مسلمانن لاءِ مانيءَ جو مسئلو
”جهاز جي نئين مالڪ جهاز جو نه فقط نالو بدلايو آهي، پر ان کي صحيح رنگ ڏيڻ خاطر ميوزڪ جو سامان به مهيا ڪيو آهي.“
”نه نه.“ ڪپئٽن وراڻيو،”هي بئنڊ باجا اسان ڦوڙي ڪري ورتا آهن، جيئن وندر ۾ ڳائڻ وڄائڻ لڳو رهي.“
”توهان خوش نصيب آهيو جو ميوزڪ ۽ ڳائڻ جا ڄاڻو توهان جي جهاز تي آهن“، مون چيومانس.
”ڪنهن هڪ يا ٻن جي ڳالهه ٿا ڪريو. هتي اسين سڀ ميوزيشن آهيون. آئون ڊرم به وڄائي سگهان ٿو ته ڳائي به سگهان ٿو.“ ڪئپٽن جواب ڏنو.
جهاز جي ڪئپٽن اسان کي لنچ کائڻ لاءِ زور ڀريو.
”ڇا خيال آهي کائجي يا نه؟ “ جپاني سرويئر مسٽر تڪانو مون کان صلاح ورتي.
”بلڪل کائجي. هڪ ٿي رهيو آهي، هتان خبر نه آهي ڪيڏي مهل واندا ٿيون جو شهر ۾ هلي کائون. مون کي ڏاڍي بک لڳي اٿئي.“ مون وراڻيومانس.
”اوڪي ڪئپٽن لنچ کائي پوءِ باقي جهاز جي مشينريءَ جي چڪاس ٿا ڪريون.“
دنيا جي سڀني جهاز تي لنچ جو ٽائيم ٻارهين کان هڪ وڳي تائين ساڳيو هوندو آهي. جهاز جا آفيسر توڙي خلاصي کائي چڪا هئا، سواءِ ڪنهن هڪ ٻن جي اسان کي کارائڻ لاءِ هڪ اسٽيورڊ انتظار ۾ بيٺو هو. هن جلدي جلدي سوپ اسان اڳيان رکيو.
سوپ سائي رنگ جي دال(شايد مڱن جي دال هجي) ۽ ڀاڄيءَ جو هو. بک هئيسين. ٻاهر سخت سيءَ ۾ هليا هئاسين. سو گرم گرم سوڀ سڀني کي وڻيو. جپاني سرويئر تعريف ڪئي ۽ ڪپپٽن ٻيو دفعو کڻڻ لاءِ چيو مون چمچي ۾ هٿ وڌو. ”ضرور کائڻ کپي“ جپاني سرويئر مون کي آهستي چيو. ان وقت ڪئپٽن جهاز جي ڪئڊٽ کي ڪجهه جهاز جي سلسلي ۾ سمجهائي رهيو هو. سو جپاني سرويئر کي چيم:
”تون کائين يا نه کائين آئون ان سان ئي پيٽ ڀريان جو ان کانپوءِ خاص ڊش خبر نه آهي ڇا جو هجي.“
”وڪاريماستا (مون سمجهيو).“ هن کلي جپانيءَ ۾ وراڻيو. هن کي خبر هئي ته مسلمان ڪجهه شيون نٿا کائين ۽ تازو گذريل ڏينهن ٻي جپاني سرويئر ناڪاشيءَ اسان کي راٽرڊم جي چيني هوٽل ۾ لنچ لاءِ وٺي هليو هو. فڪسڊ مينو هو، سوپ ۽ مين ڊش ته پورڪ يعني سوئر جو هو پر ڀاڄيءَ ۾ به ان جا ٽڪرا مليل هئا. ظاهر آهي آئون جهڙو هليو هوس اهڙو ئي موٽيس. فقط ڪوڪا ڪولا نصيب ٿي. پوءِ ناڪاشيءَ کي افسوس ٿيو جو خاص مون لاءِ هن لنچ جي دعوت ڪئي ۽ مون نه کاڌي ۽ بنا کائڻ جي آفيس آياسين ۽ مئڪڊونالڊ تان مڇيءَ جا سئنڊوچ ۽ منهنجي پسنديده شيءِ آئسڪريم گهرائي ڏني هئائين. سو ان بعد تڪانو کي به خبر پئي ته مسلمان اهڙين دعوتن ۾ميزبان لاءِ مٿي جو سور بنبا آهن ۽ سڄو ڏينهن بک مرندا آهن.
