گهران رُسي گهمڻ لاءِ نه نڪرجي ...
فنلئنڊ جي هن شهر هيلسنڪي ۾ 1952ع ۾ اولمپڪ رانديون ٿي چڪيون آهن، جيڪي پندرهون نمبر اولمپڪ گيمس هيون. هيلسنڪيءَ ۾ ورلڊ چئمين شپ جون رانديون پڻ سن 1983ع ۾ ٿيون هيون.
Scandinavian ملڪن جي شاهوڪار ۽ سهڻين عمارتن جو پنهنجو نموني آهي ۽ هڪ ٻئي سان ڪافي ملن ٿيون. اکيون پوري ڪوپن هيگن جي ڪنهن رهائشي گهٽيءَ ۾ هليا وڃو يا مالمو، اوسلو جي ڪنهن رستي تي، سهڻي شڪل ۽ ڪاٺ جي ٺهيل در درين واريون رنگين عمارتون ۽ سندن چوڌاري گلڪاري نظر ايندي، پر اسڪينڊينيويا جي ٻين ملڪن مان ٿي فنلئنڊ ۾ گهڙڻ سان محسوس ٿئي ٿو ته ماڻهو کڻي هڪ ٻئي جهڙا آهن پر عمارتن ۾ فنلئنڊ نرالو ۽ عجيب آهي، جيتوڻيڪ هيلسنڪي فنلئنڊ جي گاديءَ جو هنڌ ۽ وڏو بندرگاهه آهي پر سندس پراڻين ۽ ٿلهين ڀتين واريون، سادي ميٽوڙي رنگ ۽ چاپوڙا لٿل چن وارين عمارتن کي ڏسي هيلسنڪي اسڪينڊينيويا جو نه پر روس، هنگري يا رومانيا جهڙن سوشلسٽ ملڪن جو حصو لڳي ٿو.
بهرحال هيلسنڪي اهڙي هنڌ تي آهي، جتي مغربي يورپ جا جهاز ۽ ماڻهو به نظر اچن ٿا ته مشرقي يورپ جا به! ۽ هن شهر (هيلسنڪي) کي ايسٽ (ڪميونسٽ يورپ) ۽ ويسٽ ( سرمايه دار يورپ) جو مڪسچر مڃيو وڃي ٿو. بالٽڪ سمنڊ ۾ هي مشغول، سهڻو ۽ وڏو بندرگاهه آهي، شايد ان ڪري (يا ڪن ٻين سببن ڪري) هن شهر هيلسنڪيءَ کي بالٽڪ سمنڊ جي ڌيءَ (Daughter of Baltic) سڏجي ٿو.
هيلسنڪي وڏو ۽ ماڊرن شهر آهي، امير ۽ سهڻو شهر آهي، اونهاري ۾ جڏهن دنيا سج جي تپش ۾ ٽهڪي ٿي تڏهن به هيلسنڪي سدا بهار آهي. جنت جون دريون ڄڻ کليون پيون آهن. خوشبودار هوا جا جهوٽا مدهوش ڪن ٿا، پر اهي گل ڦل، اهي خوشبوئون ۽ مدهوشيون اونهاري جا فقط ٻه ٽي مهينا آهن، پوءِ سخت سيءُ ۽ سيءُ هوندو آهي، جنهن کي اسان ڏينهن چئون ان ۾ به هتي اونداهه انڌوڪار هوندو آهي. ڪوٽن ، سئيٽرن جا تهه چاڙهي ٻاهر نڪر ته به جهڙو ماڻهو سرڪاري اسپتال جي سردخاني ۾ اگهاڙو پيو هلي. وات مان ڳالهائڻ گهٽ ٻاڦ گهڻي ٿي نڪري. هر هڪ کي پنهنجي سر سان لڳل هوندي آهي. سياري ۾ ورلي ڪو واندو ماڻهو نظر ايندو ۽ جتي ايندو ته به هن کي ٻي جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ نه دلچسپي هوندي ۽ نه وقت، ٿر جي ڊٻن وانگر هتي جي شهرن جا رستا، سياري ۾ ويران نظر اچن ٿا.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن پاسي جا شهر (هيلسنڪي) توڙي اسٽاڪهوم، اوسلو وغيره، سهڻا ۽ امير آهن پر اسان جهڙن ايشيائي ماڻهن جي ڪهڙي ڪم جا، جن جي کيسي ۾ پنج هزار روپيا هجن ته به هو غريب آهن، ڇو جو هتي ڪنهن اهڙي تهڙي هوٽل ۾ هڪ سادو ويلو کائڻ تي به گهٽ ۾ گهٽ هزار روپيا خرچ اچيو وڃي. چانهه يا ڪافيءَ جي ٺريل ڪوپ لاءِ پندرهن ويهه مارڪا- يعني سئو رپيا کن! ان کان ته پنج سئو روپيا کيسي ۾ رکڻ وارو اسان جي ملڪ ۾ امير آهي ۽ اسان جي ملڪ ۾ چانهه جو ڪوپ ته غريب ۽ اڻ واقف وٽ وڃڻ تي به هو پياري ٿو ۽ هتي سڃاڻو ۽ ساڳي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ به نٿو پڇي! وڏا وڏا آفيسر چانهه جي رسيس ۾، پنهنجي چانهه جي ڪوپ جا پئسا ڏئي، ڪوٽ جي اندرين کيسي مان، گهران آندل مکڻ ليپ ڏنل ٻه ٽوش ڪڍي ويهي کائيندا. اها هتي جي زندگي آهي. پگهار جي گهڻي هجڻ جي باوجود ايڏي مهانگائي آهي، جو ان جي چِپَ ۾ امير به چيڀاٽجي ٿو. وڏي ڳالهه ته ايڏي مشيني ۽ Meterialistic دنيا آهي جو پٽ کي پيءُ جو، ڀاءُ کي ڀيڻ جو فڪر ناهي.
ساڳيو حال هتي جي سواريءَ جو آهي. ٽئڪسين ۾ بيحد امير چڙهن ٿا يا وري سرڪار يا ڪمپنيءَ جي خرچ تي سفر ڪرڻ وارا، يا وري ڪو مجبوريءَ جي حالت ۾، نه ته ڏسڻا وائسڻا ماڻهو بسين ۽ ٽرامن اڳيان قطار ڪيو بيهن ۽ شهر ۾ هلندڙ انهن سستين سوارين جا ڀاڙا به ايترا ڳرا آهن، جو ساڳي ڀاڙي ۾ ڪراچي کان نواشاهه يا دادو بليو لائين ۾ وڃي سگهجي ٿو. مطلب اهو ته هن پاسيجي موسم يا شهر، ڪي اهڙا نه آهن، جو گهر کان رسي گهمڻ لاءِ نڪرجي.