سرڪار جا نه جهاز ملڪيت نه بندرگاهه
ايسٽونيا جي گاديءَ جو هنڌ ٽالن (Talinn) آهي. ٽالن ۽ هيلسنڪي (فنلئنڊ جي گاديءَ جو هنڌ) هڪٻئي جي آمهون سامهون ائين آهن جيئن روهڙي سکر يا دادو مورو. انهن شهرن جي وچ ۾ سنڌوندي وهي ٿي ۽ هيڏانهن بالٽڪ سمنڊ جو هڪ حصو يڪو ”فنلئنڊ نار“ (Gulf of Finland) آهي،جيئن عربي سمنڊ جو هڪ حصو ايراني نار ايران ۽ عرب رياستن کي ڌار ڪري ٿو تيئن گلف آف فنئلنڊ ايسٽونيا ۽ ٻين بلقاني رياستن کي فنلئنڊ کان جدا ڪري ٿو.
پاڪستان کان مٿيون رستو ڏئي فنلئنڊ پهچڻ تي فنلئنڊ روس جو پاڙيسري ۽ مائٽ ملڪ لڳي ٿو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته فنلئنڊ روس جو ايئن پاڙيسري ملڪ آهي جيئن پولينڊ، هنگري،چيڪو سلاويڪيا يا رومانيا ۽ بلغاريا آهن - جن جي رهڻي ڪهڻي، توڙي ايڪاناميءَ جو هيڻو حال- يا ڪارو منهن ڪرڻ ۾ سابق سوويت روس جو هٿ رهيو ۽ آخر تائين ان جو اثر رهيو.
فنلئنڊ پنهنجو پاڻ کي ان رڇ جي چنبن کان بچائڻ ۾ وڏا وس ڪيا. فنلئنڊ جي زبان يا اٿڻي ويهڻي يا ماڻهن جو قدبت پنهنجي ان طاقتور پاڙيسريءَ جهڙو ضرور آهي، پر ملڪ جي ايڪانامي يا سياسي نظام پنهنجي کاٻي پاسي واري پاڙيسري ملڪ سئيڊن ۽ ناروي جهڙو آهي. فنلئنڊ روس جو نه پر اسڪينڊينيويا جي ملڪن جو حصو سڏيو ۽ سمجهيو وڃي ٿو، جنهن جا ٻيا ملڪ ناروي، سئيڊن، ڊئنمارڪ ۽ آئس لئنڊ آهن.
ناروي ۽ ڊئنمارڪ وانگر فنلئنڊ پڻ جهازراني ۽ جهازسازيءَ ۾ گهڻو اڳيان اڳيان رهيو آهي. سامونڊي جهيڙن، صلح صفائين ۽ فيصلن جون ڪيتريون ئي بين الاقوامي گڏجاڻيون هن ملڪ ۾ ٿينديون اچن، خاص ڪري هيلسنڪي ان خيال کان هڪ تواريخي شهر آهي. هونءَ ته پاڪستان کان پڳ ٻڌي، هلي ملي هن اتراهين شهر هيلسنڪي جي گهمڻ لاءِ ڀاڙو ڀرڻ ۽ تڪليف سهڻ کان ته بهتر آهي ته انهن پئسن جو وڏو ريفريجٽر وٺي ان ۾ پاڻ کي بند ڪري ڇڏجي. پر سئيڊن جي شهر مالمو توڙي اسٽاڪهوم (جتي اسان رهيل آهيون) کان فنلئنڊ جو هي شهر هيلسنڪي ائين آهي جيئن ڪراچي حيدرآباد کان بمبئي مدراس. هوائي جهاز رستي ٻه ڪلاڪ کن جو پنڌ آهي ۽ سامونڊي جهاز رستي پندرهن ويهه ڪلاڪ لڳن ٿا، پر هنن ملڪن ۽ اسان جي پاڙيسري ملڪن ۾ فرق فقط اهو آهي ته اسان جا ملڪ هڪٻئي جو خيال رکڻ ۽ هڪٻئي جي عزت ۽ تعريف ڪرڻ بدران سڄو وقت رٺل رنڊيءَ وانگر فقط هڪ ٻئي کي مهڻا ڏيندا آهن، هر وقت هڪٻئي جي ڏاڙهيءَ ۾ هٿ هوندو اٿن، پر هن پاسي جا يورپي ملڪ هڪٻئي جون ڳالهيون ٻڌن، هڪٻئي جي ايجادن مان فائدو وٺن، هڪٻئي سان ٿيل پراڻا توڙي نوان جهيڙا پنهنجي منهن ويهي، پيار محبت سان نبيرين ۽ آئينده جي وڌڻ ويجهڻ لاءِ صلاح مشورو ڪن- ٻين لفظن ۾ هڪ ٻئي جا ترا ڪڍڻ بدران ترقيءَ لاءِ سوچين.
مالمو (سئيڊن) جي ”ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽيءَ“ ۾ ٻه سال رهڻ دوران هر هڪ کي ٻن هفتن لاءِ هيلسنڪي پڻ موڪليو ويو ٿي، جيئن هن ملڪ جي سامونڊي ڪم ڪارين جي آفيسن ۽ بندرگاهن جو پڻ رنگ ڍنگ ۽ طور طريقو ڏسي سگهجي.
ساموندي دنيا ۾ فنلئنڊ هڪ مثالي شهر آهي. فنلئنڊ بندرگاهن ۽ ڍنڍن جو شهر آهي. هر قسم جي ٻيڙين، جهازن ۽ سامونڊي رستن پيچرن جو ملڪ آهي. فنلئنڊ کي سٺ بندرگاهه آهن ۽ هڪ لک کان مٿي ننڍيون وڏيون ٻيڙيون آهن! جهاز ۽ ٻيڙيون ته سرڪار بدران پرائيويٽ ماڻهن جون آهن پر بندرگاهه پڻ پرائيويٽ آهن. فنلئنڊ جي بندرگاهن جو پڳ ڌڻي نه سرڪاري ڪامورو آهي ۽ نه ڪو فوجي ائڊمرل. هالا جي مڇي مارڪيٽ يا ڪراچي جي زينب مارڪيٽ وانگر هي بندرگاهه عام ماڻهن جي ملڪيت آهن ۽ اهي ئي انهن کي هلائين. ڪن ڪن بندرگاهن کي ان شهر جون ميونسپالٽيون هلائين ۽ ڇا ته سندس اعليٰ ڪارڪردگي ۽ ڪمائي آهي!هر جهاز کي وقت تي بندرگاهه ۾ جاءِ مليو وڃي، حفاظت سان سامان لهيو چڙهيو وڃي، لنگر کڻڻ وقت پوري شيڊول تي رسا کليو وڃن. جهاز وارا به خوش ته بندرگاهه وارا به خوش. نه مزور سامان ڀڃن يا چوري ڪن ۽ نه ڪسٽم ۽ پوليس اجائي کٽ کٽ ڪري، پنهنجي کيسي ڀرڻ لاءِ جيري خاطر ٻڪري ڪهن. ان ڪري امپورٽر ايڪسپورٽر به خوش ته دڪاندار ۽ خريدار به خوش- ملڪ به پيو ترقي ڪري ته ماڻهو به پيا خوش گذارين.