راٽرڊم (هالنڊ) پهچڻ
دنيا ۾ يارهن کن اهم ۽ ناليواريون ڪلاسيفڪيشن سوسائٽيون آهن، جن مان هڪ انگلينڊ جي (LLOYD)، هڪ آمريڪا جي (ABS)، هڪ جپان جي NKK، هڪ جرمنيءَ جيGLSE ۽ هڪ اٽليءَ جي RIN، چين، پولينڊ وغيره جي آهي، انهن جون راٽرڊم ۾ وڏيون برانچ آفيسون آهن. انهن مان هر هڪ سوسائٽي سئيڊن جي ورلڊ ميريٽائيم يونيورسٽيءَ ۾ تعليم حاصل ڪندڙ اسان جهازرانن مان هڪ يا ٻن کي دعوت ڏئي راٽرڊم ۾ گهرايو آهي. راٽرڊم ۾ رهائش دوران هوٽل ۽ کاڌي پيتي جو خرچ هنن جي ذمي آهي، جتان صبح جي وقت اسان پنهنجي پنهنجي آفيس ۾ وڃون ٿا. ڪم جي نوعيت مطابق اسان انهن آفيس وارن سان گڏ مختلف جهازن، بندرگاهن ۽ شپ يارڊن ۾ وڃڻو پوي ٿو. شام جو هوٽل ۾ گهڻو ڪري يمن جي محمد مبارڪ جي ڪمري ۾ گڏ ٿي ڪچهري ڪندا آهيون ۽ ڪلاڪ ڏيڍ لاءِ ٻاهر نڪري شهر جي ڪنهن ڪنڊ پاسي جو سير پڻ ڪريون ٿا. مبارڪ ڏکڻ يمن جي شهر عدن جو رهاڪو آهي ۽ عدن جي ئي بندرگاهه ۾ آفيسر آهي. پاڻ سول (يا شايد مڪينيڪل) انجنيئرنگ ۾ عدن مان ئي ڊگري حاصل ڪئي اٿس. هينئر اسان سان گڏ مئريٽائيم ائڊمنسٽريشن ۾ ايم ايس سي ڪري رهيو آهي. انگريزن جي ڏينهن ۾ عدن ننڍي کنڊ سان ائين گڏيل هو، جيئن سنگاپور هندستان سان هو. سنگاپور ۾ هندستان جي ڏکڻ ۽ اوڀر ڪناري جي ماڻهن جو گهڻو واسطو رهيو ٿي، جن جي زبان مليالم، تامل ۽ بنگالي وغيره هئي ۽ هيڏانهن عدن پاسي هندستان جي انهن رهاڪن جي گهڻي اچ وڃ هئي، جيڪي اولهه ڪناري تي رهيا ٿي- يعني گجراتي، مراٺي، ملباري، ڪوڪني وغيره. مبارڪ جي ڏاڏي يا ڏاڏو هندستان جي ڪنهن شهر جو هو يا ڏاڏو يمن جو عرب ئي هجي، پوءِ هندستان ۾ ڌنڌي ڌاڙي لاءِ اچي رهيو هجي. اهڙي طرح سندس سهرو پڻ جيڪو يا ته هندستاني هو ۽ يمن جي عربياڻي سان شادي ڪيائين يا عرب هو ڪنهن هندستاني عورت سان شادي ڪيائين، ان لاءِ مبارڪ هر وقت چوندو رهندو آهي:
”منهنجي ڏاڏي کي تنهنجي زبان ايندي هئي ۽ منهنجي زال به ڪجهه ڪجهه سمجهي ٿي.“
۽ پوءِ هو ڪجهه لفظ اڪثر مون کي ٻڌائيندو آهي، جيڪي پنهنجي سمجهه کان ٻاهر هوندا آهن.
”ڏس مبارڪ“، هڪ ڏينهن مون ٻڌايومانس، ”هندوستان ۽ پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي زبانون ڳالهايون وڃن ٿيون. مون کي سنڌي، هندي، اردو ۽ ٿوري ٿوري پنجابي اچي ٿي پر اهي لفظ، جيڪي تون ٻڌائين ٿو ڏکڻ هندستان جي ڪنهن ٻي ٻوليءَ جا آهن.“
ٿي سگهي ٿو اهي لفظ تامل، تيلگو يا مليالم زبان جا هجن، جو مبارڪ ٻڌايو ته هن کي ننڍپڻ جا ڏينهن چٽي طرح ياد آهن، جڏهن کيس سندس پيءُ موڪلن ۾ مهيني کن لاءِ ڏکڻ هندستان جي شهر مدراس ۾ وٺي ويو هو ۽ مدراس پاسي تامل زبان ئي ڳالهائي وڃي ٿي. مدراس ۾ مبارڪ سندس پيءُ جي دوست جي فلئٽ ۾ رهيو هو، مبارڪ چرچن ڀوڳن، دوستي ياري ۽ جهيڙي جهٽي ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي.
