قصو راٽرڊم ۾ ڊنر جو
”خالد منهنجي ڳالهه مڃين ته مون لاءِ مئڪڊونالڊ جو ملڪ شيڪ سڀ ۾ بهتر آهي.“ هوٽل جي ڳولا ۾ اڃان پري وڃڻ کان جهليندي مون خالد کي چيو.
”اهو به پيئنداسين پر ماني ضرور کائبي.“ خالد ضد ڪيو. اتي ٽرام شهر جي وچ واري اسٽيشن (Central Station) تي پهتي.
”خالد لهه ته لهون. رات جي هن ٽاڻي جيڪي هوٽلون کليل هونديون سي هن اسٽيشن جي ويجهو ئي هونديون.“ مون چيو ۽ ٽرام جيئن ئي بيٺي ته لٿاسين.
ريلوي اسٽيشن ۾ ئي هڪ پاڪستاني شڪل جي همراهه جو دڪان هو، جنهن کان اردو ۾ ڊچ هوٽل جو پڇي سندس ڏس مطابق ان هوٽل تائين پهتاسين. هن پاڪستاني همراهه جيڪا هوٽل ٻڌائي اها به چڱي خاصي اهم هئي، جنهن ۾ اسان جهڙو ماني ته ڇا پر چانهه جو ڪوپ به نه پيئڻ چاهيندو، جو چانهه جو ڪوپ به سئو ڏيڍ سئو روپئي کان گهٽ نه هو. دراصل اهڙين هوٽلن ۾ چانهه جي قيمت کان وڌيڪ هوٽل جي اهتمام ۽ Services جا پئسا ورتا وڃن ٿا. خالد ان کان به اعليٰ قسم جي هوٽل ۾ وڃڻ چاهيو ٿي، جيڪا اتفاق سان ٿوروڙوئي اڳيان ڪنڊ تي ئي ملي وئي. سندس ٿلهن اوچن پٿرن جي ڀتين جو اڌو اڌ ٿلهو (Tinted) شيشو هو. بيلجم جهڙو ملڪ جنهن جو پاڙيسري هجي ان ۾ اعليٰ شيشي جا در ۽ ڀتيون نه هجن ته ٻيو ڀلا ڪٿي هجن. هوٽل ۾ اندر نوجوان ۽ امير جوڙا هئا يا ٿلها پوڙها، گنجا انٽرنيشنل بزنيس مين ۽ جهازن جا مالڪ. آيل گراهڪن کي بئرو درتي ئي آڌرڀاءُ ڪري اندر ٽيبل تائين وٺي آيو ٿي ۽ اتي بيٺل خدمتگار ڇوڪريءَ ڪرسيون ڇڪي هڪ هڪ کي ويهاريو ٿي.
اسين ايشيائي ڪارا، جڏهن هوٽل جي در وٽ پهتاسين ته هوٽل جي بئري منهن کڻي ٻئي طرف ڦيرايو. شايد اهو سوچي ته اسان شايد ڪنهن گهر يا دڪان جو ڏس پتو ٿا پڇون يا کيسو ڪٽجي وڃڻ ڪري کانئس ميرپورساڪرو ويندڙ بس جو ڀاڙو ٿا گهرون. بئري (Waiter) جي بي رخي خالد به محسوس ڪئي، پر مون کيس شڪي ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ۽ ڪجهه اهو سوچي ته متان بئرو اڇل مان چوي ته هوٽل اڳيان نه لنگهو بئري کي چيم:”We Would like to have a dinner“ بئرو ڪا گهڙي اسان کي اچرج مان ڏسڻ لڳو. منهنجي ان جملي ٻڌڻ لاءِ هو نه تيار هو ۽ نه وري سوچيو هئائين. نه ته اسان کي ڀڄائڻ لاءِ هن جو ايترو ئي چوڻ ڪافي هو ته: All Tables are Raserved پر هو جلدي ۾ ٻيو ڪجهه چئي اسان کي در وٽان ئي ڀڄائڻ بدران ڪومايل انداز ۾ O.K چيو. بقول مبارڪ جي هتي جا يورپي اسان ايشين کي ته اهڙو فقير سمجهن ٿا جو اسان کان پري پيا ڀڄن. مجبوري جي حالت ۾ جڏهن کين ڳالهائڻو پوي ٿو ته ائين ٿا ڳالهائين ڄڻ ناني مري وئي هجين.
