تون سوئر ڇو نه ٿو کائين...؟
”ڇا پيئندائو؟“ايئر هوسٽس جي پڇڻ تي منهنجي خيالن جو سلسلو ٽٽي پيو. آئون SAS جي جهاز ۾ هيلسنڪي (فنلئنڊ) کان ڪوپن هيگن (ڊئنمارڪ) وڃي رهيو هوس، جتان پوءِ هوور ڪرافٽ ذريعي مالمو (سئيڊن) وڃڻو هو جتي جي ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽيءَ سان منهنجو واسطو آهي.
تنزانيا جي مئرين انجنيئر مسٽر دوبيلو پيئڻ لاءِ ايئر هوسٽس کي ڪوڪا ڪولا چئي ۽ مون چانهه لاءِ گُهرَ ڪئي جو هوائي جهاز ۾ آئون ٿڌڪار محسوس ڪري رهيو هوس.
”ڇا چانهه نه هلندي؟“ مون دوبيلو کان پڇيو.
”ماءِ ڊيئر فرينڊ!“ دوبيلو منهنجي جوٽ تي هٿ هڻندي چيو چانهه يا ڪافي يا ڪوڪا ڪولا، ڳالهه مڙئي ساڳي آهي. منجهن ڪا به غذائي Value نه آهي. بس مڙئي ٿيا چپ آلا ڪرڻا.“
مون کلي چيومانس: ”واقعي ڳالهه صحيح ٿو ڪرين، بقول هڪ سنڌي چوڻيءَ جي ڪارو منهن ٿيو ڪرڻو، جهڙو تئي مان تهڙو دانگيءَ مان.“
۽ هاڻ دوبيلو به کلڻ لڳو. دوبيلو به انهن مان آهي، جيڪي بيئر، وسڪي يا ٻئي ڪنهن شراب کان پري ڀڄن ٿا، جيتوڻيڪ پاڻ عيسائي آهي. ان جو سبب منهنجي پڇڻ تي شروع ۾ ٻڌائي چڪو آهي ته شراب نه فقط مسلمان لاءِ خراب شيءِ آهي پر هڪ سٺي عيسائي لاءِ پڻ.
”شراب جي سٺي شيءِ هجي ها ته هنن ملڪن جا سڀ امير ماڻهو هر وقت اهو پيئندي نظر اچن ها،“دوبيلو هڪ ڏينهن ٻڌايو هو، ”هنن وٽ ته نه پئسي جي کوٽ آهي ۽ نه شراب جي. پاڻ جهڙن غريب ملڪن ۾ شراب پيئڻ هڪ کوکلي شان ۽ ڏيکاءُ جي نشاني بڻجي چڪو آهي. اسان جهڙن ترقي پذير ملڪن ۾ جيڪي ماڻهو شراب پيئن ٿا اهي دراصل احساس ڪمتريءَ جو شڪار آهن.“
”اهو ڪيئن؟“ مون پڇيو مانس
”بس. ڪيترا ماڻهو جن وٽ هتان هتان پئسو ته اچي ويو آهي پر ٻيو ڪو لڇڻ نه اٿن ته هو پاڻ کي يورپي-يعني ٻين لفظن ۾ اعليٰ سڏائڻ لاءِ شراب پيئن ٿا، ڇو ته هي يورپي، جيڪي اسان جا مائي باب سمجهيا ويندا هئا، جنهن دور ۾ اسان جي ملڪن ۾ ڪلبن ۾ ۽ جيم خانن ۾، ويهي شراب پيئندا هئا ته اسين ديسي ماڻهو ان تي ريس ڪندا هئاسين. هاڻ اسان جي ماڻهن کي ڪير ٻڌائي ته بابا اهي گورا اڄ ان شراب ۽ سگريٽ کي پنهنجو جاني دشمن سمجهن ٿا. کلي عام ته ڇا پر مئخانن ۾ شراب پيئندي به هو شرم محسوس ڪن ٿا.“
”اسان وٽ پڙهيل ڳڙهيل آفيسر به ته پيئن ٿا جن کي وڏيون ڊگريون ۽ وڏا عهدا آهن.“ مون دوبيلو کي چيو
