ڌارئين ناڻي مٽائڻ جو مسئلو
”هاڻ ته ٻئي اڪيلا اڪيلا بور ٿينداسين.“ مون مبارڪ کي چيو.” ان کان ته بهتر هو ته پاڻ ٻئي هڪ گروپ ۾ هجون ها.“
ڪوپن هيگن پهچي اسڪينڊينيوين ايئر سسٽم(SAS) جي دخل تان معلوم ڪيوسين، پر هنن ٻڌايو ته جنهن کي جنهن شهر ۽ اڏام جي ٽڪيٽ آهي ان کي اوڏانهن وڃڻو پوندو، جو هيءَ ٽڪيٽ نه واپس ٿي سگهي ٿي نه بدلائي سگهجي ٿي. ايتري قدر جو اسان جا ٻه ڪلاس ميٽ جيڪي پهچي نه سگهيا انهن جون ٽڪيٽون ضايع ٿيون. مبارڪ کي چيم ته هاڻ سڄو هفتو اڪيلو ٽوئر ڪرڻي پوندي.
ڪوپن هيگن کان اوسلو ڏي ويندڙ فلائيٽ ۾ اڃان ڪلاڪ هو، سو وقت گذارڻ لاءِ مبارڪ ۽ آئون ڪوپن هيگن ايئرپورٽ جا چڪر هڻڻ لڳاسين جيڪو دڪانن ۽ شاپنگ کان مشهور آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هتي دڪان ۽ سامان جو تمام وڏو تعداد وڪامي ٿو- خاص ڪري سگريٽ، عطر، شراب، چاڪليٽ، پرس، واچون ۽ ڪپڙا وغيره، پر ڇا ته سندن قيمتون آهن. ڊيوٽي فري هوندي به هر شيءِ سنگاپور، ٿائلينڊ، دبئي جي عام مارڪيٽن کان به مهانگي آهي. خبر ناهي ڪيئن اسان جا ماڻهو ولائتي عطر، جوراب، رومال، واچون، صابڻ هن ايئرپورٽ جي هنن ڊيوٽي فري دڪانن تان وٺي گد گد ٿي واپس وطن اچن ٿا. ان کان سستي اگهه ۾ شيون ته ڪراچيءَ جي موتن داس مارڪيٽ ۽ حيدرآباد جي ريشم گلي ۽ گل سينٽر ۾ ملن ٿيون.
مبارڪ کي چيم: ”تنهنجو دماغ توائي ٿي رهيو هوندو. تون بيئر چاڙهڻ جو سوچي رهيو هوندين.“
”نه.“ هن وراڻيو، ” اڪيلو پيئڻ ۾ مزو ناهي. گلبرٽ جهڙي جي ڪمپني هجي ها ته سٺو.“
۽ پوءِ ٿوري دير هيڏانهن هوڏانهن جهاتيون پائي، ٻه دفعا ٽئاليٽ جا ۽ هڪ دفعو ڪافي هائوس جو ڦيرو ڪري چيائين:
”الطاف! اتي ئي ويٺو آهين نه ؟“
”ها-ڇو ؟ پڇيومانس.
”منهنجي بئگ جو خيال رک ته آئون اچان ٿو.”مبارڪ چيو ۽ پوءِ ڏهه پندرهن منٽن بعد موٽيو ته سندس هٿن ۾ پلاسٽڪ جا ٻه وڏا ٿيلها هئا جن ۾ ٻارهن کن بيئر جا دٻا ۽ هڪ ٻه وسڪيءَ جون بوتلون هيون.
”ڇو!“، مون وائڙو ٿي پڇيومانس،”تو ته اڃا هاڻ چيو ته هن ٽوئر ۾ نه پيئندين؟“
”بس گلبرٽ ته آيو ئي ڪونه. هاڻ آئون اڪيلو هوٽل جي ڪمري ۾ ويهي ڇا ڪندس. دل وندرائڻ لاءِ ڪجهه ته هجي.“
ٿوري دير هتان هُتان جون خبرون ڪري آئون اٿيس.
”ڪيڏانهن؟“ مبارڪ پڇيو.
