اوسلو جي هوائي اڏي تي انتظار
”ڏٺئه. اڃان تو پئي چيو ته گهران ڀوڳاڙو يا چڻن جو حلوو ٺهرائي کڻي هلون. هتي جي ڪسٽم ڊپارٽمينٽ کي ڪهڙي خبر ته اها کائڻ جي شيءِ آهي. جيسين ان جي Chemical Analysis ٿئي، تيسين ان کي چرس يا هيروئن سمجهي يا ڪا ٻي نشي جي شيءِ جو اعلان ڪري پاڻ کي بدنام ڪن ها. ان ڪري هڪ پاڪستانيءَ جي حيثيت ۾ هر ڪم سوچي سمجهي ڪرڻو پوي ٿو جو پوءِ اجايو ايئرپورٽ تي اتي جو عملو غلط فهميءَ ۾ پوي.“
ناروي جي بين الاقوامي ايئرپورٽ تان نڪري Domestic Flight واري حصي ۾ آياسين. مبارڪ جي اڏام جو گيٽ نمبر ظاهر ٿي چڪو هو سو هو خدا حافظ چئي سورهين نمبر گيٽ ڏي روانو ٿيو. جتان کيس ساڳي ڪمپني SAS جو هڪ ننڍو جهاز هيگ-سنڊ وٺي روانو ٿيڻو هو.
مون کي ناروي جي ايئر ڪمپني Baathens جي هوائي جهاز ذريعي پنجين بجي اوسلو کان اليسنڊ روانو ٿيڻو هو. چار پنج ڪلاڪ ايئرپورٽ تي گذارڻ لاءِ ڪنڊ ۾ رکيل صوفا سيٽ تي پٿل ماري ويٺس. ڪڏهن ڪڏهن وقت ڏاڍو انگهي پوندو آهي. هينئر ته هونءَ به ڊگهو وقت هو جيڪو نارمل نموني سان گذرڻ ۾ ئي ڇني پٽي رهيو هو.
وقت گذارڻ لاءِ ڪجهه وقت دريءَ کان ٻاهر برف باريءَ جو نظارو ڏسندو رهيس ته ڪجهه وقت ڪنهن اڏام مان لٿل يا ان ڏي ويندڙ رنگا رنگ مسافر ڏٺم ٿي. يا وري اوسلو جي ايئرپورٽ کي ٻهاري ڏيندڙ ۽ ڪچري جا دٻا خالي ڪندڙ پاڪستاني مردن ۽ ماين کي ڏٺم ٿي. ڊگهن وارن ۽ ڳچيءَ ۾ لڙڪيل سوني تند سان هو پوچي سان ايئرپورٽ جو فرش به صاف ڪري رهيا هئا ته رکي رکي پاڻ ۾ پنجابيءَ ۾ ڳالهائي رهيا هئا. هڪ ٻن سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪيم. پاڻ ڪنهن ننڍي ڳوٺ کان ٻن ٽن سالن کان هتي رهيل آهن. کين انگريزي يا اردو به چڱي طرح نٿي آئي پر بيحد خوش هئا جو کين مهيني ۾ پاڪستاني ڏهه پندرهن هزار رپين جيترا ناروي جا ڪرونا پگهار طور مليا ٿي- جنهن پگهار جيترو پئسو تَرَ جو تپيدار يا ڳوٺ جو زميندار ڀلي فصل مان به نٿو ڪمائي سگهي. نه هنن ۽ نه مون ان حقيقت کي آندو ته پاڪستان ۾ ڊبل روٽي نائين ڏهين روپئي ملي ٿي ۽ هتي اسي نوي روپئي. پاڪستان ۾ مهانگا مهانگا پٽاٽا به ڏهين روپئي سير آهن. هتي چار تولا تور جا Potato Chips سئو روپئي جا آهن.
