عيون تناجي عيون
مبارڪ يڪدم وراڻيس:“ اسان يمنين کي ايترو ناهي، جيترو سعودي عرب جي رهاڪن کي آهي. هو پنهنجي جوان مڙسي يا طاقت زالن جي تعداد ۾ ئي سمجهن ٿا. هنن جي دماغ ۾ اهو اُٺُ ويٺل آهي ته عورت لاءِ سڀ کان وڏي خوشي هن سان مهلو ڪمهلو جنسي تعلقات رکڻ آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته ننڍي عمر ۾ حد کان وڌيڪ جنسي تعلقات ڪري بس ٿيو وڃن پوءِ وتن دوا درمان، ٽوڻن ڦيڻن ۽ ڪشتن معجونن جي ٽيڪن تي هلندا. ڪويت ۽ سعودي عرب جي ڪيترن اميرن ته ڇا ڪيو آهي، جو نوڪرياڻين جي بهاني پنهنجي پٽن کي ننڍي هوندي ئي فلپينو، ڪورين، انڊين ۽ پاڪستاني ڇوڪريون Keeps طور رکي ڏنيون آهن ته وتن گهر ۾ عيش ڪندا. چي ٻاهرين ملڪن ۾ وڃي پنهنجي ملڪ جي بدنامي ڪن يا بيماريون لڳرائين ان کان گهر ۾ ويٺا ڪارو منهن ڪن. ڪيترا سعودي جا وڏي عمر جا عرب اسان جي ملڪ (يمن) مان ننڍين نيٽين ڇوڪرين سان شادي ڪري کين پاڻ سان وٺيو وڃن. اسان جي ملڪ جون غريب يمني ڇوڪريون ڀلا ڇا ڪن. ڪيتريون ته سگهو ئي ڀڄيو اچن، چي پئسو ۽ کاڌو پيتو کڻي آهي، پر ڪوٽن ۾ بند ڪيو ويٺا آهن. ڪا آزادي يا عورت جي عزت ناهي. ان کان ته غريب جي گهر ۾ ماڻهو سکيو آهي. عرب بدو پاڻ وتن ٻاهر عيش ۽ موج مزا ڪندا، زالون آهن سي سونن پڃرن ۾ قيد ٿيون پيون آهن! جنهن وقت به جنسي خواهش ٿئينته زال کي رنڊي سمجهيو ڀڳا بيٺا آهن. زال ڇا چاهي ٿي، ان جو کين فڪر نه آهي.“
۽ پوءِ مبارڪ پنهنجي پاڙي جي هڪ عورت جي ڳالهه ٻڌائي ته هن جي شادي کي اڃا مهينو مس ٿيو ته مڙس کي ڇڏي سعودي عرب کان ڀڄي آئي.
”ڇو ڀلا؟“ مبارڪ کان اسان پڇيو.
”گهڻي sex ڪري، ٻيو ڇا جي ڪري!” مبارڪ ٺهه پهه ٻڌايو. ”مڙس اصل ڇتو ڪري ڇڏيس. گهر جي ٻاهران سندس دڪان هو. صبح نه ڏس شام نه ڏس، جنهن وقت دل چيو ٿي ته گهر جو رخ رکيو ٿي. ۽ جنهن وقت به گهر ۾ گهڙندو هو ته هٿ اڳٺ ۾ هوندا هئس.“ مبارڪ ٻڌايو.
”اها ڳالهه هن عورت توسان ڪئي ڇا؟“ اسان پڇيس.
”نه، مون سان نه.“ مبارڪ چيو، ”هوءَ امان وٽ آئي هئي، ان سان پئي ڪيائين. آئون ڀرواري ڪمري ۾ ٻڌي رهيو هوس. امان کيس سمجهائي رهي هئي: اجايو مڙس ڇڏي آئي آهين. اتي ان سعوديه جي عرب وٽ سکي ويٺي هئينءَ، پر ڇوڪري اصل سخت بيزار لڳي ٿي. هر هر پنهنجي ان پوڙهي مڙس لاءِ امان کي چئي رهي هئي، ’يا خالا! خلقني هاذا الرجال‘ -ماسي! هن مڙسالي منهنجو خانو خراب ڪري ڇڏيو آهي. بيزار ڪري وڌو، ان ڪري ڀڄي آيس.“
مبارڪ جي ان قصي بعد اسان سندس اهو آخري جملو اڪثر ڪوڊ طور استعمال ڪرڻ لڳا آهيون. مثال طور ڪو پڇي ٿو ته اڄوڪو ڏينهن ڪيئن گذريو ته پنهنجي باس لاءِ چوندا آهيون. ”يا خالا! خلقني هاذا الرجال“ بلڪه ان ڳالهه کانپوءِ مبارڪ کي سندس نالي بدران ”يا خالا“ چوڻ لڳا آهيون. سو مبارڪ جا ڪيترا قصا ٻڌڻ بعد ان مان ڪيترا لفظ ۽ نالا سندس ئي مٿان رکندا آهيون.