۽ هن هوٽل واري بئري جي ڳالهائڻ مان ته ائين لڳي رهيو هو ڄڻ نانيءَ کانسواءِ ڪو ٻيو به مائٽ لاڏاڻو ڪري ويو هجيس. ظاهري ڳالهه آهي ته پاڪستاني جيڪي هن پاسي سخت بدنام آهن ۽ وتن ٺڳيون لچايون ڪندا سي هن ٺِش مِش واري هوٽل ۾ ڇو اچي رهيا آهن. کيس ضرور خدشو ٿيو هوندو ته اسين ماني کائڻ بعد مانيءَ جو بل به کائي وينداسين. خالد نڪ مان سو عرب لڳي ٿو باقي شڪل ۾ اسان جهڙو پاڪستاني مهانڊو آهي.
بهرحال گيٽ وٽ موجود هن بئري اسان کي مان شان سان اندر وٺي هلڻ بدران هٿ جي اشاري سان اڳيان ڪنڊ ۾ رکيل هڪ ٽيبل ڏي وڃڻ جو اشارو ڪيو ۽ اسان سندس بي رخيءَ کي درگذر ڪري، وڃي ان ڪنڊ واري ٽيبل تي ويٺاسين. ٽيبل وٽ بيٺل خدمتگار عورت اسان لاءِ ڪرسيون ڇڪڻ جا آداب ته پورا نه ڪيا، پر ڪو خاص توجهه به نه ڏنو. اهي سڀ ڳالهيون اسان چٽيءَ طرح محسوس ڪيون پئي ۽ مون درگذر ڪرڻ کانسواءِ زوريءَ ڪا هتِي هُتي جي ڳالهه ڪڍي خالد جو ڌيان ان بي توجهي ۽ بي رخي کان پري پئي ڪيو ۽ کيس اهو احساس پئي ڏياريو ته گهٽ ۾ گهٽ ٿيندڙ بي عزتي آئون محسوس نه پيو ڪريان. ڇو جو هو ته مون کي لک سئو عزتون ڏئي خاص ان ڪري وٺي آيو هو ته ڪنهن چڱي هوٽل ۾ وٺي خذمت جو موقعو مون لاءِ مهيا ڪري. پر هتي ماڳهين اسان کي اڇوت سمجهيو پئي ويو.
