سياري جو مينهن ساهه سڪائي
”هن جهاز ۾ فرسٽ ڪلاس آهي ئي ڪونه ۽ نه سيٽن جي رزرويشن آهي، جنهن کي جيڪا وڻي ان تي ويهي.“ KLM وارن ٻڌايو.
اهو ٻڌي اسان لائوڊ اسپيڪر تان اعلان جي انتظار ۾ رهياسين. جيئن ئي اعلان ٿيو ته قطار ۾ اڳيان اسين اچي بيٺاسين ۽ هوائي جهاز ۾ گهڙندي اڳين سيٽن تي قبضو ڪري ورتوسين. هوائي جهاز ايڏو ننڍو هو جو مٿين خانن ۾ ڪو ننڍو ٿيلهو به وڃي نه سگهيو. ان ڪري باقي سامان پيرن جي وچ ۾ ۽ بوٽن تي رکيوسين، جهاز ۾ سيٽون به ايتريون ٿوريون هيون جو ڏهه کن اسين يونيورسٽي جا هئاسين ۽ اهڙا ڏهه کن ٻيا مسافر ٿيندا، جن ۾ ايئر هوسٽس به شامل چئي سگهجي ٿي جو جهاز ۾ ان جي وهڻ لاءِ به ڌار ڪا جاءِ نه هئي. مسافرن واري هڪ سيٽ تي هوءَ ويٺي. مبارڪ چيو ايتري ننڍي جهاز جو اسان جي عرب ملڪن ۾ ڪو سوچي نٿو سگهي. پر ايئر هوسٽس ٻڌايو ته سندس KLM ڪمپني ههڙن ننڍن جهازن ذريعي يورپ جا ننڍا شهر ڳنڍڻ واري هيءَ نئين سروس ويجهڙائيءَ ۾ شروع ڪئي آهي ۽ ڪافي ڪامياب وڃي رهي آهي.
مسافرن جي وهڻ بعد در وٽ رکيل سلائيڊنگ واري ڪٻٽ کي ايئر هوسٽس اڪيلي سر ريڙهي اندر ڪيو ۽ پوءِ در کي کاٻي گسڪائي انجيسن سان بند ڪيو ۽ پوءِ ڪٻٽ کي واپس ريڙهي پنهنجي جاءِ تائين آندو. ان بعد مائيڪرو فون کڻي دستوري تقرير ذريعي مسافرن کي ٻڌايو ته جهاز جا ايمرجنسي دروازا ڪٿي آهن، جهاز سمنڊ مٿان اڏامندو ۽ خدانخواسته ڪو حادثو ٿي پيو ته هيٺ رکيل لائيف جئڪيٽ ڳچي ۾ پائي ڌاڳي کي ٻاهر سٽ ڏيندائو ته اها ڦوڪجي ويندي-وغيره وغيره.
(۽ جڏهن اهڙا حادثا ٿين ٿا ته اڌ کان وڌيڪ مسافرن کي اها جئڪيٽ ڳولهي نٿي ملي ۽ جن کي ملي ٿي انهن کان تڪڙ ۾ پاتي نٿي ٿئي. باقي جنهن ايڪڙ ٻيڪڙ کان پاتي ٿئي ٿي ته ان کي هوا ڀرڻ لاءِ لڙڪيل ڌاڳو نظر نٿو اچي يا صحيح طرح نٿو ڇڪجي.) بقول مبارڪ جي:”اسان سڀني پاران اها نيرين اکين واري ڊچ ايئر هوسٽس پاڻ پائي پنهنجي زندگي بچائي وڃي ته به ٿيو وڏو خير.“
بهرحال هر جهاز ۾ ايئر هوسٽس بچاءُ جي ترڪيب ايڏو تڪڙو ٻڌائي ٿي جو سمجهه ۾ اچڻ سولو ناهي. پر ان جو مطلب اهو هرگز نه آهي ته ان تي پورت ڪجي. هر مسافر جي اڳيان ٻن يا ٽن صفحن جو ڪتابچو رکيل ٿئي ٿو. جنهن ۾ تصويرن سان اها سڄي ڪهاڻي سمجهايل آهي. ايئر هوسٽس پڻ آخر ۾ ان ڪتابچي کي پڙهڻ جي تاڪيد ڪري ٿي. جيئن سڀان ڪو مٿس يا هوائي ڪمپنيءَ تي ڏوهه نه ڏئي.
