره به بيگن مان ڪڍي بيدرديءَ سان هيٺ پَٽ تي ڦٽا ٿي ڪيائون. مان سڄي رمز سمجهي ويس. چيڪ ڪرڻ واري کي عقيق جي منڊي ۽ پنجاهه کن ڊالر بخشش طور ڏنا، پوءِ ته هو همراهه ٻلهار ٻلهار پيو ٿئي. کِلي کلي مون سان تاڙا پئي ملايائين، ڄڻ منهنجو ڪو عزيز هجي. منهنجي استري، ڪيمرا، رول ۽ ڪتاب واپس ڪيائين، بلڪ چيائين ته، پنهنجن دوستن کي به ڪتاب کڻي ڏي. مان سڀني دوستن کي سندن ڪتاب واپس ڪرايا. ان کان پوءِ هن استري ۽ ڪيمرا منهنجي پاسپورٽ تي چاڙهي ڏني ۽ تاڪيد ڪيائين ته واپسيءَ ۾ اهي شيون موجود ضرور هجن، نه ته ڪسٽم وارا توکي تنگ ڪندا. دل ۾ چيم ته مون هاڻي ترڪيب تيرهين سمجهي ورتي آهي، تون اُلڪو نه ڪر!
هاڻي مرحلو هيو ايڊز ٽيسٽ جو، جيڪو ڍڪوسلي کان سواءِ ۽ ڊالر ڪمائڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه هيو. اسان کي ٻڪرين جي ڌڻن وانگر هڪ ڦٽيچر قسم جي اسپتال ۾ وٺي ويا، جتي اڻ ڄاڻ ڊاڪٽرن ڏاڍي بيدرديءَ سان رت ڪڍيو ۽ انهيءَ ٽيسٽ لاءِ في ماڻهو پنجاهه ڊالر ۽ هڪ ڊالر في ماڻهو بارڊر کان اميگريشن آفيس تائين آڻڻ جو ورتو. ان کان سواءِ 5 ڊالر بخشش طور ورتا، جنهن جي ڪائي به رسيد نه ڏني وئي. ڊاڪٽرياڻيون ۽ نرسون اسڪرٽ ۾ ملبوس هيون، پر شائسته قسم جون عورتون هيون. سندن رويو دوستاڻو هيو. اهو مرحلو به خير سان پورو ٿي ويو ۽ هاڻي اسان جو دله ڪمپنيءَ جو ايجنٽ اسان کي مهمان طور منجهند جو ويلو کارائڻ لاءِ ريسٽورينٽ تي وٺي ويو. ريسٽورينٽ هڪ عام قسم جي هئي ۽ کاڌي ۾ چانور، ڪباب، ماني ۽ واڱڻن جو ٻوڙ پيش ڪيو ويو. جيستائين ماني ٽيبل تي لڳي، مان انهيءَ تي پئي سوچيو ته ايڊز ٽيسٽ جي رزلٽ ائين منٽن ۾ ته ڪانه ٿيندي آهي. هنن ته سڀني مسافرن جي اينٽري يعني دخول عراق ۾ ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن ڪنهن کي واقعي خدانخواسته ايڊز هجي ته هنن جي ٽيسٽ جو بندوبست ڪرڻ ته اجايو هو. مطلب ته انهيءَ طريقي سان عراقي حڪومت لکين ڊالر پئي ڪمايا، ڇو ته صدام جي غلط پاليسين جي ڪري عراق جي مٿان اقوام متحده، واپاري، هوائي، امپورٽ ايڪسپورٽ وغيره جون پابنديون عائد ڪري ڇڏيون هيون. عراق انهيءَ ڪري تيل برآمد نه پئي ڪري سگهيو، انهيءَ ڪري غير ملڪي ناڻي جا ذخيرا تمام گهڻو گهٽجي ويا هئا، تنهن ڪري هنن ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ڊالر پئي ڪمايا. حالانڪه ايران سان عراقي سفارتي تعلقات ڪونه هئا، پر هندستاني پاڪستاني زائرين لاءِ بارڊر به انهيءَ مقصد لاءِ کوليو ويو هيو، جيئن ناڻو ڪمائجي. ڪجهه سال پهريان بارڊر بند هئڻ جي ڪري ويچارا پاڪستاني زائرين ترڪي ۽ اردن وسيلي عراق ۾ داخل ٿيندا هئا، جيڪو سفر ڊگهو ۽ تمام گهڻو ٿڪائيندڙ هوندو هو.
