پيش لفظ
مون کي اها به خبر ناهي ته ڪنهن به ڪتاب تي پيش لفظ لکرائڻ آخر ڇو ايترو ضروري هوندو آهي؟ ۽ پيش لفظ ۾ ڇا لکبو آهي؟ نڪو ئي منهنجو ادبي قد ڪاٺ الطاف کان وڏو آهي ۽ نه ئي مان کانئس وڌيڪ پڙهيل ڳڙهيل ۽ معتبر آهيان. ان ڪري هي پيش لفظ جيڪو مان سندس حجت تي لکي رهي آهيان ۽ جنهن جي مان پاڻ کي اهل به نٿي سمجهان، تنهن ۾ لکيل ڪنهن به ڳالهه کي ٽيڪا ٽپڻي يا ڪا مستند ڳالهه نه، پر محض هڪ پڙهندڙ وٽان پنهنجي دلپسند ليکڪ لاءِ سندس ذاتي پسند ۽ ناپسند جو اظهار سمجهيو وڃي.
الطاف شيخ سان منهنجي پهرين ملاقات، اخباري ۽ ادبي ملاقات هئي. منهنجي گهر جو ماحول ڪو خاص ادبي ڪونه هو. ادب جي نالي تي پڙهڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن ڪا سنڌي اخبار، گل ڦل رسالو يا نئين زندگي نصيب ٿيندو هو، پر انهي ذري به ايترو مزو ڏنو جو ان شيءِ جي طلب وڌ کان وڌ ٿيندي وئي. اهو وقت اهو هو جڏهن ڏيسارو جو سفر ڪو ورلي ڪندو هو. پاٽ کان دادو يا دادوءَ کان لاڙڪاڻي جو قصد به ولايت جو پنڌ لڳندو هو. اهڙي زماني ۾ الطاف شيخ جا ڏيسارو منجهان لکيل خط اخبارن ۾ پڙهبا هئا ته انهي جهڙو ڀاڳوند ٻيو ڪو لڳندوئي ڪونه هو، جيڪو طلسمي شهزادن جيان، سامونڊي ٻيڙن ۾ سوار ٿي، ماٺ ئي ماٺ ۾ ملڪان ملڪ گهمندو ٿي وتيو. نه رڳو اهو پر انهيءَ گهوم جا مزي مزي جا احوال اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇاپرائي، گهوم جي شوقين اسان جهڙن ماڻهن جا اندر به ٿي ساڙيائين. ڪنهن کان سڙڻ به سچ پڇو ته اڻ سڌي ريت جهڙو سندس وڏائي جو اعتراف ڪرڻ آهي ۽ اهو اعتراف ڪرڻ ۾ مان ڪو به عار نه ٿي سمجهان.
الطاف شيخ سان منهنجي ٻي ملاقات هڪ خط وسيلي ٿي. انهن ڏينهن ۾ مان لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ تازو داخل ٿي هئس ۽ ڪاليج منجهان نڪرندڙ ڪجهه مخزنن ۾ ٻه ٽي ڪچيون ڦڪيون ڪهاڻيون پڻ لکيون هئم. انهن منجهان ڪا هڪڙي مخزن جهر جبل جهاڳي، سمونڊ لتاڙي الائجي ڪيئن الطاف تائين به وڃي پهتي هئي. هن نه صرف اها مخزن پڙهي، پر شابس هجيس جو ايترو ناميارو ليکڪ هوندي به، محض هڪ نئين ليکڪا کي، لکڻ لاءِ اتساهه ڏيارڻ لاءِ، ساراهه ۽ همٿ افزائي جو خط لکيو هئائين. نه ته اڪثر وڏا اديب ته پاڻ کي ئي افلاطون سمجهندا آهن ۽ جهڙن تهڙن تي