سفرناما

هل هِنئين سين هوت ڏي

هي ڪتاب ايران، عراق ۽ شام جي زيارتن تي مشتمل سفرنامو آھي جنھن جو ليکڪ مختار جانوري صاحب آھي.
جانوري صاحب ڪتاب ۾ لاڙڪاڻي کان ڪوئٽا، تافتان ۽ مشھد، نيشاپور کان ڪربلا، ڪوفہ ۽ عراق جي ٻين شھرن بغداد، ڪاظمين ۽ شام جي دمشق سميت ٻين زيارتن ۽ انھن شخصيتن بابت تفصيلي لکيو آھي.
Title Cover of book هل هِنئين سين هوت ڏي

مشهد ميوزيم

مشهد ميوزيم

هن ميوزيم ۾ قرآن مجيد جا نادر قلمي نسخا موجود آهن. حضرت عليؑ، امام حسنؑ ۽ امام حسينؑ کان سواءِ امام زين العابدينؑ ۽ ٻين آئمه طاهرين ۽ جيد علماءَ ڪرام جا خط ڪوفي ۾ لکيل قرآن پاڪ موجود آهن. ان کان سواءِ ڪربلا جي منظرڪشي واريون قديم تصويرون موجود آهن. خصوصاً امام عالي مقام (ؑ) جي شهادت کان پوءِ ذوالجناح جي خيمن طرف واپس موٽڻ واري تصوير ته وڏي رقت آميز آهي. اڄ ڪلهه اها تصوير نه فقط ڪارپيٽن تي ٺاهي وئي آهي، پر بازار امام رضا ۾ فريم ٿيل تصويرن جي صورت ۾ پڻ موجود آهي. انهيءَ ميوزيم ۾ ڪجهه آئمهؑ جون تحريرون، بادشاهن جون زرهون، جنگي لوهيون ٽوپيون، خنجر ۽ تلوارون به موجود آهن. هتي امام جي حرم جا پراڻا دروازا به محفوظ ڪري رکيا ويا آهن. ان کان سواءِ مختلف ملڪن کان آيل تحفا تحائف چينيءَ جا ٿانوَ وغيره هن ميوزيم جي زينت آهن. ميوزيم جي هيٺين طبقي ۾ شوڪيسن ۾ پراڻي زماني جا سڪا مختلف بادشاهن جي وقت جا، بلڪه رضا شاهه ڪبير ۽ رضا شاهه جي دور جا سڪا، نوٽ وغيره به موجود هئا. ان کان سواءِ پراڻيون پوسٽ ٽڪليون ۽ ٻيا ڪيترائي نوادرات موجود هئا. مطلب ته شاهه رخ، محمود غزنوي، صفوي، قاچار ۽ پهلوي گهراڻن جا سڪا پڻ موجود هئا. ميوزيم مان فارغ ٿي حرم ۾ داخل ٿياسين ته زيارت وداع ڪجي، زيارت وداع کان فارغ ٿي بس ٽرمينل تي آياسين ته تهران لاءِ ڪا بس، جنهن کي ايراني ’اُتوبوس‘ چون، ملي پر ڏاڍي ڪوشش جي باوجود اسان کي اڄ رات لاءِ ڪائي به بس نه ملي ۽ لاچار فيصلو ڪيوسين ته ڪا مني بس ڪرائجي. ايران ۾ اسڪول جي موڪلن ختم ٿيڻ ڪري هرڪو پنهنجي ڳوٺ وڃڻ جي تياريءَ ۾ هئو، تنهن ڪري بس ۾ بي تحاشا رش هئي ۽ ٽڪيٽ نه پئي ملي سگهي. آخرڪار هڪ مني بس ڪرائي تي ملي وئي ۽ اسان رات جو نائين بجي مشهد مقدس ڇڏيو. بس ڇو ته پنهنجي اُڪي ڀاڙي تي هئي، تنهن ڪري جتي چاهيوسين پئي چانهه يا ماني وغيره کاڌي سين پئي. ان کان سواءِ ڊرائيور به هڪ شريف انسان هو. مان جيئن