ماني کائي فارغ ٿي، ريسٽورينٽ تي ئي پنهنجي سامان سان گڏ بس جو انتظار پئي ڪيوسين ته ڳپل وقت کان پوءِ اسان واري بس آئي. بس ڪشاده ۽ سيٽون بهترين يعني ايڊجسٽبل هُيون، جيڪڏهن ڪوئي چاهي ته ٻنهي سيٽن جي وچ وارو فاصلو وڌائي به سگهيو ٿي، جيئن هڪ ٻئي کي سوڙهاڳ نه ٿئي، يعني سائيڊ سلائيڊنگ سسٽم هو، ان کان سواءِ سيٽ جي بئڪ پڻ ڪافي پوئتي ٿي سگهي پئي، جيئن ماڻهو آرام ڪري سگهي. بس ۾ سامان چاڙهيو ويو ۽ هاڻي اسان وارو قافلو ۽ لاهور وارو قافلو ملائي هڪ ڪيو ويو. مون کي ڊرائيور جي ڀرسان ئي اڪيلي سيٽ ڏني وئي ۽ ائين عراقي وقت مطابق تقريباً اڍائي بجي منجهند جو ڪربلا لاءِ روانا ٿياسين. بس ۾ اسان جو گائيڊ جنهن جو نالو خطاب عبدالجبار هيو، پڻ سوار ٿيو، جيڪو گائيڊ گهٽ ۽ ايجنسين جو ماڻهو وڌيڪ هو. خطاب ٿوري ٿوري انگريزي ڏکيائي سان سمجهيو ٿي باقي ڳالهائڻ ۾ صفا ڪورو ڄٽ هو. ڪو ڪو انگريزي لفظ عربي انداز ۾ منهن مبارڪ مان ڪڍيائين ٿي نه ته خير. بس جو ڊرائيور. ڊرائيور گهٽ ۽ سينڊو وڌيڪ ٿي لڳو، بدتميز، وڏو بي هودو، هٺيلو ۽ خودسر هيو. پاڻ کي ڪجهه سمجهيائين ٿي ڄڻ عراقي حڪومت هن کان سواءِ نه ٿي هلي سگهي. هڪ ته گاڏي سست رفتاريءَ سان ٿي هلايائين، ٻيو ته مسافرن کي عربيءَ ۾ چهڙون ڏيندو ٿي هليو ڄڻ زائرين هن جي پيءُ جي ڪمداري ڪندا هجن. ان کان سواءِ وڏي آواز سان عربي گانا ٻڌندو ٿي هليو ۽ منهنجي بار بار آواز گهٽ لاءِ چوڻ جي باوجود ڪونه ٿي مڙيو. اسان جو ڪاروانِ حسيني هاڻي بغداد وڃڻ واري مين هاءِ وي تي چڙهيو. رستي تي ڳوٺ، وسنديون ۽ ٻنهي پاسن جا نظارا سنڌ وانگر ٿي لڳا. ماڻهن جون شڪليون به سنڌين جهڙيون پئي لڳيون. هر ٻيو ماڻهو وڏن شهپرن سان نظر آيو. جيڪي خضاب سان نڀور ڪارا ٿي نظر آيا. اسان جي هن سست ۽ واهيات ڊرائيور تقريباً ساڍي چئين وڳي ڌاري اسان کي بغداد پهچايو، جتي مرڪزِ شهر ۾ وڃڻ کان