مبارڪ ننڍپن جي هڪ ٻي به ڳالهه ٻڌائي ته کيس سندس ماءُ ڏنگائيءَ تان ڪيئن مار ڏني هئي.
”اسان جي پاڙي واري گهر جي ڀرسان هڪ ننڍڙو وٿاڻ به هو، جتي هنن جون ٻڪريون بيهنديون هيون. کين ننڍا ننڍا ڇيلا ڇيليون ڄمنديو هيون ته اسين گهٽي جا ننڍا ٻار انهن سان وڃي کيڏندا هئاسين. آئون ننڍي هوندي کان حد کان وڌيڪ Curious Minded هئس. هر ڳالهه جي پڇا ڪندو هئس. امان کان اهو به پڇندو هئس ته ٻڪري ڪٿان ٿي ڦر ڄڻي ۽ امان چوندي هئي ته ان جي گوڏي مان ٿو نڪري. هڪڙي ڏينهن آئون ان وٿاڻ ۾ ويس ته ٻڪري ان وقت ڪو ڦر ڄڻي رهي هئي. آئون ڪنڊ ۾ ويهي تعجب مان ڏسڻ لڳس. رت وغيره ڏسي منهنجي ايڏي دل ڪچي ٿي جو الٽيون ٿي پيم پر ته به اٿيس ڪونه. اتي ئي الٽيون به ڪندو رهيس ته ٻڪري کي به غور سان ڏسندو رهيس. نڄاڻ ان وقت ان گهر جي مائي اچي اتان لنگهي، تنهن جو مون کي ڏٺو ته رڙ ڪري امان کي چيو ته، ”خالا تون پئي ڇوڪري کي گهٽي ۾ ڳولين هي هتي ويٺو الٽيون ڪري. امان ڏندو کڻي آئي ته بنا ٻڌائڻ جي ڪلاڪ کان هڪ ته گم آهين ۽ ٻيو هتي هي ڇا ويٺو ڪرين.“
مون چيومانس. ”تون ته چوندي آهين ٻڪري جو ٻچو گوڏي مان ٿو نڪري پر هي ته گوڏي مان نڪتو ڪونه پئي سو ويٺي ڏٺم“. امان کي اهڙي ڪاوڙ آئي جو گهر پهچي منهنجا ڪپڙا لاهي مون کي الف اگهاڙو ڪري اس ۾ نه فقط کٽ سان ٻڌي ڇڏيو پر منهن تي ڳاڙها مرچ به هڻي ڇڏيا“.
”پوءِ توسان ته حالت هوندي؟“ اسان پڇيس.
”ٻيو نه ته وري. مون اهڙيون وٺي دانهون ڪيون جو بس. يا مسلمين! يا مسلمين!.“
”اهو ڀلا ڇو؟“ مون پڇيومانس.
”اسان وٽ يمن ۾ اهو رواج آهي ته پاڙي اوڙي ۾ ڪا باهه لڳندي آهي يا ڪنهن تي آفت ايندي آهي ته اسان وٺي رڙيون ڪندا آهيون: ”يا مسلمين! يا مسلمين!“ جيئن يورپ ۽ مغرب ۾ Help me, Help me, چون ٿا.“ مبارڪ ٻڌايو.
”پوءِ ڇا ٿيو؟“ اسان پڇيس.
”بس پوءِ پاڙي جا ماڻهو اچي گڏ ٿيا ۽ انهن امان کي منٿون ڪيون ته خالا ٻار آهي، معصوم آهي. هاڻي ڇڏينس کڻي. پوءِ مس مس امان ڇڏيو.“
بهرحال ان قصي بعد ڪٿي ڪٿي يا مسلمين! يا مسلمين! چئي مبارڪ کي سڏ ڪندا آهيون.
ڪيترن ماڻهن کي رکي رکي ڪنهن شعر جي ڪا سٽ بار بار چوڻ جي عادت هوندي آهي. ويٺي ويٺي ٿڌو ساهه کڻي ڪو سٺو شعر پڙهندا يا فقط ان جي ڪا سٽ جهونگهاريندا آهن. مبارڪ ادب ۽ شعر شاعري جو شوقين آهي يا نه، پر رکي رکي عربيءَ جو ڪونه ڪو شعر ضرور پڙهندو آهي. عربي مون کي نٿي اچي سو ڪڏهن ڪڏهن انهن سٽن جي معنيٰ پڇندو آهيانس. هن وقت ته انهن شعرن مان ڪوبه ياد نه اٿم. سواءِ هڪ سٽ جي جيڪا هو تمام گهڻو دهرائيندو آهي:”عيون تناجي عيون.“
ان جي معني ڇا آهي؟ اها ٻڌائڻ کان مبارڪ به قاصر هو. ”ان سٽ جو انگريزيءَ ۾ ترجمو اهڙو سهڻو ٿي نه ٿو سگهي، جهڙو هئڻ کپي، عين هڪ اک کي چئجي ٿو ۽ عيون اکين کي. ان جو مطلب ڪجهه هن ريت آهي ته عاشق جون فقط اکيون محبوب جي اکين سان مليون ۽ اکين اکين کي سلام ڪيو.عيون تناجي عيون.“