”پورب ڄائي“ ڪتاب سئيڊش زبان ۾
پرائمري اسڪول جي ماستر صاحب جي ميز جيڏي ٽيبل تي هر ڪو پنهنجو آندل سامان Display ڪندو آهي، جنهن ۾ پنهنجا ۽ مائٽن مٽن جا نوان پراڻا ڪپڙا، جوتا، ڪوڙن سچن ڳهه ڳٺن کان وٺي خالي دٻا دٻيون، رانديڪا ويندي گهڙيال، ريڊيا ۽ پرس پينون رکيون وينديون آهن، هيءَ مارڪيٽ صبح جو نائين کان ٻي بجي تائين لڳي.
هڪ ڏينهن ان مارڪيٽ جو چڪرڏيندي هڪ عورت کي ڪتاب وڪڻندي ڏٺم. مٿان ئي مٿان رکيل ڪتاب تي محترمه بينظير ڀٽو جي تصوير هئي. پڪ سمجهيم ته هي سندس لکيل ڪتاب Daughter of the East هوندو، پر نالو پڙهيم ته وڏن اکرن ۾ لکيل هو: (Ostems Dotter).
”ڪهڙي زبان ٿي سگهي ٿي؟“ مون دل ئي دل ۾ سوچيو. هن ملڪ فنلئنڊ جي فنش زبان آهي يا ڀر واري ملڪ ايسٽونيا يا ناروي سئيڊن پولنڊ جي؟
ڇو جو ”وسٽيمس ڊوٽر“ انگريزيءَ جا لفظ ته ٿي نٿا سگهن.
ڇا هيءَ توهان جي فنش زبان آهي؟” مون وڪڻڻ واري فنلئنڊ جي عورت کان پڇيو.
”نه. سئينڊش زبان ۾ آهي.“ هن وراڻيو.
ڪتاب کي اٿلائي پٿلائي ڏٺم، منجهس اهي ئي ساڳيون تصويرون نظر آيون جيڪي انگلينڊ مان ڇپيل انگريزي ڪتاب ۾ آهن. سئيڊن لاءِ مشهور آهي ته اتي هر شيءِ جهاز موٽرڪار کان باٿ روم جي نلڪي ۽ رڌڻي جي چلهه تائين هر شيءِ مضبوط، سهڻي ۽ پائيدار ٺاهي وڃي ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته قيمت ضرور گهڻي هوندي آهي ۽ هينئر هن ڪتاب کي جيڪو سئيڊش زبان ۾ سئيڊن ۾ ڇپيل هو، پني، ڇپائي، ٽائيٽل ڪور ۽ بائيڊنگ جي لحاظ کان غور سان ڏسڻ لڳس ته واقعي هر خيال کان اصل انگريزي ڪتاب کان اعليٰ هو، سئيڊش زبان مون کي نه اچي پر مون ان ڪتاب کي خريد ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو.
”هن ڪتاب جو گهڻو وٺندينءِ.“ مون دڪاندار عورت کان اگهه پڇيو ۽ دل ئي دل ۾ سوچيو ته گهٽ قيمت ٻڌائي جو هي ڪتاب پڙهڻ لاءِ نه پر هڪ قسم جي سوکڙي (Souvenior) طور وٺي رهيو آهيان.
فنش عورت ڪتاب جو پهريون ورق اٿلائي مٿين ڪنڊ تي هٿ سان لکيل قيمت ڏي اشارو ڪري چيو؛ ”ٽيهه مارڪا!“
مون اصل قيمت لاءِ هيٺ ڏٺو جيڪا ان کان پنجوڻي هئي، يعني انگريزي واري ڪتاب کان به گهڻي هئي، ان حسان سان ٽيهه مارڪا گهٽ قيمت ٿي پر تڏهن به ههڙين مارڪيٽن ۾ جتي ٽائيم پيس يا ٽرانسسٽر ريڊيو جهڙي شيءِ به ڏهه پندرهن مارڪي مليو وڃي اتي هڪ ڪتاب جي قيمت ٽيهه مارڪا- يعني ڏيڍ سئو روپيا تمام گهڻي هئي. اها ٻي ڳالهه هئي ته ان ڪتاب مون لاءِ اهميت رکي ٿي، نه ته باقي ڍير ڪتابن مان ڪو ٻي مارڪي به نه وٺانس.