”بلڪل. اسانجي ملڪ (تنزانيا) يا آفريڪا جي ٻين ملڪن جو به ساڳيو حال آهي،“ دوبيلو چيو، ”پر افسوس جو اهي پڙهيل ڳڙهيل به احساس ڪمتريءَ جو شڪار آهن. هو هيترو سڀ ڪجهه هوندي به پنهنجو پاڻ ۾ خال محسوس ڪن ٿا ته شايد شراب پيئڻ بنا هو وڏا ماڻهو نه سمجهيا ويندا، پوءِ هنن جو ڀلي سمورو پئسو ۽ صحت ان ۾ ڳري وڃي، پر هو شراب پيئڻ ضروري سمجهن ٿا. هنن کي هر وقت اهو احساس رهي ٿو ته ائين ۽ فقط ائين ڪرڻ سان هو ملڪ جي هٿ ٺوڪي ”هاءِ سوسائٽيءَ“ ۾ هلي سگهن ٿا ۽ عام ماڻهوءَ کي مرعوب ڪري سگهن ٿا.“
پيئڻ لاءِ ڪجهه رکي وڃڻ بعد ٻي ايئر هوسٽس ماني ڏيڻ لاءِ ڦيٿن واري لوهي ٽرالي ريڙهيندي آئي. پلاسٽڪ جي وڏي ٿالهيءَ ۾ انگور، مکڻ، پنير ذرو، سلاد، گوشت جا سنها پترا، ڌنئوري جو گلاس، ٻه کن چاڪليٽ وجهي هر هڪ مسافر اڳيان رکڻ لڳي.
هيلسنڪي جي هوٽل مان نڪرڻ وقت آئون چڱي طرح کائي نڪتو هوس جو هن پاسي جي جهازن ۾ اڪثر سوئر جو گوشت (Pork/Ham) ملي ٿو ۽ سڀني مسافرن لاءِ ساڳيو کاڌو ايئرپورٽ تان ئي کڻي نڪرن ٿا. ان ڪري جهازن وارن لاءِ ڪنهن به مسافر جو کاڌو بدلائي ٻيو ڏيڻ هڪ مشڪل ڳالهه آهي. ساڳي وقت پڪ ڪرڻ لاءِ ته آيا اهو خنزير جو گوشت آهي يا ڍڳي ٻڪري جو، خراب لڳي ٿو ۽ هينئر ته يمن جو مبارڪ گڏ هو سو ان ”پڇ پڇ“ جي پڳ هن پنهنجي مٿي تي رکي هئي. هو هينئر به وسڪيءَ جو گلاس هٿ ۾ جهلي ايئر هوسٽس کان پڇي رهيو هو ته سئنڊوچون ڪهڙي گوشت جون آهن، جيڪا ورندي ۾ ٻڌائي رهي هيس ته بئڪن جون آهن، معنيٰ سوئر جي گوشت جون آهن.
دوبيلو مبارڪ ڏي منهن ڪري پڇيو:
”My friend! Why you don’t eat pork?“
(تون سوئر جو گوشت ڇو نه ٿو کائين؟)
مبارڪ ٿورو چڙ مان وراڻيس، ”ان ڪري جو آئون مسلمان آهيان.“
دوبيلي کلندي چيس: ”اها ته مون کي به خبر آهي ته تون مسلمان آهين، پر مسلمان کي ته شراب به نه پيئڻ کپي.“
مبارڪ لاجواب ٿي ويو. ڪهڙي ورندي ڏئيس.
”دوبيلو، هي مرزا غالب وانگر اڌ مسلمان آهي.“ مون غالب واري ڳالهه جو حوالو ڏنو.ننڍي کنڊ جي مشهور مسلمان شاعر مرزا غالب کان ڪنهن ڪيس دوران ڪورٽ ۾ جڏهن قسم نامي وقت پڇيو ويو ته آيا هو مسلمان آهي يا سک يا عيسائي ته وراڻيائين.
”آئون اڌ مسلمان آهيان، شراب پيئان ٿو، پر سوئر نه ٿو کان.“