ته ڊرائيور جي ڀر ۾ ويٺو هئس، تنهن ڪري مون سان ڳالهائيندو پئي آيو ۽ مان پنهنجي پوري دماغي ۽ جسماني قوت سان فارسيءَ جون ٽنگون ڀڃندو ٿي رهيس. مولي صاحب ۽ ٻيا دوست ننڊ جي ديويءَ جي درشن ۾ پورا هئا ۽ جيئن ته مون کي بس ۾ ننڊ نه ايندي آهي، مان ڊرائيور سان ڳالهائيندو ۽ جاڳندو رهيس. ڊرائيور گهڙي گهڙي سليماني چانهه پئي پيتي ۽ مون کي به شيشي جي گلاس ۾ ڏيندو ٿي رهيو، جيڪا مان هُن وانگر وات ۾ کنڊ جو ڪيوب وجهي پيئندو ٿي رهيس. رستي تي ڪيترائي شهر آيا، پر ان وقت مان ڊرائيور سان ايترو ته محوِ گفتگو هيس، جو مون کي شهرن جا نالا لکڻ به وسري ويا. رستي ۾ هڪ شهر ۾ چانهه لاءِ هيٺ لٿاسين ته اتي ڪيترائي ايراني شاگرد ويٺا هئا، انهن مان هڪ پڇيو ته تون ڇا ڪندو آهين؟ مان ٻڌايومانس ته انجنيئر آهيان، سو به سوِل جو. هو به اتفاقاً تهران يونيورسٽيءَ جي انجنيئرنگ فئڪلٽيءَ ۾ سول جي آخري سال جو شاگرد هو. پڇيائين ته پگهار گهڻي اٿئي. مان غلط بيانيءَ کان ڪم وٺي چيومانس ٻه هزار ڊالر. هو ويچارو اچرج ۾ پئجي ويو. مان کيس چيو ته توهان انجنيئرنگ، ميڊيسن ۽ سمورو علم فارسيءَ ۾ پڙهندا آهيو، جنهن جو قدر صرف ايران ۾ آهي، پر اسين انگريزيءَ ۾ پڙهندا آهيون، اسان جي آمريڪا، برطانيا، آسٽريليا، نيوزي لينڊ، ڪيناڊا وغيره ۾ سخت ضرورت آهي، تنهن ڪري حڪومت اسان کي وڏيون پگهارون ڏئي ٿي، جيئن ٻاهر نه وڃون. ويچارو سخت پريشان ٿي ويو ته هو انگريزي ڪيئن سکي. خير وري بس ۾ ويٺاسين ۽ ائين خير سان بس اسان کي تقريباً نائين بجي صبح جو تاريخ 5.9.1997 تي تهران پهچايو.
تهران ۾ ان ڏينهن اسانجو خاص پروگرام ڪونه هيو. تنهن ڪري نيرن لاءِ هڪ ريسٽورينٽ ۾ ترسياسين، جتي هلڪي نيرن اڃا ڪيون ئي پيا ته سائين قمر عباس هڪ ٻي مني بس ڪرائي آيو. اسان پنهنجو اساس ان بس ۾ رکي راهي ٿياسين قم شريف ڏي، جيڪو تهران کان 110 کان 120 ڪلوميٽر پري اُستان قم يعني صوبي قم جي گاديءَ جو هنڌ آهي. سندس شهرت جناب فاطمه معصومهؐ جيڪا امام علي رضاؑ جي سڳي همشيره آهي، جي ڪري آهي. هي شهر اسلامي انقلاب جو محور ۽ اسلامي دانشگاهن يعني يونيورسٽين جو مرڪز آهي؛ خميني صاحب (رحہ) ۽ خامنائي صاحب جن، هتي تدريس سان وابسته رهيا آهن. ايراني انقلاب جو چشمو هن شهر مان ڦُٽو، جنهن پنج هزار ساله (اصل ۾ اها اڍائي هزار ساله آهي) شهنشاهي کي نيست و نابود ڪيو. قم ڏي ويندي روڊ جي کاٻي