سواءِ ئي اسان ڪربلا لاءِ روانا ٿياسين. بارڊر کان بغداد تائين روڊ جي ٻنهي پاسن تي هزارين تباهه ٿيل ٽينڪون، گن مشينون، ٽرڪون، جيپون ۽ الائي ته ڪهڙو جنگي سامان پکڙيو پيو هيو. چون ٿا ته ايران عراق جنگ ۾ اهو سڀ سامان ايران جي جنگي جهازن تباهه ڪيو. والله اعلم بِصواب. هاڻي اسان بغداد ڪربلا هاءِ وي تي هياسين ۽ رستي تي ڪيترن ئي شهرن ۽ ڳوٺن مان لنگهياسين، جن مان محموديه، اسڪندريه، حله ۽ جناب عون بن عبدالله بن جعفر طيار جي روضي وارو ڳوٺ قابل ذڪر آهن. حضرت عون بن عبداللهؑ جناب زينب بنت عليؑ جا فرزند آهن. معرڪه ڪربلا وقت سندن عمر مبارڪ نوَن سالن جي لڳ ڀڳ هئي. پاڻ جنگ ڪندا امام حسينؑ جي نظرن کان اوجهل ٿي ويا ۽ تقريباً 9 ڪلوميٽر پري جنهن جڳهه تي سندن روضو آهي، جام شهادت نوش فرمايائون. سندن ٻيو ڀاءُ محمد امام عالي مقام حسين بن عليؑ جي روضي ۾ گنج شهداءَ ۾ رکيل آهن، جنهن جو ذڪر اڳتي ايندو. گاڏي سست رفتاريءَ سان هلندي رهي، آخر ستين بجي عراقي وقت مطابق داخل ڪربلا ٿياسون. روڊ تان جيئن ئي امام عالي مقام جي حرم تي نظر پئي، بي اختيار اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳاسين، ۽ مولا جي غريب الوطني، بي وسي، ساڻن اشقياجي ٿيل ظلمن تي گريو ۽ سينه ڪوبي ڪرڻ شروع ڪئي سين. هر اک اشڪبار ٿي وئي. بس جو ماحول غمِ حسينؑ ۾ تمام گهڻو سوڳوار ٿي ويو. سائين قمر عباس نقوي صاحب بس ۾ بيهي ننڍڙي مجلس پڙهي ۽ مصائب بيان ڪيا. مون مولا جي روضي تي نظر پوندي ئي گريي ۽ سينه ڪوبي سان گڏ دعائون گهريون، جيڪي الحمد الله سڀ جون سڀ پوءِ مستجاب ٿيون. هاڻي اسين ڪربلا شهر ۾ هئاسين، جنهن جي سڪ ايامن کان دل ۾ سانڍيل هئي. ڪڏهن ڪڏهن پاڻ کي هٿ لائي به ڏٺم، ته حقيقتاً ڪربلا منجهه آهيان، يا ڪو خواب آهي پر خير سان پڪ ٿي ته مولا حسينؑ سيد الشهداءَ مون کي گهرائي مهمانيءَ جو شرف بخشيو آهي.
