مسجد براثا
مسجد براثا هڪ مشهور ۽ تبرڪ واري جڳهه آهي. هن وقت براثا بغداد جو هڪ حصو ٿي ويو آهي نه ته تاريخي حوالن مان ثابت آهي ته براثا ڳوٺ بغداد شهر آباد ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي موجود هو. امير المومنين عليؑ خارجين سان جنگ لاءِ ويندي هن جاءِ تي نماز ادا ڪئي هئي ۽ هن ئي ڳوٺ جي ڪنهن حمام ۾ غسل فرمايو هو. هن مسجد جي فضيلت لاءِ کوڙ ساريون روايتون موجود آهن، جيڪي هيٺ ڏجن ٿيون.
1. هتي حضرت مريمؐ جو گهر هئو.
2. هي جڳهه حضرت عيسيٰؑ جي ملڪيت هئي.
3. حضرت بيبي مريم لاءِ چشمو هتي جاري ٿيو هو.
4. جناب امير المومنين علي بن ابي طالبؑاهو چشمو ٻيهر کوليو
5. حضرت امام حسن ۽ امام حسين عليهم سلام جي هتي نماز پڙهڻ
6. ڪيترن ئي نبي سڳورن جي هتي نماز ادا ڪرڻ
7. مولا عليؑ جو سج لهڻ کان پوءِ ٻيهر گهرائڻ وغيره.
هن مسجد ۾ هڪ وڏو ڪارو پٿر رکيل آهي. ان جي باري ۾ روايت آهي ته جناب امير عليؑ جڏهن هتي تشريف فرما ٿيا ته هتان جي رهواسين مولا کي چيو ته توهان جي دليري، بهادري، شجاعت ۽ طاقت تمام گهڻو مشهور آهي. اسان کي جيڪڏهن هي پٿر سيري ڏيکاريو ته اسان جو ايمان تازو ٿي ويندو. پاڻ ان پٿر کي اشارو ڪيائون ته اهو پٿر نه فقط پنهنجي جاءِ تان هٽي ويو، پر ان جاءِ تان هڪ مٺي پاڻيءَ جو چشمو ڦُٽي نڪتو. چشمو هاڻي بند ٿي ويو آهي. تنهن ڪري ان جي جاءِ تي هڪ خوبصورت مُنارو ٺاهيو ويو آهي. پر ڪارو پٿر اڃا موجود آهي. جنهن جي اسان پاڻ زيارت ڪئي. ان ڪاري پٿر جا ٽڪرا ماڻهو ڀڃي تبرڪ طور پاڻ سان صدين کان وٺي کڻي ويندا رهيا آهن، پر پٿر اڃا سوڌو ايڏو ته ڳرو آهي، جو ڪنهن پهلوان جي کڻڻ کان به چڙهيل آهي. پٿر کي ڇهڻ سان آلو لڳندو، ڄڻ مٿس پاڻي هاريل هجي. جيتوڻيڪ بغداد ۾ سخت گرمي هوندي آهي ۽ هي پٿر مسجد جي صحن ۾ رکيل آهي، پر هٿ رکڻ سان هٿ کي آلاڻ لڳندي، جيڪا منهنجي سمجهه کان مٿي آهي. انهيءَ آلاڻ کي وٽين سان يا هٿن سان ميڙي پاڻي ڍُڪ جي صورت ۾ آڻي سگهجي ٿو. اسان به انهن ڦڙن پيئڻ جي سعادت حاصل ڪئي. قدرت وارو پنهنجا راز پاڻ ئي ڄاڻي ٿو. هن پٿر کان سواءِ مسجد ۾ اندر هڪ ميز تي ٻيو وڏو ۽ گهڙيل پٿر رکيل آهي. جنهن تي قرآني آيتون اُڪريل آهن. چون ٿا ته هي پٿر بيبي مريم لاءِ آسمان مان لٿو هو. هن پٿر کي ڇُهڻ سان هوءَ صحتياب ٿي وئي هئي. اڄ ڏينهن تائين بيمار ۽ لاعلاج ماڻهو هن پٿر کي اچي ڇُهندا آهن ۽ بيمارين مان شفا حاصل ڪندا آهن.