”ناروي پيا هلون پر مون وٽ ناروي جا پئسا ته بنهه ناهن. ناروي پهچي ايئرپورٽ تي ڪو وٺڻ نه اچي ته بس يا ٽئڪسيءَ جو ته ڀاڙو هجي. اليسنڊ جي ننڍڙي ايئرپورٽ تي ڪير پئسا مَٽي ڏيندو. تو وٽ آهن؟“ مون مبارڪ کان پڇيو.
”آئون (مالمو) سئيڊن مان ئي فوريڪس دڪان تان مٽائي نڪتس. بئنڪون سٺو اگهه نٿيون ڏين.“ مبارڪ سامهون بئنڪ ڏي شڪل بڇڙي ڪندي چيو.
”اها ڳالهه ته صحيح آهي پر هاڻ اهو ڦاهو ڦڪڻ لاءِ اٿان ٿو.“ مون چيو.
ٻٽونءَ مان پنج سئو سئيڊش ڪرونن جو نوٽ ڪڍي بئنڪ جي ڪئش تي ويٺل عورت کي پئسا مٽي ڏيڻ لاءِ چيم.
”پنج سئو سئيڊش ڪرونن جا نارويجن ڪرونا ڏي.“ ڪئشر عورت ڪئلڪيوليٽر تي حساب ڪري پنج سئو ڪرونن جي عيوض چار سئو ڪرونا ڏنا. سئيڊن ۽ ناروي جي ڪروني(روپئي) ۾ اوڻهين ويهن جو فرق ضرور آهي پر ايترو به ناهي جيترو انب ۽ آلو بخاري ۾ آهي.
”سئيڊن جي پنج سئو ڪرونن جا ٿيا. ڊئنمارڪ جا ٽي سئو نوي ڪرونا ۽ انهن ڊئنش ڪرونن جا ٿيا چار سئو ويهه ناروي جا ڪرونا.“ هن خاتون حساب ڪري ٻڌايو.
”پر تو مون کي چار سئو ڪرونا ڏنا آهن؟“ مون پڇيو.
”ويهه ڪرونا اسان جي ڪميشن ٿي. آخر ايئرپورٽ جهڙي مهانگي هنڌ تي ڏيتي ليتي ويٺا ڪريون، اسان کي به ته ڪٿان خرچ پکو ڪڍڻو آهي.“ هن واپاري لهجي ۾ ٻڌايو.
”پر سئيڊن جا پئسا سنئون سڌو ناروي جي پئسن ۾ بدلائڻ بدران پهرين ڊئنمارڪ جي پئسن ۾ ڇو بدلائي؟“ مون اعتراض ڪيو. مڃان ٿو ته مون ڪا وڏي رقم نه پئي بدلائي. ۽ جتي منهنجي اڳيان ڪيترائي ماڻهو نوٽن جو ٿهيون بدلائي پئي ويا، اتي منهنجو اڪيلو سڪيلڌو پنج سئو ڪرونن جو نوٽ ڇا حيثيت رکي ٿو! پر مون غريب لاءِ ته پنج سئو ڪرونا يعني پاڪستاني اڍائي هزار رپيا وڏي ڳالهه هئي. مرتا ڪيا نه ڪرتا وانگر سڄي ايئرپورٽ تي پئسا مٽائڻ جو اهو ئي واحد هنڌ هو ۽ پئسا مٽائڻ به ضروري هئا. سو هي ته ڇا انهن جو اڌ ڏئي ته به مرڪي وٺڻا هئا. پر ساڳي وقت معلوم ڪرڻ جو حق به رکيم ٿي ته هن عورت ايڏو اڻانگو حساب ڇو ڪيو آهي.
