لاڙڪاڻي کان ڪوئيٽا
گهڻي وقت کان سڪائتو هيس ته عراق ۽ شام جون زيارتون ڪري اچان، پر چوندا آهن ته جيستائين اتان سڏ نه ٿو اچي، تيستائين سڀ ڪوششون ناڪام ٿيو وڃن. ڪڏهن ايڪس پاڪستان موڪل نه ملڻ، ڪڏهن ڪنهن سٺي قافلي جو نه ملڻ، عراق جي ويزا جو نه ملڻ يا ڏکيو ملڻ، ڇو ته عراق جي ويزا صدام جي زماني ۾ گروپ کان سواءِ ڪونه ملندي هئي. قافله سالارن لاءِ وري اهو ٻڌايو ويندو هو ته قافلي کي ايران يا عراق ۾ ڇڏي سالار پاڻ ڀڄي ويو وغيره. انهن کان علاوه ٻين ڪيترين ڳالهين جي ڪري اِذن حضوري ڪونه پئي ٿيو ۽ شرفِ زيارات ملتوي ٿيندو پئي رهيو. البت ان کان اڳ ۾ سن 1991ع جي نومبر ۾ ايران جي زيارتن جو موقعو مليو ۽ وري سن 1995ع جي جنوري مهيني ۾ عمري جي سعادت نصيب ٿي هئي.
هڪ ڏينهن مدرسه ابو الفضل العباس نظر محلا لاڙڪاڻي ۾ مولوي قمر عباس صاحب نقوي ڏي ملڻ لاءِ ويس. مولوي صاحب قبله منهنجو دلي دوست ۽ مهربان آهي. وٽس اڪثر ويندو رهندو هوس، ڇو ته 1988ع ۾ مولوي صاحب جن سان گڏجي اسان ان مدرسي جو بنياد رکيو هيو، جنهن جو هو پرنسيپل آهي. ملاقات ۾ مولوي صاحب جن چيو ته سائين زيارتن جي تياري ڪيو ٿا؟ مون جواب ڏنو، ته سائين اهڙو ڪو سٺو سالار وڃي ٿو ته مان موڪل لاءِ سرڪار کي لکان. سائين چيو ته، ٻيو ڪو قافلو ڇو؟ پاڻ ئي هڪ قافلو تيار ڪري ٿا وٺون، ۽ الله ڪندو زيارتون نصيب ٿينديون. منهنجي خوشيءَ جي انتها هجي، پر وري چيومانِ ته سائين ڪيترن ڏينهن ۾ قافلو تيار ٿيندو؟ پاڻ چيائون ته، پنج ڇَهَه ميمبر ٿي ويا آهن ۽ گهٽ ۾ گهٽ چوڏهن ماڻهن جو قافلو هوندو ته ويزا آسانيءَ سان ملي ويندي. خير سائين کان موڪلائي مون اچي 45 ڏينهن ايڪس پاڪستان موڪل لاءِ درخواست موڪلي، جا منظور ڪئي وئي. جيئن ته مان اڳ ۾ ئي پوسٽنگ کان سواءِ ويٺو هئس. تنهنڪري ڪائي مشڪل پيش ڪانه آئي. ۽ موڪل منظور ٿي ويئي. هاڻي انتظار هو ته گهربل ماڻهو ڪڏهن ٿا پورا ٿين. ڪجهه ئي ڏينهن ۾ سائينءَ جي فون آئي ته پاسپورٽ ڏياري موڪليو، چوڏهن ماڻهو ٿي ويا آهن، هاڻي ويزا لاءِ اپلاءِ ڪريون. ماڻ پاڻ ئي سائين وٽ حاضر ٿي پاسپورٽ سندس حوالي ڪيو ۽ وڌيڪ تفصيل معلوم ڪيا. سائين چيو ته ٽيئي ويزائون يعني ايران، عراق ۽ شام جون ڏهن ڏينهن کن ۾ مِلي وينديون، توهان تياري ڪيو. اسان جي هن ننڍڙي قافلي ۾ مختلف پيشن سان واسطو رکندڙ ماڻهو هئا. ڪجهه سرڪاري ملازم، هڪ ٻه بينڪ ملازم، هڪ ٻه ڪاريگر ۽ هڪ کن رائيس ملڪ جو مالڪ، جيڪو پنهنجي گهر واري ۽ ٽن ٻارڙن سان گڏ هو وغيره وغيره. ائين اسان پنهنجي تيارين ۾ لڳي وياسين. مان بولان ميل ۾ 30 آگسٽ 1997ع جي ايئرڪنڊيشنڊ سليپر ڪلاس جي بوڪنگ ڪرائي ڇڏي هئي ۽ ٻين دوستن پنهنجي حساب سان ساڳي ٽرين ۾ ساڳي تاريخ جي بوڪنگ ڪرائي هئي. لاڙڪاڻي اسٽيشن تي 9 بجي رات جو اسان سڀ دوست گڏ ٿياسين.
