السينڊ (ناروي) جو گل آهوجا ...
شام جو هوٽل جي ڪمري ۾ ويٺو هوس ته اوچتو سندس فون اچي ويو، ”معاف ڪجو“ مون کيڪارڻ بعد گل کي چيو، ”آئون فقط سوچيندو ئي رهيس، سستيءَ ڪري اڃان توکي فون به نه ڪري سگهيس.“
”چڱو جو نه ڪئي، منهنجو فون نمبر بدلجي ويو آهي، دراصل آئون مهيني کن لاءِ ماءُ سان ملڻ ممبئي ويو هوس، واپسي تي توسان ملي گهر پهتس ته زال ٻڌايو ته منهنجي غير حاضريءَ ۾ گهر جي فون جو ڪوڊ نمبر بدلجي ويو آهي. اڄ جيئن ئي وقت مليو ته توکي فون ڪيو اٿم.“
گل پنهنجو نئون نمبر لکايو ۽ شام جو گڏ ماني کائڻ لاءِ چيو.
”مانيءَ جي تڪليف نه ڪر، بس چانهه پي ٿوري دير ڪچهري ڪنداسين“ مون چيو مانس،
”چڱو ڀلا توکي ڀر وارو شهر هلي گهمائيندس“، گل آهوجا چيو.
”اها به تڪليف نه ڪجانءِ، سڄو ڏينهن ڊيوٽي ڪري ٿڪل هوندين ۽ مون به جايون جڳهيون ته جام ڏٺيون آهن، سو توسان ويهي خبر چار ڪندس.
” I am more interested in people than places“
”چڱو ڀلا اهو به صحيح آهي. شام جو ستين بجي تيار هججانءِ ته وٺي ويندو سانءِ“ گل چيو.
مقرر وقت تي ايٽلانٽڪ هوٽل ۾، جتي آئون رهيل هوس، گل پهچي ويو ۽ مون کي پنهنجي گهر وٺي هليو. سندس گهر شهر کان ڏهه ٻارهن ميل پري ٻهراڙيءَ ۾ آهي. هونءَ به ناروي جي گهٽ آدمشماريءَ ۽ سختي سيءَ ڪري هتي جي شهرن ۾ به ڄڻ ماٺ مٺوڙو لڳو پيو آهي. ٻهراڙيءَ جي ته ڇا ڳالهه ڪجي! بقول اسان جي هڪ ساٿي-سعودي عرب جي خالد جي ته، هنن ملڪن جي شهرن ۾ چوڌاري بلڊنگون ته آهن پر ماڻهو تمام گهٽ آهن. آفيسون بند ٿيڻ بعد ڄڻ ته راڪاس گهميو وڃي. الف ليلوي ڪهاڻين وانگر ماڻهو ڄڻ پنڊ پهڻ ٿيو وڃن.
گل جي گهر جي چوڌاري سامونڊي شاخون (Fjords) هيو ۽ برف سان ڍڪيل چوٽين وارا جبل. هتي جي حساب موجب اونهارو شروع ٿي رهيو هو سو سڪل ٽارين وارن وڻن توڙي ٻوٽن ۾ ساوا پن نڪري آيا هئا. گل ٻڌايو ته جون-جولاءِ ڌاري يعني مهيني کن اندر چوڌاري ساوڪ ۽ پيلا ڳاڙها گل هوندا. سندس گهر ٻين ڪيترن گهرن وانگر ڪاٺ جو هو. ناروي پاسي اهو ڪاٺ ناهي، جنهن مان خيرپور ناٿن شاهه جا واڍا ٻيٽي ۽ راڌڻ جي رهاڪن جا ڪٻٽ ۽ در دريون ٺاهين ٿا، هتي جو ڪاٺ دنيا جي بهترين ڪاٺن مان آهي، خاص ڪري OAK جو اڇو ڪاٺ ۽ ٻيون جنسون. هتي جيئن ته واڍڪو يا رازڪو ڪم تمام مهنگو آهي ان ڪري گهڻي ڀاڱي ماڻهو پنهنجي گهر جو وڏو حصو آهستي آهستي ڪري پاڻ ٺاهين.