ڀر ۾ ويٺل هڪ نارويجن(ناروي جي همراهه) کي هن برف باريءَ ٿڌ ڏي اشارو ڪندي چيم:”مئي جو مهينو هلي رهيو آهي. هتي اونهارو ڪڏهن ايندو آهي؟“
”هي اونهارو ته آهي. اسان وٽ اونهاري ۾ هيءَ موسم هوندي آهي ۽ ٽيمپريچر واڌو پنج تائين رهي سياري ۾ ته ڪاٽو ڏهه کان به وڌيڪ ٿڌ هوندي آهي.“
مس مس هڪ ڪلاڪ گذريو. ذري ذري واچ ڏسي ايئرپورٽ جو گهڙيال ڏٺم ٿي جو شڪ ٿي ٿيم ته ڪٿي واچ بيهي ته نه رهي آهي. ٿيلهو کولي ڏٺم ته ڪا اهڙي شيءِ، ڪتاب يا اخبار رسالو هجي جيڪو وقت گذارڻ لاءِ پڙهجي. شيونگ جو سامان، ٽوٿ برش ۽ پيسٽ، پاسپورٽ، واپسي جون ٽڪيٽون، هڪ فالتو پڙهڻ جو چشمو، اليسنڊ ۾ ٻه هفتا رهڻ جو روزمره جو پروگرام، ڪجهه اڇا پنا ۽ انهن جي وچ ۾ پنهنجو ئي لکيل ڪتاب Proverbs of Far East جيڪو اليسنڊ جي آفيس باس لاءِ کنيو هوم ۽ نيوفيلڊس پبليڪشن طرفان تازو ڇپيل ڪتاب ”اوهريا جي عميق ڏي“ هو. ڪتاب ڪڍي ڪجهه صفحا اٿلايان ٿو. اديب پنهنجو ڪتاب ڏسي خوش ٿيندو آهي پر هن ڪتاب جي سادي ڇپائي، چنجها فوٽا، هيڪاندي گهڻي قيمت- مون جهڙي ليکڪ کي خوشيءَ بدران مايوسي ڏني ٿي. کيس وري واپس ٿيلهي ۾ رکان ٿو. ٿيلهي جي پاسي واري کيس ۾ جاڳو اخبار جون ڪٽنگس ڏسي دل بهار بهار ٿي وئي، جيڪي ڪراچيءَ کان ڪنهن موڪليون هيون. ٿي سگهي ٿو هونءَ انهن کي ايڏو غور سان نه پڙهان ها، پر هاڻ نه فقط انهن جو اکر به اکر پڙهڻ لڳس پر انهن جي پٺِ تي آيل اڌ گابريون خبرون، مضمون ۽ اشتهار پڻ پڙهڻ لڳس.
مس مس وقت اڳتي رڙهيو. چئين بجي ڌاري ٻارهين نمبر دروازي ڏي آيس، جتان ڪلاڪ بعد منهنجي اڏام اليسنڊ وڃڻي هئي. اليسنڊ هڪ ننڍڙو ٻيٽ نما مهاڻن جو ڳوٺ آهي. هتي جا ڳوٺ به شهرن وانگر ماڊرن آهن. اوسلو کان هن دور دراز ڳوٺ ڏي منهنجو وڃڻ ائين هو جيئن ڪنهن ناروي جي باشندي لاءِ پاڪستان پهچي ڪراچي کان مٺي يا ڇاڇري وڃڻ. ان اڏام لاءِ انتظار گاهه ۾ سمجهو ته سڀ ڇاڇري جا همراهه ويٺا هئا ۽ مون کي وائڙن وانگر سوالي نظرن سان ڏسڻ لڳا ته آئون ڪير آهيان ۽ اليسنڊ ڇو هلي رهيو آهيان! ڪجهه دير بعد ڀر واري همراهه کان اليسنڊ جو پڇيم ته ايئرپورٽ کان وچ شهر ڪيترو پري آهي ۽ ائٽلانٽڪ هوٽل، جنهن ۾ منهنجي رهائش جو بندوبست ٿيل هو، وچ شهر کان ڪيترو پري آهي ۽ Ship Control آفيس، جتي ايندڙ ٻه هفتا مون کي ڪم ڪرڻو آهي، ڪٿي آهي.
هن منهنجي سوالن جا مختصر جواب ڏنا جو هن پاسي- ناروي توڙي سئيڊن جي ٻين ماڻهن وانگر هي به گهٽ ڳالهائو ۽ ٻين سان گهرا نه ٿيڻ جا عادي آهن، سو چپ ڪري ويهي رهيس. پنجين بجي جهاز ۾ ويهڻ لاءِ چيو ويو. ان وقت هتي جي گورن ماڻهن کان علاوه هڪ پاڻ جهڙو هوائي جهاز ۾ چڙهندو ڏٺم. پاڻ جهڙي رنگ روپ جو ڏسي اندازو لڳايم ته پاڪستان، هندستان جو آهي، يا وري مالديپ يا موريشس ٻيٽ جو ڪو کوجوبوهري يا گجراتي هوندو. قد ۾ ڪجهه ڊگهو ۽ رنگ ۾ ٿورو صاف هو ان ڪري بنگلاديش يا سريلنڪا جو نٿي ٿي سگهيو.