اسان جي ڪن دوستن جي اصرار تي اڄ وري اسان ٻيهر شيخ عبدالقادر جيلاني جي روضي تي آياسين. حسب معمول اڄ به ضريح وارو دروازو بند هو. اسان جي هڪ ساٿي پاڻ سان گڏ سندن گادي نشين جو فوٽو آندو هو، ڇو ته گادي نشين انهن وٽ اڪثر لاهوري محله لاڙڪاڻي ۾ مريدن کي زيارت ڪرائڻ لاءِ ايندو آهي. روضو بند ڏسي اسان ڀرسان ئي سندن رهائشگاهه تي وياسين. جتي ويٺل ماڻهن ڀڳل ٽٽل اردوءَ ۾ چيو هندستاني حاجي، پاڪستاني حاجي، چنده اڌر لکائو وغيره وغيره. اسان جي ساٿي جنهن جو نالو بابُو هو، تنهن فوٽو ڏيکاري چين ته هن سان ملڻو آهي، چيائيون اُهو ترڪي ويل آهي، باقي ان جي ڀائرن سان ملو. اسان اتي ئي بيهي رهياسين، پر بابو ۽ ٻيو دست علي شير سومرو هنن سان ملڻ ويا. ٻڌايائون ته لفٽ ڪونه ڪرايائون ۽ ڪَنَ ڇٻا ڪري موٽي آيا ۽ اسين سڀيئي اچي بس ۾ سوار ٿياسين ته جيئن ڪاظمين جو وداعي سلام ڪري اچجي. مون کي هڪ ڳالهه سخت اچرج ۾ وڌو ته عراق ۾ ٻيا حرم ته سڄو ڏينهن رات جو ڏهين ساڍي ڏهين بجي تائين کليل هوندا آهن ۽ وري تهجد جي اذان تي چئين بجي صبح جو کلندا آهن، پر هتي حضرت عبدالقادر جيلاني جو روضو بند ڇو ٿو رکيو وڃي. حالانڪه هند ۽ سنڌ ۽ سڄيءَ دنيا ۾ سندن لکائين مريد ۽ پيروڪار آهن.
خير هاڻي اسان بغداد ڇڏي ڪاظمين شريفين لاءِ روانا ٿياسين. دجله جي پل مٿان گذرندي اسان کي غريب الوطن، بي قصور ۽ مظلوم امام ڪاظمؑ جو لاش مبارڪ ياد آيو، جيڪو ان زماني جي پل تي رکي ٺِٺي لاتي وئي هئي، ۽ هڪ بورڊ آويزان ڪيو ويو هو ته ’هذا امام الرافضين‘، جيڪو پوءِ هارون رشيد جي چاچي اتان هٽرائي غسل ڏياريو هو، جنهن جوذڪر اڳ ۾ ڪري آيو آهيان. اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي ويون. مان اهلبيت اطهار عليهم سلام ۽ سندن مڃيندڙن تي اڄ ڏينهن تائين ٿيندڙ ظلمن تي سوچ ۾ گم هوس، جو اسان جي بس ڪاظمين ۾ اچي پهتي. حرم مبارڪ جي زيارت ڪري وداعي سلام ڪري ٻنهي آئمه اطهار يعني امام موسيٰ ڪاظم ۽ امام محمّد تقي عليهم سلام کي عرض ڪيوسين ته آقا اسان کي سڀني زيارتن جو شرف وري وري نصيب ٿئي. هاڻي مون ابوالاعليٰ کي چيو ته، بيبي زبيده زوجه هارون رشيد جو روضو ڏيکار. هن چيو ته اهو ته ڪاظمين ۾ آهي. توهان کي زيارت ڪرائيندو ٿو هلان. آخر اسان بيبي زبيده جيڪا مومن عورت هئي، ۽ هارون رشيد جي سڳي سئوٽ هئي، جي روضي ۾ هياسين. هڪ عاليشان روضي اندر پاڻ آرامي آهن. مون سوچيو پئي ته ڪيترا انسان هن بيبيءَ جا سلامي آهن ۽ سندس گهر وارو اهڙو ته ملعون آهي، جو سندس قبر ئي ڪانهي. الله الله، جو وهي سو لهي، بيبيءَ تي فاتحه پڙهي وري داخلِ اُتوبوس ٿياسين. ايراني بس کي اُتُوبوس يعني آٽوبس چون، تنهن ڪري اهو اصطلاح ڪتب آندو اٿم.