گل آهوجا 1942ع ۾ ڪوئيٽا ۾ ڄائو، ”منهنجو ڳوٺ شڪارپور ڀرسان ڳڙهي ياسين هو پر اونهاري جا ڪجهه مهينا منهنجا مائٽ ڪوئيٽا ۾ وڃي رهندا هئا“، گل ٻڌايو، ”سنڌ ڇڏڻ وقت آئون پنجن سالن جو هوس، مون کي گهڻو ياد نه آهي، ڪراچي بندرگاهه مان جهاز ۾ چڙهي ممبئي ڏي روانو ٿيڻ جو نظارو اڃا به ياد اٿم.“
گل آهوجا جي پيءُ جو نالو منگهارام آهوجا ۽ ڏاڏي جو گوبندرام آهي.”منهنجو پيءُ شڪارپور ۾ انگريزن جي اسپتال ۾ فارماسسٽ هوندو هو، ڏاڏي جو واپار سان تعلق گهٽ پر تعليم سان گهڻو هو. اسان ڪامورا سڏبا هئاسين ۽ واپاري هندن سان اسان جو گهڻو واسطو نه هو.“
گل آهوجا پاڻ به فارماسسٽ آهي. سندس دوائن ۽ ڊاڪٽرن سان واسطو آهي. پاڻ ٽيڪنيشن پڻ آهي. ”ٻين چئن ڊاڪٽرن سان گڏجي اسان هڪ سينٽرل اسپتال کولي آهي.“ گل ٻڌايو. ”هڏن ۽ جوڙن جي سور جا مريض، جن جو مشين ذريعي مالش ۽ گرم شعاعن سان گرمائش ڏئي علاج ڪرڻو هوندو آهي ، اهي مون وٽ ايندا آهن.“
گل جي زال ايلسا ناروي جي رهاڪو آهي بلڪ هن ڳوٺ جي آهي، جنهن ۾ هينئر هو رهن ٿا، پاڻ شهر جي ميونسپل آفيس ۾ آفيسرياڻي آهي.کين چوڏهن ۽ ارڙهن سالن جون ٻه ڌيئرون ديوي ۽ جينيٽ نالي آهن.
”آئون هتي ناروي ۾ ٻاويهه سال اڳ آيس، ان کان پهريان ڪئناڊا ۾ هوس، جتي ڏهه سال کن رهيس. مون کي اڄ به ڪئناڊا جو پاسپورٽ آهي. ڪئناڊا کان هڪ ڏينهن چار وڳا کڻي گهمڻ لاءِ نڪتس. اهو ئي سوچيم ته ڪنهن الڳ ٿلڳ جاءِ تي جتي پنهنجن مان ڪو نه هجي، اتي ان ملڪ ۾ مڪاني ماڻهن جي وچ ۾ وڃي رهندس. انهن ڏينهن ۾ هڪ ٻئي جي ملڪن ۾ اچ وڃ تي نه ويزا هئي ۽ نه جهل هئي.
”ملڪ ملڪ گهمندو جڏهن ناروي جي هن ڳوٺڙي ۾ پهتس ته منهنجي دل کي ڏاڍو وڻيو، واپس موٽڻ جو نالو نه وٺي هتي ٽڪي پيس. ٻن سالن بعد ايلسا سان مليس ۽ شادي ڪيم. منهنجا ٽي ڀائر موهن، سڀاش ۽ بارام ۽ ماءُ پيءُ بمبئيءَ ۾ ئي رهن ٿا، جن سان ملڻ لاءِ هڪ نه ٻئي سال بمبئي ويندو آهيان.“
”هتي جي ماٺ مٺوڙي بعد بمبئي جي گوڙ گهمسان ۾ دماغ چڪرائجي ويندو هوندانو؟“ مون پڇيو مانس.
”گهر کان ئي نه نڪرندو آهيان. اڄ کان ڏهه سال اڳ تائين بمبئي وري به ڪنهن حال ۾ هو پاڻ هاڻ ته ڏينهون ڏينهن اسان جي شهرن ۽ ملڪن کي خبر ناهي ڇا ٿيندو وڃي ... چوريون، هنگاما، ٺڳيون، مذهب ۽ زبان جي نالي ۾ هڪ ٻئي جون خونريزيون....“
”هتي جا ماڻهو سوچي نه ٿا سگهن ته ڪنهن دور ۾ اسان جي ڌرتي ڪيتري خوش حال ۽ سڌريل هئي.“ مون چوڌاري برف سان ڍڪيل خاموش جبلن ڏي ڏسي چيو.
”واقعي، اسان جي تهذيب، اسان جو ڪلچر، اسان جا شهر، اسان ماڻهو، ڪيڏو سڌريل هئاسين ۽ هي ماڻهو وائيڪنگ ڦورو لٽيرا سڏبا هئا. اڄ هي ماڻهو ۽ انهن جا ملڪ سڌري ويا آهن ۽ اسين تباهه ٿيندا وڃون. ڪنهن پکي يا جانور کي ڌڪ لڳي ٿو ته هتي جي ماڻهن جي دل ڏکي ٿي، يڪدم ان کي پنهنجي خرچ تي اسپتال وٺيو وڃيو دوا درمل ڪرائين، اسان وٽ رستي تي هنگامن، حادثن ۽ جهيڙن ۾ انسان جي جان ائين رت ڳاڙيندي، ڦٿڪندي رهي ٿي پر ڪنهن کي ڪا ڪهل، ڪو قياس نه ٿو اچي. ڪڏهن ڪڏهن مون کي لڳندو آهي ته ننڍي کنڊ جي تهذيب ۽ رحمدليءَ جون ڳالهيون، جيڪي اسان وڏن کان ٻڌيون يا ڪتابن ۾ پڙهيون سي افسانا ته نه هئا؟“
گل کي مون مانيءَ لاءِ ڪيترو جهليو هو پر ان هوندي به ڪٿان اٽو هٿ ڪري پاڻ ۽ سندس زال اڦڙاٽا ۽ ڀاڄي تيار ڪئي هئي.
