سري نام ڏکڻ آمريڪا جو هندوستان
سري نام واري سر زمين ڪرسٽافر ڪولمبس کي 1498ع ۾ نظر آئي، ان بعد ٻئي ۽ ٽي سال ٻيا به اسپين جا جهازي اتي پهتا، ان وقت اتي ريڊ انڊين قوم جا ماڻهو رهندا هئا. سترهين صديءَ جي اڌ تائين اسپيني، ڊچ، انگريز ۽ فرينچ هن ملڪ تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا پر ريڊ انڊينسندن حملا ٽاري پئي ڇڏيا. آخر ڪار 1651ع ۾ هڪ انگريز زميندارن جو جٿو غلامن سميت هن ملڪ ۾ رهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ان بعد 1667ع ۾ ڊچن حملو ڪري هن ملڪ تي قبضو ڪيو.تن ڏينهن ۾ برازيل ۽ اڄ وارو نيويارڪ پڻ ڊچن جي هٿن ۾ هو ۽ نيويارڪ جو نالو نيو ايمسٽرڊم هو. پوءِ اهي ٻئي ملڪ ڊچن جي هٿن مان نڪري ويا ۽ اتي جا ڊچ زميندار، جاگيردار ۽ Planters سري نام کان اچي نڪتا. هنن سري نام جي ڌرتيءَ کي پوک ۽ کيتي جي ڪمن ۾ استعمال ڪيو، خاص پوک ڪمند جي ڪيائون ۽ کنڊ ٺاهي وڪڻن لاءِ يورپ موڪلڻ لڳا. پوءِ ارڙهين صديءَ جي شروعات کان ڪافي ۽ ڪاڪائو (Cacao) چاڪليٽ جي پوک پڻ وڌڻ لڳي ۽ پوءِ ڪپهه، انڊيگو ۽ عمارتي ڪاٺ جي پئدائش پڻ شروع ٿي وئي. اوڻويهن صديءَ جي اڌ تائين سمجھو سري نام ٻيلا، جهنگلات ۽ ٻنيون ٻاراهو. چند يورپي گورا جيڪي ڊچ هئا بندرگاهه جي ويجهو رهندا هئا، باقي گهڻائي شيدي غلامن جي هئي، جيڪي ٻنين ٻارن ۽ ٻيلن ۾ ڪمند جي پوک ڪرڻ ۽ وڻ ڪٽڻ ۾ رڌل رهيا ٿي. اهي شيڊي غلام آفريڪا جي ڏاکڻي ڪناري واري ملڪن سينيگال، گئمبيا، ائنگولا، گني، ڪانگو وغيره کان گهرايا ويا ٿي.
1853ع ۾ پوک جي ڪم لاءِ چيني ۽ Maderian مزرو گهرايا ويا، اهي پنج پنج سالن جي مدي(Contract) لاءِ آيا ٿي. انهن مان ڪيترائي زميندارن وٽ ٻيو مدو Contract ڪرڻ بدران ننڍي پئماني جا سوداگر ٿي رهڻ لڳا، ڪن دڪان ڪڍيا، ڪي سائيڪل تي روزمره جي ضرورت جو سامان رکي پوکن ۽ آبادين ۾ وڪڻڻ لڳا. 1863ع ۾سري نام ۾ غلامن جي واپار تي بندش وڌي وئي ۽ موجود غلامن کي سرڪار حوالي ڪيو ويو، جيئن هو مفت ۾ پورهيو ڪرڻ بدران پگهار تي ڪم ڪن ۽ ان مان پنهنجي مرضي مطابق خرچ ڪن.
غلاميءَ تي بندش پوڻ بعد، پگهار ۽ ٺيڪي تي ڪم ڪرڻ لاءِ 1873ع کان 1916ع تائين انڊيا کان مزرو گهرايا ويا ۽ 1890ع کان 1940ع تائين جاوا (انڊونيشيا) کان گهرايا وايا. هي جيڪي اردو يا هندي ڳالهائيندڙ انڊين، سري نام جا رهاڪو آهن ۽ هتيهالنڊ ۾ به نظر اچن ٿا، نوي سيڪڙو انهن جو اولاد آهن، جيڪي اڻويهين صديءَ جي آخر ۾ ۽ ويهين صديءَ جي شروعات وارن سالن ۾ سري نام ۾ پورئي لاءِ گهرايا ويا هئا.