هوائي جهاز ۾ چڙهڻ وقت توڙي سفرر دوران هڪ ٻه دفعا دل ۾ آيو ته ساڻس ڳالهايان پر هڪ ته تمام گهڻو ٿڪل هوس ۽ ٻيو ته ان سفر ۾ آئون عجيب مايوسيءَ (Depression) جو شڪار ٿي پيو هئس ته اڪيلو ئي اڪيلو اتر قطب ڏي، دنيا جي آخري ملڪ ناروي جي وڏي شهر اوسلو کان سوين ميل پري اتر ۾ وڃي رهيو آهيان، جتي جي ميزبان طرفان ڪا خاطري (Confirmation) نه ملي آهي ته آيا منهنجو آڌرڀاءُ ڪيو ويندو يا پهچي دربدر ٿي ويندس. ان ڳالهه جو سوچي في الحال اخبار لاءِ لکڻ پڙهڻ جا شوق سڀ ڇڏائي ويا ۽ اچي ساهه جي لڳيم ۽ واقعي ٿيو به ائين، ايئرپورٽ تي وٺڻ لاءِ ڪير به نه آيو، جنهن بابت اڳتي هلي لکان ٿو.
بهرحال ڪلاڪ جي اڏام بعد ڇهين بجي هوائي جهاز اليسنڊ پهتو. اوسلي واري برف باري ختم ٿي چڪي هئي پر هوا لڳڻ ڪري سخت سيءَ جو راڄ هو. چوڌاري سمنڊ ۽ جبلن جي چوٽين تي گڏ ٿيل برف تي سج جا ڪِرڻا پوڻ ڪري چمڪ پيدا ٿي رهي هئي. شام جا ڇهه ٿي چڪا هئا، پر اڃا سج مٿڀرو هو، خط استوا وٽ اونهاري توڙي سياري ۾ ڏينهن رات هڪ جيڏو ٿئي پر جيترو اتر قطب ڏي وڌبو اوترو اونهاري جو ڏينهن وڏو ٿيندو ويندو. ناروي اتر ۾ آخري ملڪ آهي ۽ اليسنڊ، ٽرنڊام، بوڊه ناروي جا شهر اڃا به اتر طرف آهن، جتي اڄڪلهه ساڍي اٺين بجي سج لهي ٿو ۽ اڃا ته مئي جي شروعات آهي، جون جولاءِ ڌاري ڏينهن اڃا به وڏو ويهه ٻاويهه ڪلاڪن جو ٿئي ٿو ۽ سج ڏهين يارهين بجي ڌاري لهي ٻه ٽي ڪلاڪ رات جي اونداهي ٿيڻ بعد وري هڪ ٻي بجي ڌاري سج اڀري ٿو.
جهاز مان نڪري ايئرپورٽ تان سامان کڻي ٻاهر نڪتس، ڪجهه ٽئڪسيون ۽ بسون بيٺيون هيون. ٽئڪسيءَ جو نالو وٺڻ نه ٿي چاهيم، جيتوڻيڪ اوسلو ايئرپورٽ تي نارويجن ٻڌايو ته هوٽل تمام ويجهي آهي ۽ ٽئڪسي وارو ٻه اڍائي سو ڪرونا مس وٺندو، پر اهي ٻه اڍائي سئو يعني اسان جا هزار رپيا کن هن لاءِ ضرور ٿورا هوندا پر مون لاءِ بس جي ٽڪيٽ به تمام گهڻي هئي. بهرحال پنجونجاهه ڪرونا بس تي خرچ ڪري هوٽل ۾ پهچڻ ۾ بهتري سمجهيم. پر سوال هو ته ڪهڙي بس ۾ چڙهجي؟ نقشي ۾ توڙي سامهون اکين اڳيان ٽي منهوڙي جيڏا وڏا ٻيٽ نظر اچي رهيا هئا، انهن مان ڪهڙي تي هوٽل ۽ آفيس آهي، جتي مون کي وڃڻ کپي.