چوندا آهن ته وڍين پيٽان سڄا ۽ سڄن پيٽان وڍيا. اهو مثال ان ڪري ياد آيو، جو جڏهن يزيد ملعون واصل جهنم ٿيو، سندس پٽ معاويه ثاني يا معاويه صغير ( ) کي تخت تي ويهاريائون. هن جو اهلبيت اطهار سان پنهنجي نالائق پيءُ جا ظلم ڏٺا هئا ۽ ٻڌا هئا ته هن کي پيءُ کان سخت نفرت ۽ اهلبيت سان محبت ٿي پئي هئي. هُو ڪن روايتن مطابق ڇهين ڏينهن ۽ ڪن روايتن ۾ ڇهن مهينن کان پوءِ تخت ۽ تاج کي لت هڻي اهو چئي هليو ويو ته هي اسان جو حق ناهي، جن جو آهي تن کي ڏيو. ۽ پوءِ گوشه نشينيءَ جي زندگي گذارڻ لڳو. سندس تخت ٺڪرائڻ کان پوءِ يزيد جو ٻيو پُٽُ ۽ وارث خالد هو، جيڪو اڃا ننڍيءَ عمر جو هو. مروان بن حڪم هڪ ٽل سوچي يزيد جي بيواه کي شاديءَ جي آڇ ڪئي ۽ چيائين ته جيستائين تنهنجو پٽ وڏو ٿئي مان ريجينٽ طور حڪومت هلائيندس ۽ تنهنجي پٽ جي وڏي ٿيڻ تي حڪومت سندس حوالي ڪندس. مائي اها ڳالهه قبول ڪري مروان سان شادي ڪئي ۽ مروان خليفو بڻجي ويو. مروان جڏهن پوڙهو ٿيو ته هن جي دل ۾ گدڙ جاڳيو، سو ڇا ڪيائين جو پنهنجي پٽ عبدالمالڪ بن مروان کي پنهنجو جانشين مقرر ڪري پروانو جاري ڪري ڇڏيائين. خالد جي ماءُ کي سخت ڪاوڙ آئي ته مروان مون سان دوکو ڪيو آهي. بجاءِ منهنجي پٽ جي پنهنجي پٽ کي وليعهد مقرر ڪيو اٿائين، سو ڇا ڪيائين جو هڪ ڏينهن جيئن مروان گهري ننڊ ۾ ستل هو. مائي هڪ کاٻر جو گدو مروان جي وات تي رکي چڙهي ويٺي. مائي هئي سٻر تنهن ڪري مروان ڇڏائي نه سگهيو ۽ ٻوساٽجي مري ويو. سو قصو کٽائڻو ته ڳالهه پئي ڪئيسين معاويه ثانيءَ جي ته، 2008ع جي نومبر ۾ مون سان سفر ايران ۽ شام ۾ سائين قمر عباس نقوي، مختيار حسين ميراڻي، سندس ٻه شهزادا ۽ منهنجو پيارو دوست محمد ياسين شر گڏ هئا. اسان کي معاويه صغير جي قبر جي ڳولا هئي، بازار حميديه ۾ جنهن کان ٿي پڇيوسين، هن لاتعلقيءَ جو اظهار پئي ڪيو. آخر الله جو هِڪُ ڀلو ٻانهو ملي ويو، جنهن هڪ سنهي گهٽي ڏي اشارو ڪري ٻڌايو ته انهيءَ گهٽيءَ ۾ آهي. اسان به گهٽيءَ مان هلندا ٿي وياسين، پر ٻنهي پاسي پڪين ٻن ۽ ٽن ماڙ جاين جو اڻ کٽ سلسلو هيو، وري اڳتي هلي هڪ گهٽي ساڄي پاسي ٿي وئي، ته هڪ کاٻي پاسي. گهٽيون سوڙهيون ڄڻ لاڙڪاڻي جي کٽاڻ بازار جون گهٽيون هجن. خير اتي بيٺل هڪ ماڻهوءَ کان مولوي قمر عباس صاحب وري ڏَسُ پڇيو ته هن کاٻي پاسي واري گهٽي ڏي وڃڻ لاءِ چيو. ڪافي پنڌ کان پوءِ کاٻي پاسي هڪ مسجد نظر آئي. مسجد ننڍي هئي ۽ ٻاهران تالو لڳل هوس. مسجد تي لکيل هو ”مسجد معاوية صغير“. هيٺان لکيل هو ”هذا قبرة معاوية صغير هُوَ مِن محبان اهلبيت عليهم سلام.“ اسان ٻاهران ئي بيهي فاتحه پڙهي واپس آياسين. ان مان ثابت ٿيو ته وڍين پيٽان سڄا ۽ سڄن پيٽان وڍيا. هتي اهڙا اڪيچار مثال ڏئي سگهان ٿو، پر ڪتاب جي طوالت کي مدنظر رکندي احوال مختصر ٿو ڪريان.