ته کنگهڻ به نه چاهيندا آهن. ها! سو ڳالهه پئي ڪئيسون خط جي. اهو خط الطاف جپان منجهان لکيو هو. لفافي تي جيئن ته زيب النساءِ هاسٽل جي ائڊريس پيل هئي ۽ مان، ڊي-اسڪالر هئس، ان ڪري ٽپاليءَ اهو لفافو زيبالنساءِ هاسٽل جي نوٽيس بورڊ تي اٽڪائي ڇڏيو. لفافي تي منهنجو نالو پڙهي، منهنجيون ڪي هاسٽلر ساهيڙيون بورڊ تان لفافو لاهي آيون ۽ اچي مون کي هٿ ۾ ڏنائون. خط پڙهي اچي خوشيءَ ۽ ڊپ ورايو. خوشي به اهڙي جو اصل ڪپڙن ۾ ئي نه پئي ماپان ۽ پاڻ کي الائي ڇا پئي سمجهان ۽ ڊپ وري اهو ته متان مائٽن کي خبر پئجي وڃي ته هاڻ ميڊيڪل ۾ وئي آهي ته ڪاليج جي ائڊريس تي پراوا ماڻهو ٿا خط لکنس ته ڏئي دڙڪا سڄو ادب ئي نه ڪن پورو. سو خوشي ۽ ڊپ جي انهن احساسن کي دل ۾ سانڍي، اهو خط ستن پردن ۾ لڪائي، گم ڪري ڇڏيم.
الطاف شيخ سان منهنجي ٽين ملاقات روبرو ٿي، شام جو وقت هو. اسان ٽي وي پئي ڏٺي. فون جي گهڻي وڳي. ٻئي پاسي اڪرم سلطانه هئي. جيڪي ماڻهو اڪرم کي سڃاڻن ٿا انهن کي خبر هوندي ته اڪرم سلطانه جڏهن به ڪا نئين، انوکي، يا ڇرڪائيندڙ خبر (surprise) ٻڌائڻ واري هوندي آهي ته سندس اکين ۾ هڪ خاص چمڪ ۽ لهجي ۾ عجب سنسني سمائجي ويندي آهي. بهرحال فون کڻي مون هيلو چيو ته ٻئي پاسي اڪرم هيلو سلام يا حال احوال پڇڻ کانسواءِ هڪدم وڏي ايڪسائٽمنٽ منجهان چيو، نسرين! ڳالهه ٻڌ... الطاف شيخ سان ملندينءَ؟ اسان وٽ ويٺو آهي. (اڄوڪي وي. سي. آر ۽ ڊش دور جا پڙهندڙ شايد انهيءَ سنسني، جوش، ايڪسائٽمنٽ ۽ چاشني جي مزي کي سمجهي نه سگهن، جيڪو ان دور ۾ پنهنجي پسنديده ڪنهن به فنڪار کي اوچتو ملي يا ڏسي حاصل ٿيندو هو. پر ائين ڪري سمجهو ته اڄوڪي دور جي ڪنهن به نوجوان ڇوڪري يا ڇوڪري کي اوچتو فون ڪري چئجي ته..ڳالهه ٻڌ... ماڌوري سان ملندين؟ ته سندس دل ۾ ڪهڙيون نه هنبوڇيون لڳنديون. ته ان مهل ڪجهه اهڙائي احساس منهنجا به هئا)
اڪرم وارن جو الطاف شيخ سان گهرو اچ وڃ جو رستو هو، جنهن ڪري هوءَ آرام سان ساڻس ملي ۽ ڪچهري ڪري پئي سگهي پر جنهن ماحول ۾ مان رهيس پئي، اتي جي اهو چوان ها ته امان ۽ بابا مون کي موڪل ڏيو ته الطاف شيخ سان ملي اچان (توڻي هڪ ليکڪه جي حيثيت ۾ ئي سهي) ته اجازت ڏيڻ ته پري، ماڳهين گهٽو ڏئي ماري وجهن ها. سو تڏهن زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو مائٽن سان اڪرم جي گهر پارٽيءَ جو ڪوڙ ڳالهائي ويس. الطاف کي ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ ساڻس گفتگو ۾ بيحد مزو آيو. انهيءَ ڏينهن سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد وارن ساڻس گفتگو ۾ بيحد مزو آيو. انهيءَ ڏينهن سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد وارن ساڻس شام ملهائي هئي ۽ اتي ئي سندس نئين سفر نامي ”بندر بازاريون“ جو مهورت پڻ ٿيو هو. ان ڪري پاڻ ڏاڍي سٺي موڊ ۾ هو. کيس الائجي ياد هجي به يا نه پر ٻڌايائين پئي ته اتي ويٺل ڪجهه اديب دوستن چرچا پئي ڪيا ته، ”يار ڪتاب جو نالو ڪجهه ٻيو رکين ها متان پڙهندڙ انهن بندرن، سامونڊي) کي ٻيا بندر (ڀولڙا) نه سمجهن. بهرحال ڪلاڪ کن اڪرم ۽ الطاف سان ڪچهري ڪري جڏهن موڪلايم ته ساڳي وقت الطاف به موڪلائڻ جي ڪئي. ۽ ويندي ويندي تمام اطمينان سان ڪار جي ڊگي کولي، سندس سفرنامي”بندر بازاريون“ جي ٿهن مان هڪ ڪاپي ڪڍيائين ۽ اها تمام خلوص سان اڪرم سلطانه جي نذر ڪيائين. مان انهيءَ آس ۾ هئس ته هاڻ هڪ ڪاپي ٻي به ڪڍندو ۽ مون کي ڏيندو، پر خبر تڏهن پئي جو ڊگي ٺڪ ڪري بند به ٿي وئي ۽ الطاف ٽاٽا ڪري ويو به هليو، ڏاڍو ڏک ٿيم، منهنجو پنو صفا لهي ويو. دل چاهيو ته اوڇنگارون ڏئي روئان، پر اڪرم جي سامهون ننڍڙي ٿيڻ جي شرم کان پاڻ سنڀالي ويس ۽ هانءُ تي بار کڻي گهر موٽيس ۽ ڏاڙهي تي هٿ رکي دل ئي دل ۾ پڪو انجام ڪيم ته ڇا به ٿي پوي هاڻي الطاف جي ڪتابن تي ٽڪو به خرچ نه ڪنديس. انهي ئي ويل شاهه صاحب جي انهي شعر جو حقيقي مفهوم پنهنجي روحاني راز سوڌو هانءَ اندر لهي ويو ته، ”ڳولهيان ڳولهيان مَ لهان...“
(توڻي جو عمر جي هن دور ۾، ننڍڙائپ جون اهي سڀ ڳالهيون ياد ڪري پنهنجين بيوقوفين تي ڏاڍي کل پڻ ايندي اٿم. عمر جي انهي دور ۾ ماڻهو ڪيترو نه معصوم ۽ حساس هوندو آهي جو ڪک به سهي نه سگهندو آهي. پر... پوءِ وقت، حالتون ۽ زماني جون گردشون انسان کي ڪيترو نه پڪو ۽ نرڄو ٺاهي ٿيون ڇڏين جو اڄ وڏي کان وڏي وار جو به اثر ئي ڪونه ٿو ٿئي)
توهان سوچيندا هوندائو ته هي الطاف جي ڪتاب جو پيش لفظ آهي يا نسرين جا Memoirs. پر لکڻ مهل الائي ڇو ذهن ۽ قلم ٻئي بي قابو ٿيو وڃن ۽ جيڏانهن ٿو وڻين اوڏانهن ٿا ڀڄن.