گهران (مالمو-سئيڊن) مان نڪرڻ وقت اهو عقلمندي جو ڪم ڪيو هوم جو اليسنڊ (ناروي) جي هوٽل ۽ آفيس جي ايڊريس ۽ فون نمبر ٻن پنن تي لکي هڪ ٻٽونءَ ۾ ۽ ٻيو بئگ ۾ وجهي کنيو هوم، جيئن هڪ گم ٿي وڃي ته ٻيو پنو ته هجي ۽ ايئرپورٽ تي ڪا پهر وٺڻ لاءِ نه اچي ته پاڻهي همت ڪري منزل تائين پهچي سگهجي. مون ٻٽونءَ مان ايڊريس ڪڍي ڀر مان لنگهندڙ نارويجن کان پڇيم، پر هن کي ايتري انگريزي نه ٿي آئي جو مون کي سمجهائي سگهي. سامهون ڏٺم ته پاڻ جهڙو ايشين جيڪو مون سان گڏ هوائي جهاز ۾ هو اڃا ايئرپورٽ جي بلڊنگ ۾ موجود هو. هو پنهنجي سامان اچڻ جو انتظار ڪري رهيو هو، هڪ بئگ اچي چڪي هيس، جنهن تي لڳل سڃاڻپ ڪارڊ تي ”ممبئي-ڪوپن هيگن-اوسلو-اليسنڊ“ لکيل هو، يعني هو ممبئيءَ کان اچي رهيو هو ۽ هن وقت منهنجو مسئلو ۽ مون کي منزل جو ڏس پتو ان قسم جو ئي ماڻهو ڏئي سگهيو ٿي.
مون ته سمجهيو ته دنيا جي هن ڪنڊ پاسي ۾ آئون پهريون ننڍي کنڊ جو ماڻهو هوندس، پر هن همراهه ٻڌايو ته هو هتي ٻاويهن سالن کان رهيل آهي ۽ ممبئي جو سنڌي آهي. ساڻس سنڌيءَ ۾ خير عافيت ڪري هوٽل جو ڏس پتو پڇيم.
”ٻه منٽ ترس- منهنجو سامان اچي وڃي ته ٻاهر هلي ٻڌايائين ٿو.هو پڻ سخت ٿڪل هو. ظاهر آهي ڪوپن هيگن کان هيستائين ته کيس مون وانگر ٻارهن ڪلاڪ ٿيا هوندا ۽ ممبئي کان ڪوپن هيگن پهچڻ ۾ گهٽ ۾گهٽ ڏهه ڪلاڪ کن ٻيا لڳا هوندس.
ٻاهر نڪري هن هتي جي نارويجن زبان ۾ بس ڊرائيورن کان منهنجو ڏس پتو ۽ بس نمبر معلوم ڪري مون کي ٻڌايو.
”آئون اليسنڊ کان به پري هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي ۾ ٿو وڃان، جنهن لاءِ مون کي ٻي بس وٺڻي پوندي. تون هن ۾ وڃ.“ هن مون کان موڪلايو ۽ ان ئي وقت کيس ياد آيو.
”پاڻ هڪ ٻئي جو نالو ته پڇيو ڪونه.“
اسان ٻنهي هڪ ٻئي کي ايڊريس ڪارڊ ڏيڻ چاهيا ٿي پر ان وقت نه هن کي سندس ڪارڊ ملي سگهيو نه مون کي ۽ نه وري ڪا Pen ملي سگهي جو هڪ ٻئي جا فون نمبر لکجن.
”منهنجو نالو گل آهوجا آهي، بس ”گل“ ياد رکجانءِ ڪافي آهي. جڏهن به واندڪائي ملنئي ته مون وٽ گهمڻ اچجانءِ. فون ڪجانءِ ته اچي وٺي ويندو سانءِ، منهنجو فون نمبر چاليهه پنجهتر هڪ آهي“ هن جلدي ۾ ٻڌايو جو بس اسٽارٽ ٿي چڪي هئي.
مهرباني، زندگي رهي ته ضرور ملاقات ٿي ويندي“ مون هٿ لوڏي موڪلايومانس.