ريل گاڏيون سمنڊ ڪيئن ٽپن ٿيون
هن کان اڳ اسان جو سڄو گروپ ناروي جي گاديءَ واري شهر اوسلو وڃي چڪو هو، پر هن ڀيري ٻن ٻن ڄڻن جا گروپ ٺاهي ناروي جي ڏورانهن ۽ ننڍن بندرگاهن ۾ اسان کي موڪلي رهيا هئا. جهڙوڪ: اسٽيونگر (Stavanger) برگن، هئگ سنڊ وغيره.
اسان جي ويجهي دوست يمن جي مبارڪ ۽ فلپين جي گِلبرٽ کي Haugesund وڃڻو هو ۽ ان کان مٿي اتر ۾ ناروي جيجابلو بندرگاهه اليسنڊ (Alesund)۾ مون کي وڃڻو هو. منهنجي گروپ جو ٻيو همراهه ٿائلينڊ جو سوتي چائي هو. اسين چارئي خوش هئاسين ته ڪنهن آفريڪن يا سائوٿ آمريڪن سان گڏ هجڻ بدران پنهنجي ايشيا کنڊ جي ماڻهوءَ سان ٿيا آهيون. ڇو جو ڪجهه به هجي وري به اسان ايشيا جي ماڻهن جون عادتون، ڪلچر، کاڌو پيتو، رسم و رواج هڪٻئي سان ڪافي ملي ٿو. ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن: چلي يا پيرو، بولويا يا ارجنٽائنا جي ماڻهن جون ڪيتريون ئي ڳالهيون اسان لاءِ نراليون ٿيو پون ۽ اسان لاءِ گڏ رهڻ هڪ ٻئي لاءِ ڏکيو ٿيو پوي. ڪڏهن ڪڏهن غلط فهميون اسان ايشيا جي ماڻهن ۾ به ٿي پونديون آهن. جيئن ته مبارڪ جي عادت آهي ٻئي جي مٿي تي هٿ رکڻ يا چرچي چرچي ۾ ٻئي کي مٿي تي آهستي ڌڪ هڻڻ جيڪا اسان لاءِ کڻي اهڙي ڳالهه نه هجي پر ٿائلينڊ جو سوتي چائي يا ڪو ٻيو ان تي بگڙيو پوي. ڇو جو ٿائي ڪلچر موجب ٻئي جي مٿي تي هٿ نه رکجي، جيڪا ڳالهه مبارڪ کي سمجهه ۾ نه ايندي آهي ۽ سوتيءَ جي دل ۾ ڪرڻ تي مبارڪ ويتر چڙ ڪندو آهي:”سوتي چائي! آهي ڇا؟ معمولي ڌڪ هڻڻ تي چڙيو پئين.“
”تون مون کي ڳل تي ٿڦڙ هڻ. پٺن تي ڌڪ هڻ، پر مٿي تي هٿ به نه رک.“ سوتي چوندو آهي.
”ڇو ڀلا؟“ مبارڪ چوندو آهي.
”مسٽر الطاف!“ سوتي چائي اهڙن موقعن تي مون کي سڏ ڪندو آهي، ”منهنجي انگريزي ڪمزور آهي مهرباني ڪري تون مبارڪ کي سمجهاءِ.“
۽ پوءِ آئون مبارڪ کي ٿائي ڪلچر بابت ٻڌائيندو آهيان. ”ٿائي هونءَ ماڻهو ڀلا آهن. صبر ۽ برداشت جو به ڏاڍو مادو اٿن(ٻين لفظن ۾ توهان عربن وانگر جذباني ۽ چيڙاڪ نه آهن) پر ڪي ڳالهيون ٿائي ماڻهو سخت دل ۾ ڪن ٿا. جهڙوڪ: مٿي تي هٿ لائڻ يا ٽنگ ٽنگ تي رکي بوٽن جو ترو هنن ڏي ڪرڻ، وغيره.“
بهرحال انهن ننڍين ڳالهين جي باوجود هڪ ايشيائي سان گڏ رهڻ ۾ ايتري تڪليف ۽ مونجهارو ناهي، جيترو ڏکڻ آمريڪي يا آفريڪا جي چاڊ، نائيجر، موزمبق يا ملاوي جي باشندي سان.
