فن لئنڊ ۾ ٿائي کاڌو
”ٺهيو هيلسنڪيءَ ۾ به ويا ٽي هفتا گذري ۽ هاڻ جان ڇٽي،“ مون ٿڌو ساهه کڻي زور سان چيو.
”ڇا مان؟“ فلپينجي نيول آفيسر گلبرٽ چيو.
”ٽريننگ ٽوئر مان.“ مون پاران ٿائلنڊ جي انجنيئر مسٽر سوتي چائي چيو.
” نه، نه “ مون يڪدم درستي ڪندي چيو، ”تنهنجي ٿائي کاڌي مان.“ سڀ کلڻ لڳا.
هوٽل ۾ منهنجو ڪمرو 610 هو، يعني ڇهين ماڙ تي ڏهون نمبر ڪمرو، بلڪل منهنجي هيٺان واري ڪمري ۾ 510 ۾ ٿائلنڊ جو هي ٿائي نيويءَ جو ڪمانڊر سوتي چائي رهيل هو. هيءَ هوٽل جيئن ته هاسٽل نموني هئي ۽ هر ڪمري ۾ رڌپچاءَ جو سامان ۽ ٻه اليڪٽرڪ جا چلها هئا، سو شام جو هر ڪو پنهنجي ڪمري ۾ Cooking ڪندو هو.
سوتي چائيءَ ان قسم جي هوٽل جو ٻڌي مالمو (سئيڊن) ڇڏڻ تي ئي اهو راڳ کنيو هو ته هو هيلسنڪي هلي Thai Food رڌيندو. فلپين جو گلبرٽ (جنهن کي پڻ ان قسم جو کاڌو مڇي، چانور، کيکڙا وغير پسند آهن) ۽ مبارڪ (جنهن کي ٿائي کاڌو پسند آهي يا نه پر رڌپچاءَ جي ڪم ۾ ٽوٽي آهي) هوائي جهاز ۾ ئي سوتي چائي جي حوالي سئو سئو مارڪ ڪري، ساڻس ڀاڱي ڀائيوار ٿيا ۽ کيس مڪمل اختيار ڏنائون ته جيڪي وڻنئي ۽ جڏهن وڻنئي ائين رڌي پاڻ به کاءُ ۽ کين به کاراءِ.
سوتي چائي هيلسنڪي پهچڻ سان هڪ ٿائي دڪان ڳولي ٿائي چانور، سڪل مڇيون ۽ ٿائي چٽڻيون، ساسون (Sauces) ۽ رڌ پچاءَ لاءِ تيل وٺي آيو، پوءِ روزانو جڏهن هو مسالو ڀڃي ان ۾ سرڪي ۽ ساسن سان گڏ تازيون ۽ سڪل مڇيون تريندو هو ته هوٽل جي بهري (Basement) کان وٺي مٿاهين ماڙ تائين امونيا گئس جهڙي نڪ ساڙيندڙ ڌپ (Pungent Smell) هوندي هئي. منهنجو ڪمرو ته بلڪل هن جي مٿان هو ۽هن جي دريءَ ۽ پنهنجي دريءَ ۾ ڪو اٺ فٽ فاصلو مس هو. دري کولڻ سان سوتي چائي جي ٿائي فوڊ جي نه فقط ڌپ پر دونهون ۽ ٻاڦ به منهنجي ڪمري ۾ گهڙي ايندي هئي.
سندس ان رڌپچاءَ کانپوءِ جيڪو کيس ملندو هو اهو هلي دٻ پٽيندو هوس، ويندي ڪمري نمبر 617 ۾ رهندڙ تنزانيا جو شريف انسان دوبيلو به کيس چوندو هو: ”سوتي چائي! مهرباني ڪري هاڻي ٿائي کاڌن جي پچر ڇڏ.“
ٻيا ته ٺهيو پر سندس کاڌي جا شريڪ ساٿي يمن جو مبارڪ ۽ فلپين جو گلربٽ به رڙيون ڪندا هئا ته مڇي ۽ ساس جي ايڏي تکي ڌپ آهي جو ٻن ڏينهن تائين ڪپڙن مان نه ٿي نڪري. ان ڪري اهي ٻئي ڄڻا ماني کائڻ لاءِ جڏهن سوتيءَ جي ڪمري ۾ ويندا هئا ته گنجي ۽ چڍي پائي ويندا هئا.