مون کي اسٽيشن تي ڇڏڻ لاءِ ادا وڏو امداد علي خان مرحوم، ادا اختر علي خان، منهنجا ڀائٽيا امتياز علي، مرحوم ڊاڪٽر ذوالفقار علي ۽ منهنجا پٽ فياض علي ۽ عباس حيدر جيڪي ان وقت ننڍا هئا، پڻ آيا. لاڙڪاڻي اسٽيشن جو پليٽ فارم’نعره حيدري‘، ’يا علي‘ جي نعرن سان گونجڻ لڳو، ڇو ته مولوي صاحب کي ۽ ٻين ساٿين کي پڻ اسٽيشن تي الوداع ڪرڻ لاءِ سندن ڪيئي دوست آيا هئا.
بولان ميل پنهنجي ٺيڪ وقت تي ساڍي نائين بجي پهتي. اسان سڀ مٽن مائٽن کان موڪلائي پنهنجن پنهنجن دٻن ۾ چڙهياسين. مون واري ڪمپارٽمينٽ ۾ فقط مان ئي اڪيلو مسافر هئس. سوچيم ته رات جو آرام سان سُمهي پئبو ۽ صبح سان تازو توانو ٿي ڪوئيٽا اسٽيشن تي لهبو. ٺيڪ ڏهين وڳي گارڊ سيٽي وڄائي ۽ خير سان گاڏي هلڻ شروع ڪيو. اڃا گاڏي لاڙڪاڻي پليٽ فارم جي حدن اندر ئي هئي ته هڪڙو همراهه مون واري ڪمپارٽمينٽ ۾ داخل ٿيو. ڪپڙي لٽي مان مون کي ڪونه ٿي لڳو ته هُو ڪو ايئرڪنڊيشنڊ ڪمپارٽمينٽ جو پيسينجر هوندو، پر هُو سلام ڪري سامهون واري برٿ تي ويهي رهيو. بهرڪيف گاڏي هاڻي تيزيءَ سان لاڙڪاڻو ڇڏيندي پئي هلي، تان ته شهر جون بتيون به غائب ٿي ويون ۽ ٻاهر ٻاٽ اونداهي نظر ٿي آئي. رسمي تعارف مان معلوم ٿيو ته همراهه جيڪب آباد جو هڪ هندو سيٺ آهي ۽ ٽي ٽي سان معمول جي ڏيتي ليتي ذريعي ايئرڪنڊيشنڊ ڪمپارٽمينٽ ۾ ويهاريو ويو آهي. ساڻس جيڪب آباد تائين ڪچهري ٿيندي رهي ۽ هو تقريباً ٻارهين ساڍي ٻارهين بجي جيڪب آباد اسٽيشن تي لهي ويو. جيئن ئي جيڪب آباد اسٽيشن ڇڏي سين، مان بيگ مان پنهنجي لوئي ۽ هوائي وهاڻو ڪڍيو. وهاڻو ڦوڪي سمهي رهيس. گاڏي پنهنجي رفتار سان هلندي رهي ۽ رستي تي ڪيتريون ئي اسٽيشنون ڇڏيندي ٿي هلي. مان ڪڏهن جاڳيس پئي ته ڪڏهن ننڊ اچي پئي وئي، ائين ننڊ جاڳ ۾ رات گذري تان ته صبح جو تقريباً اٺين بجي مَڇ اسٽيشن تي گاڏي بيٺي. مون سوچيو ته هتان ڪوئيٽا اٽڪل ڏيڍ ڪلاڪ کن جو مفاصلو آهي، تنهن ڪري وهنجي سهنجي ٻيا ڪپڙا پايان. ٽوائليٽ کولي شاور هلايان ته پاڻي ٺهي ئي ڪونه. مان ته هريل هيس اَسيءَ جي پيٽي واري بولان ميل تي، جنهن ۾ ننڍڙو صابڻ ۽ ڪمبل وغيره به ڏيئي ويندا هئا، پر هن ڀيري ته