”ڳالهه ٻڌ“ مون چيومانس،“ ڪجهه گهٽ ڪر، مون کي ته سئيڊش پڙهڻ به نٿي اچي.“
”خبر اٿئي هن جي اصل قيمت ڪيتري آهي؟“ هن مون کان پڇيو.
مون اصل قيمت ڏي اشارو ڪري ٻڌايومانس ته سمجهان ٿو ته اها تمام گهڻي آهي.“
پر مون کي ان کان به مهانگو پيو“ هن ٻڌايو، ”مون کي هن ڪتاب پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هو. هيلسنڪيءَ جو هڪ هڪ دڪان پڇايم پر نه مليو. پوءِ ٽپال رستي اسٽاڪهوم (سيئڊن) مان گهرايم ۽ توکي ته خبر آهي ته هيڏانهن ٽپال خرچ ڪيڏو ڳرو آهي.“
۽ پوءِ ٿوري دير ترسي چيائين: ”توهان چيو ته توهان کي سئيڊن جي زبان (سئيڊش) نٿي اچي؟“
”بلڪل صحيح چيم.“
”اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو، جو سئيڊن ۾ رهڻ جي باوجود توکي اتي جي زبان نٿي اچي؟“ هن سوال ڪيو.
”منهنجو جنهن اداري سان واسطو آهي اتي سڀ انگريزي ڳالهائين ٿا.“ مون جواب ڏنومانس ۽ هوءَ ڪافي حد تائين مطمئن ٿي وئي. هونءَ به هنن مارڪيٽن ۾ بي شرم ٿي اگهه ائين گهٽ ڪرائبو آهي، جيئن منيلا، بئنڪاڪ، سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ جي ڪپڙي مارڪيٽن ۾. منجهند جو ٻارهين کان پوءِ ته هونءَ به باقي بچيل سامان جا اگهه ڪري پوندا آهن جو ٻي بجي هر هڪ کي پنهنجو سامان هڙ ۾ ويڙهي کڻڻو پوندو آهي جو ميونسپالٽي وارا جيڪي هر ٽيبل لاءِ سئو مارڪا ٽئڪس طور وٺندا آهن، اهي اچي سڀئي ٽيبلون ٽرڪ ۾ چاڙهي ميدان جي صفائي ڪندا آهن، جيئن شام جي وقت ٻار ان ميدان تي کيڏي سگهن.
ڪتاب جو اگهه گهٽ ڪرڻ کان اڳ هن جي دماغ ۾ اوچتو ٻيو سوال پيدا ٿيو.
”توکي جڏهن سئيڊش زبان نٿي اچي ته پوءِ ڇو ٿو وٺين؟“ هن پڇيو.
ڳالهه ته هن واهه جي ڪئي. ان بابت ته مون به نه سوچيو هو ته وٺان ڇو پيو؟ بس اهو ڪتاب خريد ڪرڻ چاهيم ٿي ۽ هاڻ جڏهن هن ان جو سبب پڇيو ته آئون به دل ئي دل ۾ چڱيءَ طرح سوچڻ لڳس ته ڇو وٺي رهيو آهيان.“ اهو ساڳيو ڪتاب جي ڪراچي، لاهور، اسلامآباد يا ويندي بمبئي، بئنڪاڪ يا منيلا، مانچسٽر جي ڪنهن دڪان تي رکيل هجي ها ته ڪا اهم ڳالهه نه لڳي ها، ڇو جو اتي پاڪستاني يا پاڪستان سان واسطو رکندڙ ڪيترائي آهن. يا انهن ملڪن جو انگريزي يا انگريزنسان واسطو هجڻ ڪري انگلينڊ ۽ ڪامن ويلٿ جي ملڪن ۽ ماڻهن کي سڃاڻن ٿا. پر هتي دنيا جي هن اتراهين ۽ ڏورانهين هنڌ (هيلسنڪي) ۾ ان ڪتاب کي ڏسي تعجب لڳو، جيڪو ڪتاب اسان جهڙي ملڪ جي ڪنهن ماڻهوءَ لکيو آهي، پوءِ اهو لکندڙ مرد توڙي عورت کڻي ملڪ جي پرائيم منسٽر هجي يا ٿر جي ڪنهن Remote ڳوٺ جي گهرو عورت- مون لاءِ وڏي اهميت رکي ٿي.“
”توهان هي ڪتاب ڇو وٺڻ چاهيو ٿا“ مون کي ماٺ ۾ ڏسي دڪاندار عورت وري پڇيو.
