ڪا به عورت خوشيءَ سان رنڊي نه ٿي ٿئي
پندرهن ويهه سال اڳ تائين هي يورپي بندرگاهه اگهاڙپ، اگهاڙن ناچن، اگهاڙين فلمن، چڪلن کان مشهور هئا، جن ۾ مڪاني ڊچ، جرمن، پولش، ڊئنش ڇوڪريون پنهنجي جسم جي نمائش يا سودي بازي ڪنديون هيون. هاڻ يورپ جي ايڪانامي اها خراب نه رهي آهي، جيڪا ٻي وڏي لڙائيءَ کان پوءِ ڪيترائي سال رهي. هينئر به تيل يا ڌاتو، اناج يا مئن پاور ۽ ڪچو مال ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن ۾ آهي، پر جيئن ته عقل هنن وٽ آهي سو اهو سامان گهميو ڦريو هنن وٽ پهچي ٿو ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ڀڙ هجڻ ڪري هنن کي ئي فائدو رسي ٿو- ڀلي کڻي ڪافي ۽ چانهه برازيل ۽ سريلنڪا ۾ ٿيندي هجي، ڪپهه ۽ ڪڻڪ پاڪستان هندستان ۾ ٿيندي هجي، تيل ۽ مڇي عرب ملڪ ۾ جام هجي پر انهن جو اگهه مقرر ڪرڻ وارا، انهن کي خريد ڪري استعمال ڪرڻ وارا، هي يورپي آهن. اڄ به هنن يورپين جي مٿڀرائي آهي ۽ اسان وٽان نڪتل شين مان به هي ئي سُکيا ۽ شاهوڪار ٿي رهيا آهن. يورپ ڏي ايندي وقت جهازي دوستن ٻڌايو هو ته هاڻ اهو ڦيرو آيو آهي جو گس ويندي به ڪا يورپي ڇوڪري نٿي ڳالهائي. مجبوري ۽ غربت انسان کي چور ۽ رنڊي بنائي ٿي. اڄ يورپ جو غريب به سکيو ستابو آهي. بندرگاهن واريون گهٽيون جيڪي يورپي عورتن جي چڪلن ۽ ناچ گهرن سان ڀريل هونديون هيون، انهن ۾ هاڻ آفيسون ۽ دڪان ٿيندا وڃن ۽ جيڪي ڪجهه چڪلا ۽ ناچ گهر ايڪڙ ٻيڪڙ وڃي بچيا آهن، انهن ۾ ورلي ڪا يورپي عورت جسم جي نمائش يا سودو ڪري ٿي.
مون نائيٽ ڪلبن جي ٻاهران لڳل اڌ اگهاڙين نچندڙ عورتن جا فوٽو غور سان ڏٺا، منجهن ڪابه يورپي عورت نظر نه آئي. ٿائي، فلپينو، چيني ۽ آفريڪن ملڪن جون هيون. يورپي توڙي ايشين آفريڪن-ڪابه عورت خوشيءَ سان رنڊي نٿي ٿئڻ چاهي.”کيس ۽ سندس ٻچن جي سار سنڀال لاءِ سندس مڙس، سندس معاشرو، سندس ملڪ عزت جا ٻه ويلا مهيا ڪري ته هوءَ ڪڏهن به جسم جو سودو نه ڪري.“ -هڪ ٿائي عورت جو بيان ڪجهه ڏينهن اڳ انگلينڊ جي ڪنهن اخبار ۾ آيو هو ۽ اهڙا دل جا غمگين داستان خطن جي روپ ۾ ڪيترن ئي اخبارن ۾ ڇپجندا رهن ٿا. يورپ ۽ جپان جهڙن ملڪن جي خوشحاليءَ مان فيض حاصل ڪرڻ لاءِ اسان جا ڪيترا ماڻهو انهن ملڪن ڏي نوڪريءَ لاءِ رخ رکن ٿا. اجازت نه ملڻ تي هو غيرقانوني طور به اتي پهچن ٿا. جيتوڻيڪ پوليس سندن ڪڍ لڳي رهي ٿي، پر ان هوندي به هو پيٽ پوڄا ڪرڻ لاءِ نوڪري جي ڳولا ۾ رهن ٿا. پوءِ مڪاني ڪارخانيدار، دڪاندار، هوٽل شراب گهرن وارا سندن مجبوريءَ جو فائدو وٺي کين پنهنجن مقصدن لاءِ نيچ پورهين لاءِ گهٽ پگهار تي استعمال ڪن ٿا.
