سفرناما

هل هِنئين سين هوت ڏي

هي ڪتاب ايران، عراق ۽ شام جي زيارتن تي مشتمل سفرنامو آھي جنھن جو ليکڪ مختار جانوري صاحب آھي.
جانوري صاحب ڪتاب ۾ لاڙڪاڻي کان ڪوئٽا، تافتان ۽ مشھد، نيشاپور کان ڪربلا، ڪوفہ ۽ عراق جي ٻين شھرن بغداد، ڪاظمين ۽ شام جي دمشق سميت ٻين زيارتن ۽ انھن شخصيتن بابت تفصيلي لکيو آھي.
Title Cover of book هل هِنئين سين هوت ڏي

حضرت رقيه جو تعارف

حضرت رقيه جو تعارف

حضرت رقيهؑ امام حسينؑ جي نياڻي آهي. سندن والده گراميءَ جو نالو اُمِ رُباب آهي. پاڻ 24 ذوالحج سن 56 هجريءَ ۾ مديني ۾ پيدا ٿي. پاڻ پنهنجي بابا امام حسينؑ سان ڏاڍو پيار ڪندي هئي ۽ امام عاليمقام به ساڻس ڏاڍو پيار ڪندا هئا. قضيه ڪربلا ۾ هيءَ معظمه موجود هئي ۽ سندس عمر مبارڪ فقط ٽي سال هئي. سندس نالي جي حوالي سان اختلاف آهي. برصغير هند و پاڪستان ۾ کيس سڪينهؑ جي نالي سان سڏيو ويندو آهي. جڏهن ته ايران، عراق، شام ۽ عرب دنيا ۾ رقيه بنت امام حسينؑ چون ٿا. مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون، ته سندن روضو قبرستان باب صغير ۾ زندان ۾ جناب ام ڪلثوم بنت عليؑ سان گڏ آهي.
هاڻي اسين جنهن روضي طرف وياسين پئي، جيڪڏهن اهو روضو بيبي رقيه يعني بيبي سڪينه جو آهي، ته پوءِ زندان شام ۾ ٺهيل تمثيلي ضريح چئجي اهو علم الله کي آهي. چون ٿا ايراني آية الله عظميٰ جنهن جو نالو مون کان وسري ويو آهي. ان کي بيبي خواب ۾ آئي ته منهنجو مدفن هن جڳهه تي آهي ۽ هتي ڀرسان گندي پاڻيءَ جو نالو ٿو وهي، جيڪو اسان کي تنگ ٿو ڪري. تنهن ڪري هتي اسان جي قبر ٺهرايو. انهيءَ خواب کان پوءِ انهيءَ آية الله هتي روضي جو بنياد رکيو. هي هڪ سفيد سنگ مرمر جي انتهائي خوبصورت عمارت آهي. ڪشادو صحن ۽ روضي اندر خوبصورت سون ۽ چاندي جي ٺهيل ضريح جي اندر تربت ۽ ضريح تي قرآني آيات اڪريل آهن. اندر ايراني بهترين غاليچا وڇايل هئا. هتي به ماڻهن جو ڪافي تعداد هيو. روضي جي سار سنڀال جو انتظام به ايرانين جي حوالي هيو.
زيارت ڪري نمازِ زيارت ۽ نماز مغربين کان پوءِ سائين قمر عباس مجلس پڙهي. تنهن بعد سنهي بازار مان ٿيندا، جيڪا بمشڪل 12 فوٽ کن ٿيندي، ٻاهر آياسين. دڪان ننڍڙا ۽ بازار جي ٻنهي پاسي هئا، چون ٿا ته هي به قيدخانو هو ۽ دڪان قيدين جون ڪوٺيون هيون. هڪ ٻن ڪمرن کي علامتي سبز رنگ سان اصلي حالت ۾ رکيو ويو آهي، جيئن زائرين ۽ سياحن کي اندازو ٿئي ته ماضيءَ ۾ انهن جي شڪل و صورت ڪيئن هُئي. اٺين بجي رات جو وري جناب زينب جي زيارت ڪئي سين. زيارت مان فارغ ٿي هڪ PCO تان ڳوٺ فون ڪيم، ٽن منٽن جا 230 ليرا ورتائون. ادا وڏي مرحوم امداد علي خان سان مختصر گفتگو ٿي. ان کانپوءِ موٽي هوٽل تي آياسين. ماني ٽڪي کائي رات جو دير تائين ڪچهري ڪندا رهياسين ۽ مصائب اهلبيت تي ڳالهائيندا رهياسين ۽ پوءِ سمهي پياسين.