انهيءَ کانپوءِ مون ميڊيڪل ڪئي، شادي ٿي وئي، الطاف شيخ به ڏيسارو جي سفرن مان تنگ ٿي اچي ڪراچي وسائي ته ساڻس بي شمار ملاقاتون ٿيون. سنڌ گريجيوئيٽس ايسوسيئيشن جي فنڪشن ۾، مرڻن پرڻن تي ۽ گهر ۾ ساڻس کوڙ دفعا ملياسين ۽ جهڙو گهرو اچ وڃ جو رستو ٿي پيو ته هن جي شخصيت جا وڌيڪ پهلو اسان جي آڏو ظاهر ٿيا. توڻي جو هو سڄي دنيا گهميو آهي، پر منجهس چالاڪي نالي ماتر به ناهي، صفا سادو سودو، شريف، مخلص ۽ همدرد ۽ دنياداري ۾ اصل ٻڙي (تڏهن ته مون کي ڪتاب ڏيڻ وسري ويو هئس)، سندس جسم ضرور ولايت جا ملڪ گهميو آهي، پر روح سنڌ کان ته ڇا، پر هالن کان به ٻاهر نه نڪتو اٿس. هو آمريڪا، جپان ۽ سئيڊن ۾ رهي به هر وقت هتان جي اون ۾ رهي ٿو. مئڪڊونالڊ ۽ ڪينٽڪي تي ويهي به هالن جي پيالي ۽ پڪان جي ٻاڙ محسوس ڪري ٿو. توڻي جو هينئر سڄي دنيا گهمڻ بعد ڪراچي ۾ رهيل آهي ۽ سنڌي عورت جي سجاڳي، آزادي ۽ علم جو حامي آهي. پوءِ به سندس ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه مان سنڌ جو پنجاهه سال پراڻو سخت گير ۽ روايتي مرد ڪر موڙيندي نظر اچي ٿو.
الطاف جا سڀ سفرناما مون شوق سان پڙهيا آهن ۽ بار بار پڙهيا آهن. ڪاڏي به گهمڻ وڃون ته الطاف جو ان ملڪ جي باري ۾ سفرنامو ضرور پڙهندي آهيان. سندس سفرنامن ۾ سڀ کان وڌيڪ وڻندا اٿم سفر جي دوران سندس ڪچهرين جا احوال. سفر جي دوران دوستن جي ڪچهري اهڙي ته پُر لطف ۽ دلچسپ انداز سان بيان ڪندو آهي جو مطالعي جو مزو اچيو وڃي- ائين محسوس ٿيندو آهي ته ماڻهو پاڻ پاڻيءَ جي جهاز ۾ ويهي ويٺو ڪچهري ڪري ۽ مزي مزي جا گفتا ۽ ڀوڳ چرچا ٻڌي. ان کان پوءِ مختلف جاين جڳهين تي گهمڻ ڦرڻ جو احوال به اهڙو ته وندرائيندڙ هوندو آهي جو ڀانئجي ته ڪو انعام يا لاٽري کلي پوي ته يڪدم ٽڪيٽ وٺي سفر جي سنبت ڪجي. پر... وري سڄو مزو ڪرڪرو ۽ موڊ آف تڏهن ٿيندو اٿم جڏهن اصل ڳالهه سان گڏ تاريخ، جاگرافي ۽ شهريت جي پتاڙ شروع ٿي ويندي آهي ته فلاڻو يا فلاڻو ملڪ بحر اوقيانوس جي اولهه يا اوڀر پاسي تي، خط استوا کان هيتريون ڦاڪون پري، فلاڻي يا فلاڻي هنڌ تي واقع آهي ... وغيره وغيره. پوءِ ته اصل مٿو ئي ڦريو وڃي ۽ ڀانئجي ته اهو ڪتاب بند ڪري وڃي اڳوپوءِ سوشل اسٽڊيز پڙهجي ۽ يونيورسٽي مان هڪڙي ڊگري ٻي به وٺجي. ٿي سگهي ٿو ته هڪ سٺي سفرنامي لاءِ اهو مرچ مصالحو ضروري هجي، پر اسان پارو مزور ماڻهو سڄي ڏينهن جي هڻ هڻان ۽ وٺ وٺاڻ کانپوءِ، ٽائيم ڪڍي ڪجهه رليڪس ٿيڻ لاءِ مطالعو ڪري ۽ پڙهڻو پويس چنگيز خان ۽ ظهير الدين بابر جو حال احوال، پاڻيپٽ جون ويڙهون، پهرين ۽ ٻين مهاڀاري لڙائي ۽ الائي ڪهڙا بادشاهه ۽ شهنشاهه اول ۽ پنجم ۽ چوماسيون هوائون ته پوءِ اهڙي پڙهڻ کان ماٺ ڀلي. ننڍي هوندي ئي جڏهن امڙ سماجي اڀياس ياد ڪرڻ لاءِ چوندي هئي ته ائين بهانا ٺاهي روئيندي هئس جو پوءِ گهروارا ويتر چيڙائيندا هئا ۽ منهنجي چڙ ٺاهي هئن ته:
جاگرافي جگرڦاٽي ڪونه پڙهنداسين،
هريءَ جو نالو ڳنهي مري وينداسين.