سوپ جو ڊش ۽ پليٽون کڻي وڃڻ بعد اسٽيورڊ چانورن جو پيالو کڻي آيو ۽ ان سان گڏ اهم ڊش ڪٽليٽن ۽ ٻوڙ جو هو.کانئس آهستي پڇا ڪيم ته ڇا آهي. خاص ڪري ڪٽليٽ مڇيءَ جا لڳي رهيا هئا.
”ٻئي پورڪ آهن.“ اسٽيورڊ وراڻيو ۽ جپاني سرويئر تڪانو به ٻڌي ورتو.
”ويري ساري!“ جپاني سرويئر مون ڏي منهن ڪري چيو،“ توکي ئي گهڻي بک لڳي هئي ۽ تنهنجو نصيب سٺو نه نڪتو.“
”مڙيئي خير آهي. آئون رُکو ڀت سلاد سان کائيندس.“ مون چيو مانس ۽ اسان جي سُس پُس تي ڪئپٽن پڇيو ته ڪهڙو معاملو آهي. هاڻ جي کيس نٿا ٻڌايون ته سمجهندو ته اسانخبر ناهي ڇو پيا کِلون ۽ جي ٻڌايونس ٿا ته هن لاءِ پريشاني ٿيندي. بهرحال تڪانو کيس ٻڌايو ۽ هن يڪدم اسٽيورڊ کي سڏي تگالوگ(فلپيني زبان) ۾ ڪجهه چيو ۽ آئون سمجهي ويس ته هن کي مون لاءِ ڪا ٻي شيءِ آڻڻ لاءِ چئي رهيو آهي. مون کيس انگريزيءَ ۾ ٻيو ڪجهه آڻڻ کان جهليو پر هو نه مڙيو. ٿوري دير بعد اسٽيورڊ هٿين خالي موٽي هن کي ”درد ڀري ڪهاڻي“ واري انداز ۾ ٻڌائڻ لڳو ۽ آئون سمجهي ويس ته وقت هڪ کان مٿي ٿي ويو آهي. چيف ڪڪ هليو ويو هوندو ۽ مڇي گوشت يا ڀاڄي گهٽ ۾ گهٽ ٻارهن ڪلاڪ اڳواٽ جهاز جي ڪولڊ اسٽور مان ڪڍڻي پوندي آهي. جيڪو ڪم هن وقت ناممڪن آهي. مون ڪئپٽن کي مون بابت سوچڻ ۽ پريشان ٿيڻ لاءِ ۽ ساڳي وقت چيف ڪڪ کي تڪليف ڏيڻ کان جهليو.
”چڱو ڀلا تون هڪ بدران منهنجي حصي جو صوف به کائجانءِ“.ڪئپٽن چيو.
”اهو به صحيح آهي.“ مون وراڻيو مانس.
۽ پوءِ لمحو ٻه ترسي ڪئپٽن پڇيو:”اسان ته پنهنجي قومي ٻولي”تگالوگ“ ۾ ڳالهائي رهيا هئاسين توکي ڪيئن خبر پئي ته، نه بورچي آهي نه بورچيخاني ۾ ٻي ڪا ڀاڄي يا گوشت؟“
”منهنجي پڻ عمر جهازن تي گذري آهي ۽ بندرگاهه ۾ هرڪو ڊيوٽي ڪري ٻاهر وڃڻ چاهي ٿو. سو هڪ ته ڪُڪ(بورچي) ٻارهين بجي کاڌو تيار ڪري اسٽيورڊن حوالي ڪري هليو ويو هوندو ۽ ٻيو ته جيڪو ڪجهه رڌڻو آهي اهو ڪولڊ اسٽور مان هڪ ڏينهن اڳ ڪڍيو وڃي ٿو. هن وقت اهو ٿڌو ڪمرو کولي ڪجهه ڪڍڻ ۽ ان کي رڌڻ بيحد اڻانگو ڪم آهي.“