”هڪ ملڪ جو ناڻو ٻئي ملڪ جي سڪي ۾ بدلائڻ کان اڳ اسان کي پنهنجي ملڪ جي ناڻي ۾ بدلائڻ ضروري آهي. اهو اسان جي ملڪ جو قانون آهي.“ هن مرڪندي ٻڌايو. پوءِ ڪئلڪيوليٽر مشين مان نڪتل پني تي ڇپيل بل ڏي اشارو ڪندي چيو:
”۽ هي جيڪي ڏهه ڪرونا ڪٽيا اٿم اهي ان جي ڪميشن آهي.“
”ڏاڍي ٻڌائي“، مون به کلندي چيو مانس. ” يعني کايا پيا ڪڇ نهين، گلاس توڙا باره آنا“ وارو حساب ٿيو. گذريل هفتي مون توکان جڏهن سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ جي ناڻي جو اگهه پڇيو هو ته ان وقت ته ٿو ڪجهه ٻيو ئي ٻڌايو هو.“
”اسان جا هميشه ٻه اگهه آهن. هڪ خريد ڪرڻ جو ۽ ٻيو وڪڻڻ جو.“ هن ٻڌايو.
”اهو ته نسوروئي يهودين وارو حساب ٿيو، جنهن جي ڪنهن ٻار کان پڇيو ويندو آهي ته، ٻه ۽ ٻه گهڻا ٿيا، ته وراڻيندو:”جي ڏيڻا اٿم ته ٽي ۽ جي وٺڻا اٿم ته پنج.“
اسين کلڻ لڳاسين. شيشي جي ڀتين پويان پري کان مبارڪ هٿ جي اشاري سان پڇيو ته ڪهڙي ڳالهه آهي. کيس هٿ جي ئي اشاري سان ورندي ڏنم ته ڪا ڪانهي. اچان پيو.
”خبر اٿئي“، عورت چيو، “ اڃان ته رڳو ڪميشن ڪٽي اٿم. ان تي لڳندڙ سرڪاري ٽئڪس نه ڪٽيو اٿم. ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته ٻئي سال کان ٽئڪس به ڪٽڻو آهي. سرڪار بئنڪن ۽ ناڻو مٽي ڏيندڙ ايجنسين تي ٽئڪس هنيو آهي، سو ظاهر آهي اسان پنهنجي کيسي مان ته نه ڏينداسين. گراهڪ کان ئي وٺنداسين.“
مون هارايل جواريءَ وانگر مليل سئو سئو جا چار نوٽ سڌا ڪري ٻٽونءَ ۾ وڌا. ”منهنجي خيال ۾ آئون هتان جلد غائب ٿي وڃان نه ته هتي بيهڻ جي مسواڙ به ڪٽي وٺندينءَ، جيڪي ڏنو اٿئي ان کي رب جي رضا سمجهي راضي ٿي وڃان. ڪٿي ڪڪڙ واري مائيءَ جو حال نه ٿئي.“
مون کيس ان ڪڪڙ واري مائيءَ جي ڳالهه ٻڌائي جيڪا حج تي وڃڻ کان اڳ پنهنجي ڪڪڙ پاڙي واري ساهيڙيءَ وٽ ڇڏي وئي. چئن مهينن بعد موٽي اچڻ تي پاڙي واريءَ کيس ڪڪڙ موٽائي ڏيڻ کان پڙ ڪڍي بيٺي. چي تنهنجي ڪڪڙ جي سار سنڀال تي جيڪو منهنجو خرچ آيو آهي ان جي حساب ۾ مون ڪڪڙ رکي آهي.
”اهو وري ڪيئن؟“ حَج تي وڃڻ واريءَ عجب مان پڇيو.
”تنهنجي ڪڪڙ کي روزانو جيڪا اَن مٺ کارائيندي هيس سا هڪ روپئي جي ته ضروي ٿيندي. ان حساب سان تنهنجي ڪڪڙ مهيني ۾ منهنجو ٽيهين روپئي جو اَنُ کائيندي هئي ۽ چئن مهينن ۾ سندس کاڌل اَنُ هڪ سئو روپين کان به مٿي ٿي ويو. سو هاڻ يا ته پنهنجي چالهين روپئي جي ڪڪڙ واپس وٺڻ جي پچر ڇڏ يا منهنجو خرچ هڪ سئو ويهه روپيا ڀري ڏي. اڃان ته تو کان وٺيون صاف ڪرڻ جي مزدوري نٿي وٽان.“
”سو هاڻ تو به جيڪي ڏنو آهي اهو خوش ٿي وٺي توکان کلي موڪلايان نه ته ماڳهين ٻيا حساب نه ڪڍي ويهين.“