مون کي سئيڊن ۾ رهندڙ ڪوئيٽا جي ارباب دائود جي ڳالهه ياد آئي ته اسان کڻي ڇا به ڪريون پر هتي جا يورپي اسان ايشيائي ۽ آفريڪي باشندن کي نيچ سمجهن ٿا- خاص ڪري پاڪستانين کي ۽ ٻئي نمبر تي ٻين مسلمانن کي. ڪو پاڪستاني گهٽ خرچ ڪندو يا ڪنهن سستي هوٽل ۾ ويندو ته چوندا ته هي ڪنجوس آهي يا بکيو، فقير، مسڪين آهي. پر جي ڪو پاڪستاني وڏي پئسي وارو آهي (جيڪو پئسو هن ڀلي کڻي وڏي نوڪري يا حق حلال جي ڌنڌي ڌاڙي ذريعي ڪمايو هجي) ته به هتي جا يورپي هن کي وڏا خرچ ڪندي يا وڏين هوٽلن ۾ ويندو ڏسي چوندا ته هن پڪ سمگلنگ مان پئسو ڪمايو آهي. سو ٿي سگهي ٿو ته هن هوٽل جو گورو اسٽاف توڙي هال ۾ موجود گورا يورپي مهمان، اسان لاءِ ڪجهه اهڙو پڻ خيال ڪري رهيا هجن ته اسين سمگلر هجون يا هڙ ۾ هرير به نه هجي ۽ ماني کائي ڀڄي وڃڻ جو ارادو رکندا هجون. هڪ بک ڪانه هئي اجايو پئسو وڃائي رهيا هئاسين، ٻيو ڪافي رات گذري چڪي هئي ۽ اسان کي جلدي وڃي سمهڻ کتوٿي جيئن ٻئي ڏينهن صبح جو سوير اٿي آفيس وڃڻو هو ۽ ان مٿان وري اها مصيبت ته بئرو ٻين کان ته مانيءَ جا آرڊر وٺي رهيو هو، پر اسان کي ٽيڏي اک سان ڏسي لنوائي پئي ويو. آخر مون کان رهيو نه ٿيو ۽ هڪ واندي همراهه (Waiter) کي هٿ جي اشاري سان سڏ ڪيم. هو بنا پني پين جي آرڊر وٺڻ آيو. هن سمجهيو اسان ۾ ڪافي يا چانهه جيتري طاقت مس هوندي. ظاهر آهي ايتري ته هن به ڄاڻ رکي ٿي ته هڪ ته دنيا ۾ هر شيءِ مهانگي ٿي وئي آهي ٻيو ته ڊالر، مارڪ ۽ يين (Yen) سان گڏ پائونڊ گلڊر جو به اگهه چوٽ چڙهي ويو آهي ۽ ٽيون ته پاڪستان جي روپئي ۽ ماڻهوءَ جي ساک جو وڃي پيو مان ڪرندو، سو اهڙي صورت ۾ اسان پاڪستاني راٽرڊم جهڙي يورپي شهر جي هڪ اعليٰ هوٽل ۾ ڇا ٿا افورڊ ڪري سگهون! هن جي سوچ بلڪل صحيح هئي، پر کيس اها ڄاڻ نه هئي ته جن کي هو پاڪستاني سمجهي رهيو هو انهن ۾ هڪ همراهه تيل جي دنيا جو امير عرب شهزادو آهي، جنهن جي ملڪيت جو کيس به ڪاٿو ناهي ۽ هو چاهي ته هڪ ڊنر ته ڇا پر هن سڄي هوٽل جي قيمت ادا ڪري ان جو هن ئي گهڙي سوڌو ڪري سگهي ٿو.
مينو تي ڏنل شين مان خالد نه فقط هڪ ٻه ٻوڙ چيا، پر چانور، مڇي، گانگٽ ۽ ڪنهن مٺي لاءِ، به چيو ۽ ان سان گڏ ڪا ڪولڊ ڊرنڪ.
بئرو چپ چاپ موٽي ويو ۽ پنو پينسل کڻي مٿين شين جا مينو مطابق نمبر نوٽ ڪرڻ لڳو، جن جي لسٽ خالد اڃا به ڊگهي ڪئي ٿي، پر منهنجي زور تي گهٽائي گهٽائي اتي پهچايائين. ڪجهه دير بعد، هن هوٽل جي رواج موجب، هر شيءِ ان وقت تيار ٿي کڄي آئي.