”ڀائي توکي سنڌي ماني ٿا کارايون، سال ٿي ويا هوندئي اڦراٽا کاڌي“ گل چيو.
”منهنجي لاءِ اجائي تڪليف ڪئي، تو شايد چڱي طرح نه ٻڌو ته آئون مالمو (سئيڊن) ۾ فئملي سان رهان ٿو، اسان ته هر روز اهوئي کائيندا آهيون. مرچ مسالا ڪجهه ڳوٺان آندا هئاسين، ڪجهه شيون جهڙوڪ: پڪوڙن لاءِ بيسڻ، آچار، ڳڙ وغيره مالمو ۾ ايرانين جي دڪانن تان مليو وڃي، جيڪي اهي شيون لنڊن مان پاڪستاني ۽ هندوستاني دڪانن تان گهرائين ٿا.“
”او يار معاف ڪجانءِ، تو ٻڌايو ضرور هو ته تنهنجي فئملي سئيڊن ۾ آهي ۽ تون هفتي ٻن جي ٽوئر تي هتي ناروي آيو آهين، پر مون سمجهيو متان تنهنجي زال سئيڊن جي هجي، جنهن کي ماني پچائڻ نه ايندي هجي.“
گل جي زال ايلسا چيو: ” مون کي اهو سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته پاڪستاني يا هندستاني عورتون روز ڪيئن ٿيون ماني پچائين! مون کي ته اڌ ڏينهن لڳيو وڃي.“
” ۽ هنن کي وري ڊبل روٽي ٺاهڻ ۾ اڌ ڏينهن لڳيو وڃي، ان بعد به ڪڏهن اٽي ۾ خمير (Yeast) گهڻو پئجيو وڃي، ڪڏهن (Oven) جو ٽيمچريچر هيٺ مٿي ٿيو وڃي.“ مون چيومانس.
گل کان سنڌي رسالن ۽ گانن جي ڪئسٽن جو پڇيم.
”نه، مون وٽ ته نه آهن، پر توکي لڳي ٿو ته انهن جي ٻڌڻ جو شوق آهي، هينئر ممبئي ۾ هوس جتي منهنجي مائٽن وٽ ڏاڍا هئا، خاص ڪري هڪ اسان جي مائٽياڻي سوشي آهوجا آهي، اها تمام سٺي ڳائڻي آهي، کيس راڳ جي ڪوئل سڏين ٿا. آئون ڀاءُ کي لکان ٿو ته توکي ڪجهه ڪئسٽ سئيڊن موڪلي ڏي.“
رات جا ڏهه ٿيڻ وارا هئا، گل کي چيم ته هاڻ مون کي هوٽل تي ڇڏي اچ، تنهنجو چڱو وقت وڃايو اٿم. صبح ساڻ توکي به نوڪريءَ تي وڃڻو آهي ته مون کي به آفيس ۾ حاضر ٿيڻو آهي.
”يار ويهه ته صحيح ايڏي تڪڙ به ڇاجي؟“ گل ويهڻ لاءِ زور ڀريو.
”بس هاڻ هلجي، ائين ته هتي چئي نه ٿو سگهجي ته رات ٿي وئي آهي يا آڌي ٿيڻ وارو آهي، جو اڃا ته سج لهڻ جو ئي نالو نه ٿو وٺي، روشني ئي روشني لڳي پئي آهي.“
”صحيح ٿا چئو، ”گل کلندي چيو: ”اڃا ته مهينو سوا بعد چوويهه ئي ڪلاڪ سج رهندو. جنهن کي آڌي رات چئجي ان وقت سج لهي ۽ ٻي بجي (2-00 am) ڌاري اڀريو اچي ۽ صحيح معنيٰ ۾اونداهه ڪا ڪلاڪ کن جي مس ٿي ٿئي، سا به هتي جتي اسين رهون ٿا. مٿي اتر ۾ ته اونهاري جا ٽي مهينا کن سج لهي ئي ڪونه ۽ سياري جا ٽي مهينا کن سج اڀري ئي ڪونه. لڳاتار اونداهه ۽ رات رهي.“