ويهين صديءَ جي شروعات ۾ سري نام ۾ ٿيندڙ پوک جي اپت گهٽجي وئي ۽ انهن ڏينهن ۾ اتي Bauxite ڌاتو لڌو ويو، جنهن مان ڊچن جي چڱي اپت ٿيڻ لڳي. ٻي وڏي لڙائيءَ کانپوءِ جتي ڪٿي آزادي جون ڳالهيون اٿڻ لڳيون. سري نام جي رهاڪن ۾ به سياسي شعور پيدا ٿيو. 1948ع ڌاري ڊچ حڪومت جي اجازت سان سياسي پارٽيون ٺاهيون ويون، جيڪي مذهب، زبان يا قوم جي بنياد تي ٺهيون. اڇي چمڙي وارن ڊچن ۽ ٻين يورپين، جيڪي مڪاني ماڻهن کي خودمختياري يا آزادي ڏيڻ جي حق ۾ نه هئا تن ”سرينام نيشنل پارٽي“ ٺاهي، هندستانين ۽ انڊونيشين پهرين گڏجي هڪ پارٽي ٺاهي پر پوءِ هندوستانين پنهنجي ڌار پارٽي ”يونائيٽيڊ هندو پارٽي“ ٺاهي، جيڪا پوءِ ”پروگريسِوِ ريفارم پارٽي“ سڏجڻ لڳي. 1954ع ۾ نيدرلئنڊس وارن هنن کي اندروني معاملا پاڻ سلجهائڻ جي آزادي ڏني. 1958ع ۾ گڏيل پارٽين جي حڪومت (Coalition Govt) ٺاهي وئي، جنهن۾ يونائيٽيڊ هندو پارٽي به شامل هئي، جنهن جو چيئرمين جگرناٿ لڇمڻ هو. اها حڪومت 1967ع تائين هلي، ان بعد سياسي پارٽين ۾ واڌ ايندي رهي. هڪ ٻئي سان جهيڙا جهٽا به وڌي ويا. ملڪ جي ايڪانامي ڪرندڙ رهي. 1983ع ڌاري ملڪ جو سياسي نظام ملٽريءَ پنهنجي هٿ ۾ کنيو، ان بعد ملڪ جا خرچ هيڪاندا وڌي ويا، خاص ڪري ڊفينس پٺيان. ڪمائي جا ذريعا ڏينهون ڏينهن گهٽجڻ لڳا ۽ ملڪ ويو ڀينگ ٿيندو. 1987ع ۾ نيٺ ملٽري وارن اليڪشن ڪرائي، حڪومت جون واڳون سياستدانن حوالي ڪيون. يونائيٽيڊ هندو پارٽي جيڪا هاڻ ”پروگريسِوِ ريفارم پارٽي“ سڏجي ٿي ان جو اڳواڻ ملڪ جو صدر ٿيو ۽ سرينام نيشنل پارٽي جو اڳواڻ نائب صدر.
پکيڙ ۾ سرينام ٽيهٺ هزار چورس ميل (164 هزار چورس ڪلوميٽر کن) آهي. سرينام جي اتر ۾ ائٽلانٽڪ سمنڊ آهي، اوڀر ۾ فرينچ گيانا، ڏکڻ ۾ برازيل ۽ اولهه ۾ انگلش گيانا (جيڪو ملڪ فقط گيانا به سڏجي ٿو). سرينام جي گادي جو هنڌ پاراماربو (Paramaribo) آهي. سرينام کي ڊچن (نيدرلئنڊس) کان مڪمل خودمختياري 25 نومبر 1975ع ۾ ملي. سرينام جي رهاڪن جو ٽيون حصو هندستانين جو آهي، باقي ٻن حصن ۾ يورپي، آفريڪا جا شيدي ۽ انڊونيشيا پاسي جا آهن. ڪجهه چيني ۽ لبناني عرب پڻ رهن ٿا. سرينام جي سرڪاري زبان ڊچ آهي پر انگريزي، هندي، اردو ۽ انڊونيشي زبانون پڻ ڳالهايون وڃن ٿيون.
ان رات، ريل گاڏي هيگ اسٽيشن ۽ ٻين ٻن ٽن ننڍين اسٽيشنن تان ٿيندي ڪلاڪ اندر راٽرڊئم جي سينٽرل اسٽيشن تي پهتي. اسان جي رهائش جو بندوبست راٽرڊم جي ”سي مينس هوم“ هوٽل ۾ ٿيل هو، جنهن جو ڊچ زبان ۾ نالو Zeemanshuis آهي. اهي ماڻهو جيڪي جهاز تي ڪم ڪن ٿا يا ڪم ڪري چڪا آهن، انهن ۽ انهن جي فيملين لاءِ هن هوٽل ۾ رهائش جي مسواڙ گهٽ آهي، اسٽيشن کان هوٽل تائين چار چار ڄڻا ٿي ٽئڪسين ۾ پهتاسين.