ڪربلا ۾ اسين بس ۾ ئي ويٺا هئاسين، ته اسان وارو ايجنٽ ٻه چار هوٽل ڏسي آيو ۽ آخر هوٽل رساله ۾ قيام جو بندوبست ڪيائين، ڪمرا ايئرڪنڊيشنڊ هئا ۽ رسيپشن وارا ۽ ٻيو عملو ملنسار ۽ خُوش اخلاق ماڻهو هئا، تنهن ڪري اسان به بسم الله ڪري ٽپڙ لاهي پنهنجن پنهنجن ڪمرن ۾ رکياسين. ڪمرن ۾ غسل ڪري ٻيا ڪپڙا پائي، گريبان چاڪ اگهاڙي پيرين حرم امام حسينؑ ڏي روانا ٿياسين. مولا جي اهڙي طريقي سان زيارت جو وڏو ثواب آهي ۽ اها سنت خانواده رسولﷺ جي ڇهين امام جعفر صادقؑ جن جي آهي. روضي ۾ اندر داخل ٿيڻ سان ڪيفيت اهڙي ٿي وئي، جا بيان کان ٻاهر آهي. هتي به ورائي ورائي ڏٺم پئي ته مان ڪوجهو، ڪنو، عيبدار، گناهه گار واقعي سرڪار جي ضريح کي چنبڙي اوسارا ڪڍي رهيو آهيان. ”ڪهان مين ڪهان يه مقام“... اها مولا حسينؑ جي ڪرم نوازي آهي، جو مون جهڙي گناهگار کي گهرايو هئائون ۽ ان کان پوءِ به گهرائيندا رهيا آهن. حرم جي اندر جيڪا گريه زاري ٿئي ٿي، اها قلم ۽ قرطاس جي بيان کان ٻاهر آهي. سائين قمر عباس هڪ مجلس پڙهي ۽ ان کان پوءِ گنج شهيدان جنهن ۾ هاشمي ۽ غير هاشمي شهداءَ بمع مولا قاسم بن حسنؑ محو خواب آهن، جي زيارت ڪئي سين. جناب سيد شهداؑ جي هڪ پاسي سندن اکين جو نور علي اڪبرؑ ۽ ٻئي پاسي باب الحوائج جناب علي اصغرؑ ساڳي ئي ضريح ۾ محو خواب آهن. گنجِ شهيدان جي زيارت کان اڳ ۾ سيد الشهداءَؑ جي ضريح مبارڪ جو طواف ڪيوسين. ان کانپوءِ مقتل گاهه جناب سيد الشهداءَ تي گريو ڪيوسين. حرم پاڪ ۾ اندر ئي مدفون حضرت حبيب ابن مظاهرؑ ۽ حضرت ابراهيم مجواب جي زيارت پڻ ڪئي سين. ان کانپوءِ جيئن ئي نماز پڙهڻ شروع ڪئي سين ته خدا من بجلي بند ڪرڻ شروع ڪئي، ڇو ته رات جا ڏهه ٿيڻ وارا هئا ۽ عراقي اوقاف جي نادري حڪمن موجب رات جو ڏهين بجي سڀ روضا قائم ڪيا ويندا آهن يعني بند ڪيا ويندا آهن ۽ تهجد جي اذان مهل کلندا آهن. حرم امام حسينؑ مان نڪري حرم جناب عباس علمدارؑ ۽ تله زينبؑ جي ٻاهران ئي زيارت ڪئي سين. انهيءَ کانپوءِ هڪ ريسٽورينٽ تي ڪباب ۽ اڌ پڪل ٽماٽن ۽ کيري يعني ونگي جي سڪل اچار سان ماني کائي هوٽل تي آياسين، ۽ ٿورڙي گهڻي گفتگو کان پوءِ سمهي رهياسين. هتي ٻڌائيندو هلان ته حرم امام حسينؑ ۽ حرم غازي عباس علمدار جي وچ تي گهر هوندا هئا، جيڪي حڪومت روضن جي توسيعي پروگرام تحت ڊاهي هڪ شاهي روڊ ٺاهيو آهي، جتي ٻئي حرم هڪ ٻئي جي سامهون آب و تاب سان بيٺا آهن ۽ هڪڙي تمام سهڻي روح پرور ۽ پرنور نظاري جو ڏيک ڏئي رهيا آهن.
سڀاڻي يعني 9 سيپٽمبر جي ڪارگذاري کان اڳ هنن پاڪ هستين ۽ پاڪ جڳهين جو مختصر تعارف ڏيڻ ضروري ٿو سمجهان، جيئن پڙهندڙ واقعه ڪربلا جي تاريخ کان ڪنهن حد تائين واقف ٿين ۽ ڄاڻ حاصل ڪن.