پاسي سج جي روشنيءَ تي چمڪندڙ هڪ اڇي ڍنڍ نظر آئي، جنهن کي فارسيءَ ۾ آبِ شوريده چون. هيءَ ڍنڍ شوري جي تيزاب جي آهي ۽ جبلن جي وادين جي وِچَ ۾ موجود آهي. چون ٿا ته شاهه ايران پنهنجي مخالفن کي پنهنجي خفيه ايجنسي ساوڪ وسيلي کڻائي هيليڪاپٽر ذريعي هن ڍنڍ ۾ اُڇلرائيندو هو. ڍنڍ جو تيزاب ايڏو ته گهاٽو ۽ تيز آهي، جو ڇهه انگن ڳڻن جي وقت دوران انسان ڳري ويندو آهي. ان کان سواءِ ساوڪ جي ظلم جا ڪيترائي داستان ٻڌايا ويا، جيڪي لڱ ڪانڊاريندڙ ۽ ڀوائتا آهن. روڊ تي وقفي وقفي سان دروازا يا باب لڳل هئا، جن تي انهن شهيدن جون تصويرون هيون، جن کي شاهه پنهنجي اقتدار کي طول ڏيڻ لاءِ مختلف اذيتن وسيلي شهيد ڪرايو هو. (والله عالم) اسان تقريباً 12 وڳي قم مقدس ۾ پهچي وياسين. هوٽل قصرا ۾ ڪمرا وٺي جيڪو حرم جناب سيده جي لڳ هو، ٿورڙو ٿڪ ڀڃي غسل ڪري حرم ڏي روانا ٿياسين، جتي نماز ظهرين باجماعت ادا ڪري حرم جي زيارت ڪئي سين. ان کان پوءِ شهر جو ٿورو چڪر لڳائي وري حرم موٽي آياسين. نماز مغربين ادا ڪرڻ لاءِ ڪيترائي منهنجا ۽ مولوي صاحب جا واقف ڪار پاڪستاني شاگرد ۽ معلم آيل هئا، جن سان ملاقات ڪري خوش ٿياسين. نماز مغربين کان پهريائين خوش لهنيءَ سان قاري قرآت ۾ مشغول هيو، اسان هڪ مناسب جاءِ تي ويٺا هئاسين، جتان قاري سامهون نظر ٿي آيو. قرآت کانپوءِ اذان آئي ۽ نماز شروع ٿي. مؤذن جو آواز به مٺو ۽ رقت آميز هيو. نماز مغربين مان فارغ ٿياسين ته ڪيترائي سنڌي دوست مليا، جن مانيءَ لاءِ دعوتون ڏنيون، پر جيئن ته اسان وٽ وقت گهٽ هئو، تنهن ڪري معذرت ڪئي سين. کانئن موڪلائي شهر ۾ اچي هڪ بهترين ريسٽورينٽ تي چلو ڪباب، چلو جوجه وغيره کائي سيراب ٿياسين ۽ حرم جي اطراف ۾ بازارن جو چڪر لڳايوسين. حسب معمول مان هڪ وڏي ڪتابن جي دڪان تي چڙهي ويس، پر مجال آهي جو فارسيءَ کانسواءِ ڪو ڪتاب هجي، تنهن ڪري بهترين ديده زيب جلد ۽ طباعت سان مزين ’مفاتيح الجنان‘ ۽ هڪ ٻه دعائن ۽ قرآني سورتن جا ڪتاب خريد ڪيم.دوڪاندار ٻڌايو ته انگريزي ڪتاب توهان کي انصاريان وٽان ملندا. انصاريان ايراني وڏو پبليڪيشن جو ادارو آهي، جيڪو اردو، انگريزي، فرينچ، روسي، آزري ۽ دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ڪتاب ڇپائي ٿو. ڪافي ٿڪل به هئاسين ۽ وقت به تقريباً رات جا ڏهه ٿيا هئا، تنهن ڪري واپس هوٽل تي آياسين ۽ الله سائين کي ياد ڪري سمهي پياسين.