اسان کي به سوتي چائيءَ جي کاڌي جي ڌپ تنگ ڪندي هئي، ڪجهه وري رونشي خاطر سوتي چائيءَ کي تنگ ڪرڻ ۾ مزو ايندو هو، پر سوتي چائي ان معاملي ۾ بنهه نٺر ثابت ٿيو ۽ آخر تائين پچر نه ڇڏيائين. رڌ پچاءَ شروع ڪرڻ واري ڏينهن کان وٺي آخري ڏينهن تائين سوتي چائي سڀني جون خوشامندون ڪندو رهيو ته کيس شڪي نه ڪريو، جيڪو ملندو هوس ان کان پڇندو هو: ”ٻاهر گهمڻ نه ٿو وڃين؟“ جيئن اسين ٻاهر هليا وڃون ته اهو هن لاءِ سڀ کان سٺو رهي ۽ آرام سان ادرڪ ٿومون ساڙي تڙڪا ڪندو رهي.
هڪ ڏينهن مرچ مسالن کي گرم تيل ۾ ساڙي رهيو هو ته عين ان وقت دري کولي مٿان رڙ ڪئي مانس: What are you doing, Mr, Suti Chai? پنهنجي دري مان منهن ڪڍي منهنجي سوال جو جواب ڏيڻ بدران کيڪارڻ لڳو، جيئن اصل ڳالهه تان ڌيان هليو وڃي. ”How are you Mr. Altaf, Okay?“
”ڌوڙ اٿئي پئي.“ مون کلي چيو مانس، ”بيهه ته اچانءِ ٿو.“
سندس ڪمري ۾ آيس ته مبارڪ ۽ گلبرٽ به ويٺا هئا، مون سان گڏ هو به سوتيءَ کي تنگ ڪرڻ لڳا. ”سوتي چائي روز روز مڇي رڌي ماري رکيو اٿئي“ مبارڪ چيس.
پر سوتي چائي مجال آهي جو ان عنوان تي ڳالهه ڪري. هو خير عافيت ئي پڇندو رهيو: ”مسٽر الطاف! طبيعت ڪيئن آهي؟“
”اسان جو ٿو ساهه نڪري توکي طبيعت جي لڳي آهي.“ وراڻيو مانس.
ان بعد کيس ۽ مبارڪ کي سنڌ جي هڪ وڏيري ۽ سندس شيدي نوڪر جو چرچو ٻڌايو ته هڪ رئيس اونڌو ٿيو ستو پيو هو ۽ سندس شيدي خادم کيس زور پئي ڏنا. اوچتو رئيس کان ٽٽ نڪري ويو. هن روڪڻ جي گهڻي ئي ڪوشش ڪئي پر مڪمل طرح ڪامياب ٿي نه سگهيو. بهرحال نوڪر جو ڌيان هٽائڻ لاءِ پڇيائين:”ابا جمعا! گهڻا ڀائر آهيو پاڻ ۾؟“
نوڪر به هو استاد ماڻهو تنهن ٺهه پهه وراڻيس: ”رئيس ڀائر ته چار آهيون. ٽي ته ماتليءَ پنهنجن گهرن ۾ سکيا ويٺا آهن، باقي چوٿون جمعو توب جي منهن ۾ آهي. الاءِ مري يا بچي!“
مبارڪ وارن سان گڏ سوتي چائي به کلڻ لڳو. جڏهن هنن کِلي بس ڪيو ته سوتيءَ کي چيم:”سوتي چائي تون به طبيعت ڇا ٿو پڇين. ٿائي فوڊ رڌڻ بند ڪر نه ته مالمو موٽڻ تائين الاءِ بچي به سگهون يا نه.“