اهي ڪم لاهي پوءِ پاڻ به بيلٽ ٻڌي بالم ٿي ويهي رهي. جهاز رن-وي تي ڊوڙڻ لڳو. خبر ناهي ڪهڙي ڊوڙ کانپوءِ مٿي اڏامڻ به شروع ڪري ڏنو پر اسان کي اهو ئي محسوس ٿيندو رهيو ته هو اڃا ڏامر جي رن-وي تي ڊوڙي پيو. نه فقط سندس لوڏا جاري هئا پر انجڻ جي زوزاٽ ۽ ڏڪڻ (Vibration) ۾ به ڪو فرقنه آيو. ٻاهر موسم به خاص خراب نه هئي، ڀر ۾ ويٺل مبارڪ سان ڳالهائيندي به رڙيون ڪرڻيون پيون ٿئي. نيٺ مبارڪ پنهنجي روايتي ٽون ۾ ”ماءِ ڊيئر فرينڊ“ جو تڪيو ڪلام استعمال ڪندي چيو:
”هي مٿي جو سور ائين ئي هلندو يا گهٽ به ٿيندو.“
مبارڪ جي پڇڻ کان اڳهين آئون پڻ ان جي کوج ۾ هئس ته شايد جهاز ننڍو آهي ان ڪري ٿي رهيو آهي. جو وڏي جهاز ۾ ته ڪڏهن به نه ٿيو، پر پوءِ خبر پيئي ته هوائي جهاز جو پر جنهن ۾ انجڻ هئي اهو بلڪل اسان جي سيٽ سان لاڳو هو. مبارڪ کي اها ڏکوئيندڙ ڪٿا ٻڌائيندي چيم:
”هيڏانهن هوڏانهن لوڻا هڻ ته ڪا خالي سيٽ هجي ته هتان اٿون.“
سڄي جهاز ۾ ڪل سيٽون ئي ڇا هيون. هي سڀ مسافرن سان ڀريل هيون ۽ جيڪي به خالي هيون سي اسان جي پويان واريون هيون. يعني انڌي جهڙي پيڪين تهڙي ساهرين. هڪ فوٽ کن پٺيان وهڻ ۾ ڪهڙو فرق! ۽ اهو سمجهيوسين ته سياڻا مسافر هن جهاز ۾ هنن سيٽن کان ڀڄن ٿا، پر اسان پڏڻ ٿي انهن تي اچي ويٺا هئاسين. مبارڪ چيو: ” هاڻي ڇا ڪجي. هڪ ته جهاز جي ڏڪڻ ڪري ڪنن ۾ ڪتڪتاڙي پئي ٿئي. ڪن کنهي کنهي ٿڪجي پيو آهيان ويتر جي پنهنجن ساٿين کي هن لقاءَ جي خبر پوندي ته هو به کلندا.“
”هاڻ منهنجي خيال ۾ ته ماٺ ڪري ويهجي. ڏيڍ ڪلاڪ جو پنڌ آهي. ڄاڻ ته ويو گذري. ڦاٿي ته ڦٿڪڻ ڪهڙو.“ مون چيومانس.
”اها به ڳالهه صحيح آهي.“ ۽ پوءِ ايئر هوسٽس کي ڏسي مبارڪ به ائين پنهنجو مٿو جهاز جي دري تي رکي اکيون پوري سمهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مزو نه آيس سو ڏهه منٽن کانپوءِ پاسا ورائي، اخبار کڻي پڙهڻ لڳو، پر Vibration ڪري اها به پڙهي نه سگهيو.
”اڃا ڪيترو وقت آهي؟“ مبارڪ پڇيو.
”بس هاڻ باقي ڪلاڪ کن آهي.“ وراڻيومانس.
”ڀلاايئر هوسٽس پاڻهي اٿندي يا اٿارڻو پوندس.“ مبارڪ چيو.
ڇو ڀلا؟“ مون پڇيومانس.
”ماءِ ڊيئر فرينڊ! ٽائيم ئي ڇا وڃي بچيو آهي. اڃا کيس مانيءَ جا ٽري ڪڍي هر هڪ جي اڳيان رکڻا آهن، ان بعد چانهه جو دور. پوءِ ڊيوٽي فري شيون وڪڻڻيون اٿس. ان بعد خالي ٿانو گڏ ڪرڻا اٿس. تون سمجهين ٿو ته ايمسٽراڊم تائين اهي سڀ ڪم پورا ڪري سگهندي؟-۽ جهاز جي دروازي کي کولڻ لاءِ ڇپ جهڙو ڪٻٽ به وري ريڙهڻو اٿس.“ مبارڪ چيو.