تقريباً منجهند جا اڍائي پئي ٿيا. اسان جي اڳين منزل عراقي بارڊر خانقين هيو. اسان جي بس ڪاظمين ڇڏي مين هاءِ وي تي هلڻ شروع ڪيو ۽ ڪجهه پنڌ کان پوءِ هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي جي هوٽل تي بيٺاسين ته ٻن پهرن جي ماني کائجي. ماني کائڻ کان پوءِ ڀرسان هڪ دوڪان تان ڏاڍيون سٺيون کارڪون ورتم، ته سڄي رات کائيندو رهندس ۽ سفر به ڪٽبو رهندو. هن شريف ماڻهو کجيءَ جي ٽٻڻيءَ ۾ پلاسٽڪ جي ڪَلي وجهي کارڪون رکي ڏنيون. کارڪ وڏي سائيز جي، مٺي ۽ ريشه دار هئي، تنهن ڪري بس ۾ ويهڻ سان ئي مان سنگت سوڌو ڪجهه کارڪون کاڌيون، پر ڪافي بچي پيون. خير ساڍي پنجين بجي صبح جو عراقي بارڊر تي پهتاسين، جتي اميگريشن ۽ ڪسٽم وغيره ۾ ڪلاڪ کن لڳي ويو. ان کان پوءِ ايراني بارڊر خسروي تي آياسين. هتي اڳ ۾ ئي هڪ جهنگ پنجاب جو قافلو لٿل هو، جنهن ۾ 80 کان وڌيڪ ماڻهو هئا، تنهن ڪري اسان کي ٻه ڪلاڪ کن انتظار ڪرڻو پيو ۽ آخر نائين بجي ايراني وقت مطابق اسين ايراني حدن ۾ داخل ٿياسين.
سائين قمر عباس ڦڙتي ڪري هڪ بهترين قسم جي وولوو بس ڪرائي آيو. بس ڏاڍي آرامده ۽ ڪشادي هئي. حسب معمول مان اڳين سيٽ تي براجمان ٿي ويٺس. رستي تي ڪيتريون ئي فوجي چيڪ پوسٽون آيون، جن تي اسان کي بيهاري شائسته انداز ۾ پاسپورٽ وغيره چيڪ پئي ڪيا ويا. فوجي ڇوڪرا گهڻو تڻو ويهن ٻاويهن سالن جا مس هئا. ڇو ته مان اڳيان ويٺو هوس. تنهن ڪري هنن مون کان ڪربلا جي خاڪ شفا يعني تربت ۽ تسبيح نماڻي انداز سان ٿي گهري. اهي شيون منهنجي هٿ واري ٿيلهي ۾ هيون، تنهن ڪري سولائيءَ سان هر هڪ کي هڪ تربت ۽ هڪ خاڪ شفا جي تسبيح ڏيندو پيو هلان، جنهن تي ويچارا ممنون ممنون چوندا ٿي رهيا. اسان وارن ساٿين چيو ته سائين سڀئي اتي ورهائي هلندو ته ڳوٺ وارن کي ڇا ڏيندو. مان چيومانِ ته هنن ويچارن کي عراق جي ويزا