ناروي وڃڻ لاءِ هر گروپ کي شهرن مطابق مختلف وقتن جي اڏامن ۽ بحري جهازن جون ٽڪيٽون مهينو کن اڳواٽ مليون ۽ هر هڪ جي رهائش جو بندوبست پڻ ان شهر جي هوٽل ۾ يونيورسٽي وارن اڳواٽ ڪري ڇڏيو هو.
مون کي ۽ سوتي چائيءَ کي بس ذريعي گهر کان مالمو جي بندرگاهه تائين اچڻو هو. جتان ستين بجي صبح ساڻ ڪوپن هيگن(ڊئنمارڪ) لاءِ هلندڙ هُوور-ڪرافٽ ذريعي ڪوپن هيگن هوائي اڏي تي پهچڻو هو. مالمو کان ڪوپن هيگن ۽ واپس مالمو (سئيڊن) ڪيترن ئي قسمن جا بحري جهاز سڄو ڏينهن ايندا ويندا رهن ٿا. هڪ ته وڏيون فيريون آهن جن ذريعي ماڻهو ۽ ڪارون ته ڇا سڄيون بسيون ۽ ريل گاڏيون بالٽڪ سمنڊ ٽپن ٿيون، انهن فيرين جي هيٺين ڊيڪ تي ريل جا پٽا فڪس ٿين. سندن اڳ ۽ پٺ جو مٿيون حصو کڄيو وڃي ۽ فيريءَ جا پٽا بندرگاهه جي پٽن سان ڀچي بيهن. ريل گاڏي اسٽيشن کان هلندي بندرگاهه مان ٿيندي سڌو فيريءَ ۾ اندر گهڙي ويندي آهي. ڊئنمارڪ، جرمني، بيلجم يا پولينڊ جي بندرگاهن ۾ ساڳي بندوبست ذريعي ٻاهر نڪري ايندي آهي.
بسين يا ڪارن جي بيهڻ لاءِ ڪجهه مٿڀرو ڊيڪ ٿئي ۽ فيريءَ جا سڀ کان مٿاهان Decks مسافرن جي رهائش، ريسٽورنٽ ۽ دڪانن لاءِ ٿين.
انهن وڏين فيرين کان علاوه ٻيون ننڍيون فيريون پڻ هلن ٿيون، جيڪي ٻه کان ٽي سئو کن ماڻهن کڻن. اهي فيريون Catamaran سڏجن ٿيون. اهي پني مان ٺاهيل ڪنڊي ٻيڙين وانگر ٿين. پر کين تري ۾ هڪ بدران ٻه ڪنڊا((Keels ٿين. ان کان علاوه هوور ڪرافٽ هلن جيڪي خچر وانگر نه گهوڙا آهن ۽ نه گڏهه. اهي نه هوائي جهاز آهن ۽ نه پاڻيءَ جا جهاز بلڪه انهن کي وچ وارا جهاز چئي سگهجي ٿو.
هوور ڪرافٽ(Hoover Craft)جهاز پاڻي توڙي زمين تي بيهي سگهي ٿو پر هلڻ وقت سمنڊ کان اڌ ميٽر کن مٿي اڏامندو آهي. سندس ۽ سمنڊ جي وچ ۾ هوا جو ڦوڪڻو هوندو آهي. هوور-ڪرافٽ مالمو کان ڪوپن هيگن جي بندرگاهه ۾ آڻڻ بدران سڌو ايئرپورٽ تي اچيو ڇڏي.
سو ناروي جي ان ٽوئر لاءِ اسان کي مالمو کان هوور ڪرافٽ ذريعي ڪوپن هيگن ايئرپورٽ تي اچڻو هو جتان ڪلاڪ ٻن بعد اوسلو(ناروي) ويندڙ هوائي جهاز ۾ چڙهڻو هو. يمن جي مبارڪ ۽ فلپين جي گلبرٽ کي به اوسلو تائين ساڳيو هوور ڪرافٽ ۽ جهاز وٺڻو هو ان بعد ڌار ڌار اڏامن ۾ اسان کي اليسنڊ ۽ هنن کي هيگ سنڊ روانو ٿيڻو هو.