سو يقين ڪريو ته تمام دلچسپ ۽ مزيدار ڳالهين ۾ جڏهن لاچار ائين تاريخ ۽ جاگرافي پڙهڻي پوندي اٿم ته وات جو ذائقو بلڪل ائين ٿي ويندو آهي جيئن آئيسڪريم ۾ پستن جي بدران ساوا مرچ ٻرڪي کائجن.
ٻي شڪايت جيڪا مون کي الطاف سان آهي سا اها ته هو پنهنجن سفرنامن ۾ شاپنگ جو احوال گهٽ يا بلڪل ڪونه ٿو ڏئي، بلڪه مون کي ته اهو محسوس ٿيو آهي ته هو ائين ٿو سمجهي ته شاپنگ ڪرڻ ڪا گهٽ يا خراب ڳالهه آهي، جنهن کان سندس دامن پاڪ آهي. ائين ڇو؟ ضروري ناهي ته ٻاهر وڃي شاپنگ جي نالي تي اسمگلنگ ڪجي ۽ گهمڻ جو مزو اوور ويٽ جي ڳڻتي ۾ وڃائجي، پر آخر ٻچڙيوال ماڻهو گهر کان شاهي بازار تائين به ويندو ته واپسي تي، شيءِ شڪل جي اوسيئڙي ۾ ويٺل ٻار ٿيلها ضروري ڦولهيندا. هونءَ به ماڻهو ميهڙ وڃي ۽ ميندي مائو نه وٺي، هالن منجهان سوسي ۽ اجرڪ نه خريد ڪري، گمبٽ مان کيس نه وٺي، شڪارپور مان آچار نه وٺي، لاڙڪاڻي ۾ بهه ۽ پاٽ ۾ پوهوءَ جي برفي نه کائي ته اهو گهمڻ ئي ڪهڙو؟ ان ڪري مان کيس عرض ڪنديس ته توڻي جو کيس شاپنگ جو شوق ناهي ته به پڙهندڙن جي سهولت لاءِ شاپنگ جي ڪجهه نه ڪجهه ڄاڻ ضرور ڏئي، جيئن ماڻهو پاڻ ڦرائن ۽ اجائي رلڻ کان بچي پوي. مثال طور ڪهڙين جاين تي خريداري سستي پوندي، ڪهڙين جاين تي لاهو گاهو نه ڪرڻو پوندو ۽ ڪهڙين جاين تي گراهڪ جي مڏي ڪاتي سان کل لاهيندا، وغيره وغيره.
سندس سوچ سگهاري، قلم قابل ۽ نظر وسيع آهي. دنيا جو اڀياس جيڪو کيس حاصل ٿيو آهي سو هر هڪ جي ڀاڳ ۾ نه ٿو اچي. منهنجي دعا آهي ته خدا سندس ذهن ۽ قلم کي اڃا به سگهارو، پختو ۽ روان ڪري، پڙهندڙ سندس نڪور لکڻين مان لطف اندوز ٿين ۽ گهر ويٺي ولايتن جا مزا ماڻين.
ڊاڪٽر نسرين جوڻيجو
ايل. ايم. سي ڄامشورو
7 سيپٽمبر 1995ع