ڪانه ٿي ملي. توهان ڪيڏا خوش نصيب آهيو، جو زوار ٿي آيا آهيو ۽ جام خاڪ شفا ۽ تسبيحون ورتيون اٿو. جيڪڏهن هنن کي ڏيندو ٿو هلان ته اها پڪ اٿم ته هي سڀ نمازي آهن تنهن ڪري مون کي ثواب ملندو. اسان وارن جي حالن جي مون کي خبر آهي، جيڪڏهن سڀ خاڪ شفائون ۽ تسبيحون ورهائجي ويون ته به مڙوئي خير آهي. تڏهن سڀني چپ ڪئي. ان کان پوءِ به مون وٽ کوڙ ساتريون تربتون ۽ تسبيحون بچي پيون هيون، جيڪي مون ڳوٺ اچي ورهايون. هن بس ۾ به اسان سان لاهوري گروپ گڏ هيو، جنهن مان ٻه ڪردار مون کان نه ٿا وسرن. هڪڙو بزرگ ٿلهو متارو حيدري صاحب، جنهن کي سڄي سفر ۾ ڪاري گوڏ ۽ ڪاري قميص پاتل هئي ۽ ٻيو هڪ ماستر صاحب ۽ ان جي گهر واري. بقول سندن سالار سيد سجاد حسين شاهه جي ته ماسٽر صاحب سڄي زندگي پينٽ ڪانه پاتي ۽ هاڻي هليو آ زيارتن تي سوٽ بوٽ پائي. ماسٽر صاحب پاڻ کي عقل ڪل پيو سمجهي ۽ پنهنجي سالار سان گهڙي گهڙي الجهيو پئي. سندس گهر واري جا افعال وري اهي هئا، جو ننڍڙي ٻار جا پوٽي سان ڀريل ڪڇا ايراني بارڊر تي واش بيسن ۾ پئي ڌوتا ۽ ايراني ڀنگي جيڪو ڪجهه فارسيءَ ۾ هن کي گهٽ وڌ پئي ڳالهايو، اهو مون ٻڌو ۽ ايرانيءَ کي ڇنڊ پٽيم. مائي کي به سمجهايم ته ڪجهه عقل سک. سفر ۾ ٻار جا ڊائيپر کڻبا آهن، پر هن ويچاري کي ڊائيپرن جي خبر ئي ڪونه هئي، ته ڇا ٿيندا آهن. حيدري صاحب وري بزرگ هئڻ ڪري بار بار بس پئي روڪائي ته مون کي پيشاب لڳو آهي ۽ مان روڪي نه ٿو سگهان. تنهن ڪري بادل نخواسته ڊرائيورن اسان جي اصرار تي بس ٿي روڪي. حيدري صاحب فارغ ٿي بنا طهارت جي وري اچيو بس ۾ ويهي. بهرحال زندگيءَ ۾ ڪيترا ئي ڪردار ٽڪرائجن ٿا ۽ هر هڪ جي اداڪاري ۽ صداڪاري پنهنجي پنهنجي آهي. اسين وري ٻين لاءِ ڪردار هونداسين. ڪي اسان تي کلندا هوندا، ڪن کي اسان سان محبت هوندي ته ڪن کي نفرت. اهو دنيا جو دستور آهي.