آئون ننڍي هوندي به ڏاڍو ڏنگو هئس. ماءُ پيءُ ۽ ماستر جون ڏاڍيون مارون کائيندو هوس.“ مبارڪ چيو.
مبارڪ هڪ ڏينهن پڇيو ته بٽر (Battar) ڇا آهي. سمجهه ۾ نه آيو.
آخر رستي تان ڀتر کڻي پڇيائين ته هي ڇا آهي. پوءِ آئون سمجهي ويس ته هن جو مطلب ”پٿر“ سان آهي، پر عرب ٿي ڪري هن کان پي پلو اچاريو نٿو ٿئي. مبارڪ ”پ“ بدران هميشه ”ب“ استعمال ڪري ٿو. (پاڪستان کي باڪستان، Problem of port Pollutionبدران ”برابلم آف بورت بالوشن“ چوندو آهي. ان ڪري نئين ماڻهو کي سندس ڳالهه يڪدم سمجهه ۾ اصل نه ايندي آهي.)
”اهو لفظ پٿر ڪٿان ٻڌئي؟“ مون پڇيومانس.
”جڏهن آئون بابا امان سان گڏ ننڍي هوندي هندستان ويو هئس، تڏهن اتي جي گهٽي جي ڇوڪرن کان ٻڌو هوم. ان وقت آئون ستن اٺن سالن جو هئس، پر ڏاڍو ڏنگو هئس. هندستاني زبان نه ايندي هئي ته به گهٽي جي ٻارن سان وڙهندو هئس ۽ ڪيتريون ئي گاريون سکيو هئس. انهن مان هڪ مادر.... اڃا ياد اٿم.“
مبارڪ ٻڌايو ته مدراس ۾ هو پيءُ سان گڏ جنهن فلئٽ ۾ مهيني کن لاءِ وڃي رهيو هو. اهو ٽي ماڙ تي هو.
”آئون ڇا ڪندو هئس جو روز گهٽي مان ڀتر ميڙي مٿي کڻي ايندو هئس. پوءِ جڏهن بابا ٻاهر ويندو هو ته بالڪني ۾ بيهي گهٽي مان لنگهندڙ ٻارن کي هڻندو هئس. ڪو مٿي مون ڏي ڏسندو هو ته يڪدم چوندو هوسانس:”مادر...“ مون سمجهيو مون کي ڪير ڪونه ٿو ڏسي يا سڃاڻي، پر سامهون پان جي پيڊي واري دڪاندار ڏسي ورتو، تنهن شام جو بابا جي موٽڻ تي هن کي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي. بابا ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي گهر ۾ گهڙيو. ”ڪٿي آهي محمد مبارڪ؟“ هن پڇيو ۽ آئون خطري کي محسوس ڪري دت هڻي سمهي رهيس. پوءِ امان کي پئي ٻڌائين ته مبارڪ جون هي حرڪتون آهن. امان کي اعتبار ئي نه اچي، هوءَ منهنجو پاسو کڻي کيس اهوئي سمجهائيندي رهي ته ٻچڙو غريب آهي. سڄو ڏينهن گهر ۾ ويٺو آهي. هو ڪيئن هن ملڪ جي زبان جون گاريون ڏئي سگهندو، جنهن جي الف بي کان به واقف ناهي. پر بابا ڪا دير امان کي چوندو رهيو: هيٺ پان وارو منهنجو دوست ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهائيندو، سڄو پاڙو اسان تي بگڙيو ويٺو آهي. چون ٿا ته اهو ڇوڪرو رڳو نڪري ته ڪٽڪا وجهونس. آئون خطرو سمجهي ماٺ ٿي ويس ۽ ٽن ڏينهن تائين نه پيءُ جي منهن تي پڙهيس نه گهٽي ۾ نڪتس.
ٽيونيشيا جي غياض سندس ڳالهه ٻڌي اسان کي چيو: ”مبارڪ ننڍي هوندي کان ماڻهو گهٽ هو.“
جواب ۾ مبارڪ فقط کلندو رهيو.