”في الحال سمهڻ ڏينس.“ مون چيو.
مبارڪ کلندي منهنجي ٻڌايل ڪجهه ڏينهن اڳ جي ڳالهه دهرائي،
”ڇا هيءَ به آزادي جو خواب ڏسي رهي آهي؟“
ڪنهن اسان جهڙي غريب ملڪ جي رهاڪوءَ کي رستي جي ڪپر تي سُتل ڏسي ڪو ڏاهو اٿاري رهيو هو ته واٽ ويندڙ همراهه چيس: ”ڀائو ڇو ستل همراهه کي اٿاري رهيو آهين. ٿي سگهي ٿو هو آزادي جو خواب ڏسي رهيو هجي.“
ڏاهي وراڻيس: ”جي اها ڳالهه آهي ته خواب لهڻ بدران ننڊ مان اٿي آزادي لاءِ جدوجهد ڪري ته بهتر ٿيندو.“
سو مبارڪ اها ڳالهه ياد ڏياري چيو ته ڇا هيءَ به آزادي جو خواب لهي رهي آهي.
کلندي وراڻيومانس: ”اها ڊچ عورت آزادي جو نه پر ٿي سگهي ٿو اسان کي غلام بڻائڻ جو خواب لهي رهي هجي. اسان کي نه ته ڪنهن ٻي انڊونيشيا کي، ڪنهن ٻي ملائيشيا کي، سري نام کي، سريلنڪا کي فلپين کي.“
مبارڪ سنجيده ٿي چيو: ”ماءِ ڊيئر فرينڊ! تون هر وقت يورپين ۽ انگريزن تي بگڙيل رهين ٿو ته هنن اسان تي حڪومت ڪئي، پر ڪڏهن حقيقت پسند ٿي اهو سوچيو اٿئي ته اسان جي پنهنجن حاڪمن کان هي يورپي ۽ انگريز بهتر هئا. سئو سالن جي حڪومت ۾ انگريزن سڄي ننڍي کنڊ جا ايترا ماڻهو نه ماريا هوندا، جيترا اڄ پنهنجي حاڪمن جي غلطين ڪري غريب ماڻهو مرن ٿا، يوگنڊا ۽ نائيجيريا کان ائنگولا ۽ موزمبق تائين ڪنهن به آفريڪي ملڪ جو مثال کڻي وٺ ته فرينچن توڙي اٽلين يا اسپينين ايترا ماڻهو نه ماريا هوندا، جيترا اڄ سندن پنهنجا ليڊر ڪوس ڪري رهيا آهن، يورپين ڦرلٽ ضرور ڪئي، پر ان جي بدلي ۾ ملڪ کي به ٺاهيندا رهيا. اسان جا ليڊر ملڪ ۽ عوام جي ڀينگ ڪري پنهنجو فقط ڳوٺ ۾ به نٿا ٺاهي سگهن.“
مبارڪ اهو چئي بس ڪيو ته جهاز ۾ ڪم ڪندڙ هيءَ واحد ايئر هوسٽس اٿي کڙي ٿي. پوءِ خبر نه آهي ننڊ پوري ٿيڻ تي اٿي يا مبارڪ جي زوردار تقرير تي يا ڊيوٽي جي سڏ تي.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هوءَ ڪم جي اڇت هئي، جلدي جلدي مانيءَ جو ڪم لاٿائين ان بعد ڪافيءَ جو دور هڪ به نه پر ٻه دفعا هلايائين ۽ ڊيوٽي فري سامان وڪڻي، گئلي (رڌڻي) جو در بند ڪري ويٺي ته جهاز ڪڪرن کان هيٺ لهڻ لڳو ۽ پائلٽ اعلان ڪيو ته ائمسٽرڊم ايئرپورٽ تي ست ڊگريون ٿڌ آهي ۽ سخت بارش هلي رهي آهي. اهو ٻڌي پري کان ويٺل سعودي عرب جي خالد الجهلميءَ کي مبارڪ ڏنيسين: ”هاڻ تنهنجي ڇٽي توکي ڪم ايندي.“
گذريل چئن مهينن کان هو هر ملڪ ۽ هوائي اڏي تي پاڻ سان ڇٽي کڻي هليو ٿي پر ڪم ۾ نه ٿي آئي، پر اڄ هوائي جهاز مان لهي احساس ٿيو ته يورپ ۾ سڀ کان ضروري شيءِ ڇٽي (Umbrella) آهي. اونهاري جو مينهن کڻي واهه واهه پر سياري جو مينهن ساهه ٿو سڪائي.