ماني کائڻ دوران هڪ ٻه ٻيا به اهڙا واقعا ٿيا، جن مان بئرن جو اسان ڏي بدافعالي وارو رويو ظاهر ٿيندو رهيو- جيئن ته ڊبل روٽي ۽ بن سان گڏ مکڻ آڻڻ وسري وين. وري ياد ڏياريوسين ته پليٽ ۾ آڻڻ بدران مکڻ جون پني ۾ ويڙهيل ننڍيون پڙيون اسان جي اڳيان اڇل سان رکي ويو. اسان ٻنهي اهي ڳالهيون محسوس ڪيون. مون بک نه هجڻ ڪري گراهه ٻه ڪو مس کاڌو. خالد ان قسم جي بي عزتيءَ جو گهرو اثر وٺي، نه برابر کاڌو ۽ بئري کي جلدي جلدي پليٽون کڻڻ ۽ ميوو آڻڻ لاءِ چيو. بئري جو اڻ ڄاتو خوف شايد وڌيي ويو ته اسان غريب ملڪ جا غريب ماڻهو پڪ مانيءَ جو بل ڏيڻ بدران ڀڄي وينداسين. ان ڪري، (شايد)، هن ميوو آڻڻ کان اڳ ان ميوي جا پئسا به بل ۾ هڻي پليٽ تي بل رکي پهرين اهو اچي پيش ڪيو. ان ڳالهه خالد کي ويتر باهه ڏياري جو هن پئي سوچيو ته ان بعد چانهه يا ڪافي به گهرائجي، جيڪا خالد لاءِ اهڙي Tension واري حالت ۾ ضروري به هئي. بل تي منهنجي به نظر پئي جيڪو ٽپ سميت ٻه سئو گلڊر (يعني ٻن هزار روپين) کان به مٿي هو. پر خالد لاءِ ڪجهه نه هو، جيتوڻيڪ بل ۾ ٽپ به شامل هئي، پر ان هوندي به خالد پنج سئو روپين کن جا وڌيڪ گلڊر بئري جي Tip لاءِ پليٽ تي رکيا. ڏٺو وڃي ته ان ڊنر ۾ کايا پيا ڪچهه نهين گلاس توڙا باره آنا وارو حساب ٿيو. پر اهو مون لاءِ کڻي چئجي، خالد لاءِ اها هڪ معمولي ڳالهه هئي.
بل ادا ڪري اٿياسين. هوٽل جي ڪنڊ ۾ رکيل فون ۾ پئسا وجهي خالد پنهنجي زال سان جدي ڳالهايو. تيسين بئرو جيڪو ايتري ٽپ حاصل ڪري عجب جي نشاني ٿيو بيٺو هو، تنهن مون کان آهستي اچي خالد لاءِ پڇيو ته هي ڪير آهي؟
”سعودي عرب جو بزنيس مئن ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسر.“ مون کيس انگريزي ۾ ٻڌايو جيڪو هن ڊچ زبان ۾ ٻين خدمتگار ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي ٻڌايو. تيسين ٽيليفون تي خالد ڳالهائي بس ڪيو ۽ هاڻ هوٽل مان نڪرڻ لاءِ هڪ بدران ٻه ٻه ڄڻا در کي کولي بيٺا ۽ اسان کي نه فقط فرشي سلام ڪرڻ لڳا پر اسان لاءِ ٽئڪسي گهرائڻ لاءِ به پڇڻ لڳا.
دل ۾ مون چيو پئسي جو وڏو مان آهي. پئسي کي وڏو سلام آهي. خالد جي موڊ سخت آف هئي. ڪا دير اسين راٽرڊم جي رستن تي چپ چاپ واڪ ڪندا رهياسين. خالد سخت مونجهاري واري عالم ۾ هو. خالد جو ڌيان هٽائڻ ڪارڻ مون هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ٻڌائي کيس آهستي آهستي نارمل حالت ۾ آندو. مبارڪ ۽ عياض واپسي تي کير آڻڻ لاءِ اسان کي چيو هو. سو هيڏانهن هوڏانهن کير جو دڪان پڇائڻ لڳاسين. آخر هڪ تان ملي ويو. ٽرام جو اسٽاپ به اتي هو. کير جا ٻه پاڪيٽ وٺي اچي ٽرام ۾ چڙهياسين، جنهن اچي ان هوٽل وٽ ڇڏيو، جنهن ۾ اسين سڀ رهيل آهيون.