ٽيونيشيا جي هڪ عورت جو اخبار ۾ بيان آيو هو ته هوءَ پنهنجي ملڪ ۾ نرس هئي.” پوءِ ٻاهر نوڪري ڏياريندڙ ايجنسيءَ جي لالچ ۾ آئون پنهنجي ملڪ جي ان نوڪريءَ تان استعيفيٰ ڏئي، پاڇي ڪيل پئسو پونجي ايجنٽ کي في ۽ ٽڪيٽ طور ڏئي جڏهن فرانس پهتيس ته خبر پئي ته مون کي اتي جي اسپتال ۾ سٺي پگهار تي نرس ٿي ڪم ڪرڻ بدران شراب خاني ۾ روزانو گراهڪن کي خوش ڪرڻو آهي. مون گهڻو ئي احتجاجڪيو، پر مالڪ مون کي چٺ ۽ لٺ ڏيکاري مڃرائڻ لڳو. ڀڄي وڃڻ جي به راهه نه هئي، جو مون کي غيرقانوني طور آندو ويو هو ۽ پاسپورٽ پهرين ڏينهن کان مالڪ پاڻ وٽ سوگهو ڪري ڇڏيو هو. پوليس ۾ دانهن کڻي وڃڻ تي پوليس پنهنجي ملڪ جي ماڻهوءَ جو پاسو کڻي غيرقانوني آيل کي جيل روانو ڪري ٿي ۽ ان بعد هٿين خالي ملڪ پهچڻ جو الڳ خوف. ان هوندي به هڪ ٻه دفعو ڀڄي نڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ تي مون کي سخت ماريو ويو،اگهاڙا فوٽو ڪڍيا ويا ۽ ان بعد زوريءَ نشي جو عادي بڻايو ويو. هاڻ ان نشي ۾ اهڙي سوگهي ٿي وئي آهيان جو منهنجو ڏينهن رات فقط اهو مقصد رهيو آهي ته هر طرح سان نشو حاصل ڪريان،پوءِ ڀلي ان لاءِ مون کي ڇا به ڪرڻو پوي.“
ان قسم جا ڏکوئيندڙ مجبورين سان ڀريل عورتن جي ڪهاڻين سان ملائيشيا، سنگاپور، ٿائيلينڊ، فلپين جي اخبارن کان وٺي يورپ ۽ آمريڪا جا مشهور ٽائيم، نيوز ويڪ، ايشيا ويڪ رسالا ڀريا پيا آهن. هي اگهاڙين عورتن جي تصويرن ۾ نڄاڻ ڪيتريون ان قسم جون بدنصيب آهن، جيڪي پنهنجو وطن ڇڏي هن ڏورانهين ڏيهه ۾ ظلم جي قيد ۾ اچي ڦاٿيون آهن. مون هڪ دفعو وري تصويرن کي غور سان ڏٺو. سندن چپن تي مرڪ ضرور آهي، پر اکيون چغلي هڻي رهيون آهن- اهي غمن جا داستان ٻڌائي رهيون آهن. صبح سان جڏهن هتان لنگهندو آهيان ۽ تصويرن تي يا انهن زنده عورتن جي ڪمزور ۽ نٻل جسم ۽ غمگين چهرن تي نظر پوندي اٿم ته ائين لڳندو آهي ڄڻ اسان جا ملڪ اڃا به يورپ جون ڪالونيون آهن، فرق فقط اهو آهي ته آزاديءَ کان اڳ هو ڊڄي ڪنهن Native جي هٿ چراند ڪندا هئا ۽ هاڻ کلي عام اشتهارن ذريعي هنن کي چونڊي پاڻ وٽ گهرائين ٿا يا ايشيا ۽ آفريڪا جي فائيو اسٽار هوٽلن ۾ عياشيءَ لاءِ پهچيو وڃن. پوءِ اهو ملڪ کڻي فلپين، ٿائيلينڊ هجي يا ٽيونيشيا، بنگلاديش، موراڪو هجي يا هندستان، تاجڪستان.