اڄ تاريخ 17 سيپٽمبر 1997ع تي فجر جي نماز هوٽل تي ادا ڪري وري سمهي پيم، تان جو ساڍي اٺين بجي اک کلي. اڄ سڄو ڏينهن ڪيڏانهن ئي نه وياسين. ٻن پهرن جي ماني کائي جناب زينب عليها سلام جي حرم ۾ آياسين. نماز ظهرين ادا ڪري حرم ۾ ئي ويهي رهياسين ۽ قرآن پاڪ، دعاء ڪميل جو دور ڪندا رهياسين تان ته نماز مغربين جو وقت ٿي ويو. نماز مغربين جماعت سان ادا ڪئي سين. نماز کانپوءِ مولوي قمر عباس نقوي صاحب هڪ زبردست مجلس پڙهي. اسان سان گڏ لاهوري قافلو به هيو. مجلس ايتري ته رقت آميز هئي، جو ڪيئي ايراني ۽ عرب به مجلس ٻڌڻ ويهي رهيا. ان کانپوءِ عزاداري ڪئي سين.
مان ۽ قمر عباس صاحب رات جو نائين بجي ڌاران مسٽر عبدالڪريم شعلبيءَ جنهن جي هوٽل ۾ اسان جو قيام هو، سان ملڻ ۽ حساب ڇڏائڻ وياسين. ڏاڍو شاندار انسان هو. ماني کائڻ جي دعوت ڏنائين. جنهن لاءِ اسان کيس مؤدبانه معذرت ڪئي. مون کيس پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏني. هن چيو ته جيڪڏهن مان مستقبل قريب ۾ پاڪستان آيس ته توهان سان ضرور ملندس. شعلبي صاحب سان حساب ڪتاب مان فارغ ٿي مان ۽ سائين قمر عباس صاحب سندس عزيز آغا اظهر صاحب جي گهر رات جي مانيءَ جي دعوت تي وياسين. ماني ڏاڍي لذيذ هئي. اظهر صاحب جي گهر واري لبناني عرب آهي، ۽ سائين قمر عباس صاحب جي زوجه جي قريبي رشتيدار آهي. زينبيه شهر جو آغا اظهر صاحب وارو محلو مون کي ته پنهنجي شهر لاڙڪاڻي جي پاڙن جهڙو لڳو. کليل ناليون جاين جڳهين جو نمونو صفا اسان جي شهر جهڙو هيو. آغا صاحب کان موڪلائي هوٽل سبطين تي آياسين. اسان جي لاهوري گروپ جي هڪ عورت جنهن جو نالو سيده عابده هو، پنهنجي قافلي جي ڀيٽ ۾ اسان جي قافلي کي وڌيڪ پسند ٿي ڪيو، ڇو ته اسان سيده ۽ نياڻي هئڻ ڪري سڀئي سنڌي سندس ڏاڍي عزت ڪندا هئاسين، تنهن ڪري هوءَ ويچاري اسان سڀني کي چوندي هئي ته توهين منهنجا ڀائر آهيو، ڪيڏي نه عزت ٿا ڏيو، پر اسان جي لاهوري قافلي وارن ۾ اها مروت ڪانهي. هر هڪ خودغرض ۽ مطلبي آهي. خير ان مومنه سان اڄ هڪ معجزو رونما ٿيو. بيبي سيده عابده کي ڪينسر جي بيماري هئي. اسان کي پوءِ ياد آيو ته هوءَ هر روضي تي ڏاڍو گريو ڪندي هئي ۽ ليلائيندي رهندي هئي. جناب زينب جي حرم ۾ گريو ڪندي سندس اک لڳي وئي. کيس خواب ۾ سائڻؑ جو ديدار نصيب ٿيو، جنهن سندس ڪينسر واري جڳهه تي زور ڏئي چيو ته عابده اٿ تنهنجي بيماري ختم ٿي وئي آهي. تون روزانو يارهن تسبيحون درود جون پڙهندي ڪر. سائڻ زينبؑ جي زور سان ڪلهي کي ڇڪڻ جي ڪري سندس قميض به اتان ڦاٽي پئي هئي، جيڪا هن قافلي جي عورتن کي ڏيکاري. بيبي عابده ڏاڍو خوش هئي. انهيءَ معجزي جي ڪري هن مجلس ڪرائي هئي ۽ نياز به تقسيم ڪيو هو. اهڙا ڪيئي معجزا ٿيندا رهندا آهن، جيڪي تصديق کان پوءِ رجسٽر ڪيا ويندا آهن. اهڙو معجزو منهنجي سامهون به غازي عباس علمدارؑ جي روضي جي دروازي تي سن 2009ع ۾ ٿيو، جيڪو مون اکين سان ڏٺو. هڪ مشلول ماڻهو جيڪو هلي نه پئي سگهيو، تنهن کي ماڻهو ٻانهن مان جهليو وٺيو پئي آيا. سندس پير گسندي ٿي هليا. جيئن ئي اهي دروازي تي پهتا ته ماڻهن منجهانئس هٿ ڪڍيا ۽ مولا عباس کي سڏيندا رهيا. اهو ماڻهو لڏندو لمندو ٿاٻڙندو نيٺ در کي هٿ ڏئي بيهي رهيو ۽ لوهي پائيپ کي جهَلي هلڻ شروع ڪيائين.