”اهو ڪتاب سئيڊن وڃي پنهنجي باس يا ڪنهن خاص دوست کي تحفي طور ڏيندس ته هن ڪتاب جي ليکڪا اسان جي ملڪ جي آهي.“
”واقعي؟“ هن تعجب مان پڇيو.
”توکي خبر ناهي ته هيءَ پاڪستان جي ليکڪا آهي، بلڪ پرائيم منسٽر آهي...“ هونءِ ته سئيڊن ۽ فنلئنڊ جا ماڻهو ننڍي هوندي ئي ڍڳ ڪتابن جا پڙهي ۽ ريڊيو ٽي ويءَ تان معلوماتي پروگرام ڏسي ننڍن وڏين ڳالهين جا ڄاڻو ٿي ويندا آهن، پرهن موڳيءَ کي مون سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي. پر منهنجو اهو خيال غلط نڪتو جو هن منهنجي ڳالهه يڪدم اڌ ۾ ڪٽي سختيءَ سان چيو:
I Know that, but I did not know that you are also from the same country..
(مون کي اها ته خبر آهي، پر مون کي اها ڄاڻ نه هئي ته تون به ان ئي ملڪ جو آهين)
۽ هاڻ آئون دل ئي دل ۾ خوش ٿي، ڏند ڪڍي داد وصول ڪرڻ لڳس ۽ حسابن ۾ اُن ڪچي ٻار وانگر خوش ٿيڻ لڳس جيڪو وڏي مٿاڪٽ بعد آلجبرا جي جدول مڪمل ڪرڻ تي Hence the equation is complete لکي گد گد ٿيندو آهي.
” ۽ پوءِ ....؟“ مون ٻٽون ڪڍي هاڻ گهٽ قميت- گهٽ ۾ گهٽ اڌ قيمت جو انگ هن هيلسنڪيءَ جي نوجوان گلابي ڳلن واري عورت کان ٻڌڻ چاهيو ٿي، پر منهنجي سڄي ڪهاڻي ٻڌڻ بعد هوءَ جيمس بانڊ جي فلمن جي ولين وانگر ٿي پيئي.
”So that is the thing چئبو ته اها ڳالهه آهي.“ هن مرڪندي چيو. هن جي مرڪ راز جي فاش ٿيڻ ۽ پنهنجي سوڀ تي خوش ٿيڻ واري هئي.
”هاڻ ته آئون هڪ مارڪه به قيمت گهٽ نه ڪنديس، جو مون کي خبر آهي ته تون هي ڪتاب ضرور وٺي پنهنجي سئيڊس پروفيسر تي لئه رکندين.“ هن جهرڪي کاڌل ٻليءَ جهڙي شڪل ٺاهي چيو.
مون سندس پڪي عزم ۽ پنهنجي پرس جو جائزو لڳائي کيس سندس گهربل رقم ڏني ۽ سوچيم ته مالمو (سئيڊن) پهچي ڪتاب پنهنجي يونيورسٽيءَ جي ريڪٽر (وائيس چانسلر) کي تحفي طور ڏيندس ۽ هڪ عدد ڏوراپي جو خط پنهنجي دادوءَ جي دوست ظهير بابر قريشي کي لکندس جيڪو هتان تعليم حاصل ڪرڻ بعد ويندي وقت فنلئنڊ جي ماڻهن لاءِ ٻڌائي ويو هو ته فنلئنڊ جا مرد سو ضرور نپٽ چنڊا آهن پر عورتون ڪلفيون ۽ ڪون آهن، يعني تمام نرم دل آهن پر شايد جنهن نڀاڳيءَ سان منهنجو واسطو پيو سان ڪلفي ۽ ڪون جهڙي نرم دل ته نه نڪتي پر اتر قطب جي برف جهڙي سخت ۽ پڪي نڪتي جيڪا هزارين سال گذرڻ بعد ڳرڻ جو نالو نٿي وٺي.