هوٽل جي ٻاهران ۽ اندر ريسيپشن وٽ ڪيترائي ايشيائي، آفريڪا ۽ يورپ جا رنگ برنگي جهازي ڦري رهيا هئا. سڀ کان گهڻو تعداد فلپينو ۽ انڊونيشي جهازين جو هو. انڊونيشين لاءِ ته راٽرڊم ۽ ايمسٽرڊم ائين ٿيو جيئن اسان پاڪستان لاءِ لنڊن ۽ براڊ فورڊ. هونءَ ملئي يا انڊونيشي ماڻهو ٻاهر نڪرڻ، ٻاهر رهڻ ۽ ٻاهر نوڪري ڪرڻ جا سست آهن، پر يورپ جي ملڪ هالنڊ ۾ ضرور نظر ايندا، جو هي ملڪ سندن لاءِ ابي امان مثال آهي. سماترا ۾ سياسي گوڙ ٿئي، جاوا ۾ مذهبي وڳوڙ ۽ مار مارا ٿئي، بورنيو ۾ نسلي فساد ٿين - هو انصاف، سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ هيڏانهن اچن ٿا، جيئن الجيريا، ٽيونيشيا، موراڪو جا فرانس ڏي رخ ڪن ٿا يا لبيا ۽ سوماليا جا اٽلي ڏي ڀڄن ٿا. باقي رهيا فلپين جا ماڻهو، سي اڄ ڪلهه دنيا ۾ گهر توڙي هوٽل ڪارخانن جي ڪمن ڪارين کان وٺي جهازن تي خلاصي ٿي نوڪري ڪرڻ لاءِ بيحد ڪامياب ٿي ويا آهن. گهٽ پگهار تي، بنا ڪينجهي ۽ ڪِر ڪِر ڪرڻ جي هو گهڻي کان گهڻو ڪم ڪن ٿا. هو جهيڙي فساد يا مڪاني سياست ۾ پنهنجو پاڻ کي ٽنبڻ بنا پنهنجي دنيا ۾ مگن رهن ٿا. هر ڳالهه ۾ پنهنجي بي عزتي سمجهڻ يا رد ڪد ڏيڻ بدران، پنهنجي مالڪ يا آفيسر جو چيو مڃين ٿا. ان ڪامياب پاليسي ڪري اڄ ڪلهه هو جتي ڪٿي سعودي عرب ۽ ڪويت کان وٺي سئيڊن ۽ ڪئناڊا تائين (جتي پورهيو آهي)، اتي هو سڏيا وڃن ٿا. ڪارخانا، کيتي ٻاڙي، جهازراني يا گهر جي ڪم لاءِ جتي پهرين چيني، بنگالي، پاڪستاني يا آفريڪي ڇانيل هئا اتي اڄڪلهه فلپينو ئي فلپينو آهن. هڪ سعودي عرب جي ٺيڪيدار کان پڇيم:
”پاڪستاني مزدور ۽ فورمين ڇو نه ٿو رکين؟“
”هو هر وقت ڪم کان گسائين ٿا، معمولي ڳالهه لاءِ کين موڪل کپي، شل نه سندن ڪنهن ڀائيٽي، ڀاڻيجي جي شادي، عقيقو يا قضيو ٿئي- سڀ ڪم ڇڏي وطن هليا ويندا“. هن سبب ٻڌايو.
”پاڪستاني خلاصين کي پنهنجن جهازن تي ڇو نه ٿا نوڪريون ڏيو؟“
هڪ دفعي يوناني جهازن جي مالڪ کان پڇيم.
”ڪنهن زماني ۾ اسان تمام گهڻا پاڪستاني رکندا هئاسين، خاص ڪري پٺاڻ، پوءِ چيني رکياسين، پر اڄڪلهه فلپينو خلاصي سڀ کان سٺي طرح هلن ٿا. پاڪستاني معمولي معمولي ڳالهه تي سوال جواب ڪن ٿا ۽ پنهنجن جا ۽ ٻين جا مٿا ڦاڙيو پنهنجي لاءِ ۽ اسان لاءِ پوليس جو پرابلم پيدا ڪن ٿا.“ هن وراڻيو.
آئون اڄ چوڌاري فلپينو ۽ ٻين قومن جي خلاصين کي ڏسي سوچڻ لڳيس ته ڪاش! انهن ۾ اسان جي ملڪ جا به هجن ها. اسان جو ساٿي- فلپين جو گلبرٽ ۽ روميو تگالوگ زبان ۾ ڪجهه سڃاتل فلپينو جهازين سان عليڪ سليڪ ڪرڻ لڳا. اسين اڳيان وڌي رسيپشن تي پهتاسين. ڊيوٽي تي ويٺل ڇوڪريءَ هر هڪ جو نالو پڇي کيس هوٽل جي ڪمري جي چاٻي ڏني. اسان جي اچڻ جو کين اڳواٽ اطلاع ٿيل هو، ان ڪري فارم ڀرڻ يا پاسپورٽ ڏيکارڻ واري گهڻي فشريءَ کان بچي وياسين. چاٻي کيسي ۾ وجهي سامان گهلي لفٽ ذريعي ٽي ماڙ تي ڪمري نمبر 304 ۾ پهتس، جيڪو ايندڙ ٻن ٽن هفتن لاءِ راٽرڊم ۾ منهنجو رهائش گاهه ٿيڻو هو.