اڄ تاريخ 22 سيپٽمبر 1997ع تي صبح جو نائين بجي ايراني وقت مطابق قُم شريف ۾ پهتاسين. ڊرائيور اسان کي پل آهنچي وٽ ڇڏيو. مون کيس بچيل کارڪون تحفي ۾ ڏنيون ته هي ڪربلا جون اٿئي. ڊرائيور ڏاڍو خوش ٿيو ۽ وڏا ٿورا مڃيائين. ان کان پوءِ اسان هوٽل ڪسريٰ تي آياسين ۽ اتي ئي قيام ڪيوسين. ٿورڙو گهڻو آرام ڪري زيارت معصومهؑ قم لاءِ حرم ۾ وياسين. زيارت مان فارغ ٿي روضي جي ٻاهران ئي دڪانن تان تبرڪ وغيره خريد ڪيوسين ۽ وري واپس هوٽل تي آياسين. ماني ٽڪي کائڻ کان پوءِ وري بازار جو چڪر ڏيڻ وياسين. اسان جي ڪجهه ساٿين سئيٽر وغيره خريد ڪيا. مان هڪڙو يزد شهر جو ٺهيل ڪمبل، هڪ سَوڙ يا رضائي خريد ڪيا. ان زماني ۾ اهڙيون رضائيون گهڻو ڪري اسان جي ملڪ ۾ ڪونه ٺهنديون هيون. يا شايد وِڪي رضائي وارن اڃا تازيون شروع ڪيون هيون. ان کان سَوا جناب فاطمة الزهرا جي ڪارپيٽ تي ڇپيل زيارت، هڪ مولا حسينؑ جي روضي جي شبيهه وارو ڪارپيٽ خريد ڪيا. انهيءَ کان پوءِ جناب معصومه قم جي حرم ۾ نماز مغربين ادا ڪري، ماني کائي اچي هوٽل پهتاسين. ٿڪ ۽ ڊگهي سفر جي ڪري سوير ئي سمهي پياسين.
اڄ تاريخ 23 سيپٽمبر تي تهران لاءِ روانا ٿياسين.
رستي تي آية الله خميني صاحب جي روضي تي رڪياسين. امام خميني جي مزار تهران کان اٽڪل 20 ڪلوميٽر کن پهريان ايندي آهي. تمام وڏي ايراضيءَ تي هيءَ مزار اڃا زير تعمير آهي. مزار جو اسٽيل جو ڍانچو تقريباً مڪمل ٿيڻ وارو آهي. گنبذ به تقريباً ٺهي چڪو آهي. ان کان علاوه ڀرسان ڪيتريون ئي عمارتون زير تعمير هيون. يا ٺهي چڪيون هيون. هڪ پاسي هڪ عظيم الشان مسجد، لائبرري ۽ ڪيترائي اپارٽمينٽس ٺهي چڪا هئا، ته ٻئي پاسي اڃا تعمير جو ڪم جاري هيو. ٻاهر گاڏين جي پارڪنگ جو به جوڳو بندوبست ٿيل هيو. چانهه ۽ ٻي رفريشمينٽ جون به ڪيئي ڪئبنون موجود هيون. ان کان علاوه واش رومس يعني دست شوئي جون به ڪثير عمارتون ٺهيل هيون. امام خميني جي شخصيت ڪنهن تعريف جي محتاج ڪونهي. هن پنج هزار ساله شهنشاهيت (جيڪا حقيقت ۾ اڍائي هزار ساله آهي) کي هڪ عوامي انقلاب سان ختم ڪري جمهوري حڪومت قائم ڪئي. انقلاب ايران ۽ ان کانپوءِ جي حالتن سان اسانجي هن سفرنامي جو واسطو ڪونهي، ڇو ته اهو هڪ سياسي بحث ٿي ويندو. بهرحال خميني صاحب گذريل صديءَ جي وڏن انقلابي ليڊرن منجهان هڪ هئو. جيئن لينن، مائوزي تنگ، هوچي منه، فيدرل ڪاسترو، چي گويرا، منڊيلا، ڪم ال سِنگ وغيره.
اسان مزار اندر داخل ٿياسين ته ديوارين جي اندر اڃا پارٽيشن پينل والس ڪونه ٺاهيون ويون هيون. تنهن ڪري في الوقت قناطون هڻي پينل والس ٺاهيون ويون هيون. اندر قالينن جي جاءِ تي ساده گلم وڇايل هئا. اندر ٻه قبرون هيون. هڪ وڏي خميني صاحب جي ۽ ٻي سندس فرزند احمد خميني صاحب جي. قبرن جي چوڌاري جنگلو لڳل هو. هڪ بورڊ تي خميني صاحب جي زيارت به لکيل هئي. اسان فاتحه پڙهي مزار مان ٻاهر نڪري پنهنجي بَسِ ۾ اچي ويٺاسين.
هاڻي اسان کي ري شهر جيڪو اڄڪلهه تهران جو حصو آهي، رُخ ڪيوسين، ڇو ته اتي شاهه عبدالعظيم حسني ( ) جي زيارت ڪرڻي هئي.