سڄي سفر ۾ ٽِي ٽِي سڳورو ٽڪيٽ ڏسڻ به ڪونه آيو. واش بيسن ۾ ٿورو ٿورو پاڻي آيو ٿي، تنهنڪري برش وغيره ڪري هٿ منهن ڌوتم. اڳي ڊبليو سي ۽ شاور جي وچ تي شاور ڪرٽين به لڳل هوندو هو، پر هاڻي ته ريڊنگ لائيٽ وارو بلب به فيوز ٿيل هيو. تنهن ڪري سمهڻ کان اڳ ۾ ڪجهه پڙهڻ واري عادت به پوري ڪانه ٿي سگهي هُئي. گاڏي جڏهن ڪولپور اسٽيشن ڪراس ڪئي ته ٽِي ٽي سڳورو نمودار ٿيو ۽ ٽڪيٽ جي تقاضا ڪيائين. مون شڪايت ڪئي ته ايئرڪنڊيشنڊ گاڏي ۾ اڳي ته وڏيون سهولتون هونديون هيون، بلڪه ڊبليو سي تي رکڻ لاءِ ڊسپوزيبل پلاسٽڪ جو ڪالر وغيره هوندو هو. هاڻي ڇو ڪونه ٿا ڏيو، ته ٺهه پهه جواب ڏنائين ته، ”سر اوپر سي هي نهين ملي گا تو هم ڪهان سي دينگي.“
ائين چئي همراهه رمندو رهيو ۽ 31 آگسٽ 1997ع تي ٺيڪ 9.40 بجي صبح جو اسين ڪوئيٽا اسٽيشن تي پهچي وياسين. مون کي اسٽيشن تي منهنجو ڀاڻيجو رضوان علي جمالي، جيڪو مليٽري اڪائونٽس ۾ آفيسر آهي وٺڻ آيو هيو. مان باقي سنگت کان چئين بجي شام جو ملڻ جو چئي، موڪلائي رضوان علي سان گڏ سندس سرڪاري رهائش جيڪا ڪوئيٽا ڇانوڻيءَ ۾ هئي، ڏانهن روانو ٿيس. رضوان علي جي گهر واري، جيڪا منهنجي سڳي ڀائٽي ٿئي، يعني ادا وڏي جي ننڍي ڌيءُ ۽ سندس ٻارڙا مون کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيا. منهنجا ٻيا ساٿي پنجابي امام بارگاهه جيڪا علمدار روڊ تي آهي، اوڏانهن روانا ٿي ويا هئا، ڇو ته انهن جو بندوبست اُتي ئي ٿيل هيو. ٻارن سان حالي احوالي ٿي منجهند جي ماني کائي ٿورو ٿڪ ڀڃڻ لاءِ آهلي پيس ته ڪجهه سڪون ملي ويو. چئين بجي ڌاري رضوان ۽ مان گڏجي پنجابي امام بارگاهه آياسين، جتي منهنجا ساٿي اڳ ۾ ئي تيار ٿيو ويٺا هئا، سو جلدي جلدي ۾ ڀَرِ وارن دوڪانن تان ايراني ڪرنسي مٽائي ورتي سين. ڪِن دوستن وري روپيا ڏئي ڊالر خريد ڪيا. ان زماني ۾ پراڻن ڊالرن سان گڏ وڏي تصوير وارا ڊالر نوان نوان آيا هئا. سائين قمر عباس جڏهن اهو سو ڊالر جو نئون نوٽ ڏٺو ته پنهنجي خاص مزاحيه انداز ۾ چيائين ”ابا ٻُڌو هن ۾ ته انگريز به مَٽيل آهي.“ سڀ وٺي کلياسين. خير ايراني ڪرنسي مٽائي پنجين بجي ڌاري تفتان بارڊر واري بس ۾ ويٺاسين.