پکين اچڻ تي اسين ڇريون تکيون ڪيون ٿا
”چئي سگهجي ٿو“، نيريم چيو، ” سال ٻن کان موسم ۾ ڪافي تبديلي آئي آهي.“
پاڪستان جو اونهارو هونءَ به گرم ٿئي ٿو.“ مون کيس ٻڌايو، ” پر گذريل سال ڳوٺان ايندڙ هر هڪ جي خط ۾ اهو هو ته ڏاڍي گرمي ٿي آهي ۽ هن سال ته سياري ۾ به ڪي خاص سيءَ نه ٿيا، الله خير ڪري.“ مون پنهنجي فڪر جو اظهار ڪيو.
” هتي به گذريل سال ۽ هن سال ايترا سيءَ نه پيا“، نيريم چيو ۽ پوءِ سگريٽ جو ڪش هڻي چيو،“ گهٽ سيءَ ڪري ناروي ۾ ڏاڍو لطف رهيو“. ۽ پوءِ يڪدم ڌيان ۾ ڳالهه اچي ويس ۽ مون کي ڀاڪر پائي چوڻ لڳو:
”او نو نو ڀلي هتي سخت سيءُ ٿئي، نه ته پاڪستان ۾ سياري ۾ به گرمي ٿيندي. گهڻي سيءَ ۾ کڻي هڪ وڌيڪ سئيٽر يا ڪوٽ پائبو پر گهڻي گرمي ۾ ماڻهو ڇا ٿو ڪري سگهي.“
خير کيس ته ان سوچ لاءِ مهرباني چيم پر مون پنهنجي دل ۾ سوچيو ته هن ملڪ جي ماڻهن کي ڌرتي گرم ٿيڻ جو ڪهڙو فڪر؟ پاڻ هنن لاءِ مزو، پر ان هوندي به کين شابس هجي جو ان جو فڪر به انهن کي آهي ۽ رڙيون ڪري اڳواٽ اسان کي آگاهه ڪري رهيا آهن ته ايندڙ ڏکئي وقت لاءِ خبردار ٿيو ۽ ان لاءِ هينئر کان سوچيو. گهڻو دونهون برپا نه ڪريو، گهڻي کان گهڻا وڻ پوکيو، جيڪي ماحول جي ڪاربان گئس ختم ڪن ٿا، پر اسان وتون وڻ ڪٽيندا.
هن پاسي جي اهم شيءِ هتي جا سمنڊ اندر ننڍا ننڍا جبل آهن، جن تي اونهاري ۾ آفريڪا ۽ ڏکڻ يورپ کان هزارين پکي اچي آنا لاهي ڦوٽاڙو ڪن ٿا. هڪ اهڙي جبل وٽ نيريم ٻيڙيءَ ۾ وٺي هليو. لکن جي تعداد ۾ پکي جبل جي تري کان وٺي چوٽيءَ تائين جبل کي چهٽيا پيا هئا. هڪ ته وِٺيون پئي لاٿائون ۽ ٻيو چرچر (رڙيون) پئي ڪيائون. يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن جا ٽوئرسٽ هي نظارو ڏسڻ لاءِ آيا هئا.
نيريم چيو، ”هنن Migratory پکين کي اسان مهمان سمجهي عزت ڪندا آهيون. هو اسان وٽ ڪجهه مهينن لاءِ اچن ٿا، کين پڄندي آهر ان ڪڻا ڏيندا آهيون.“ پوءِ سگريٽ جو ڪش هڻي پڇيائين، ”توهان وٽ ٻئي ملڪ جا پکي اچن؟“
”ها، سياري ۾ روس ۽ وچ ايشيا کان ڪونجون، آڙيون، بدڪون، تلور اينديون آهن“ مون ٻڌايو مانس ۽ پوءِ دل ۾ چيو ”اسين کين ان ڪڻا ڏيڻ بدران پڄندي آهر ڇريون تکيون ڪري ڪهي کائي ڇڏيندا آهيون يا وڏن عملدارن ۽ عربن کي دعوت ڏئي سندن شڪار ڪرائيندا آهيون.”