جنهن کي وڻين مور بنائين....
اسان جو هوائي جهاز ڪوپن هيگن جي هوائي اڏي تان پوري وقت تي اڏاميو هو ۽ هاڻ پائليٽ طرفان ٿيل اعلان مطابق پوري وقت تي هيلسنڪيءَ ۾ لهي رهيو هو.
”مسافرن کي بيلٽ ٻڌڻ لاءِ اطلاع ڪجي ٿو، ٿوري دير بعد اسين فنلئنڊ جي بين الاقوامي هوائي اڏي هيلسنڪي تي لهنداسين ۽ جيسين ڏاڪڻ نه لڳي مسافرن کي عرض آهي ته هو پنهنجين جاين تي ئي ويٺا هجن. ڊئنمارڪ ۽ فنلئنڊ جي وقت ۾ ڪلاڪ جو فرق آهي ... ڏينهن جهڙالو آهي ۽ ٿڌڪار (ٽيمپريچر) واڌو ٽي ڊگريون آهن. اميد ته توهان جو هن هوائي جهاز ۾ سفر سٺو گذريو هوندو. مهرباني.“
دري مان هيٺ ڏٺم جهاز ڪافي هيٺ لهي چڪو هو پر اڃا ڪڪرن جي مٿان واري Altitude تي هو، پوءِ سگهوئي هيٺڀرو ٿيندو ويو...رستا ، وڻ ٽڻ، ننڍڙا ٻيٽ توڙي ڍنڍون ڍورا صاف نظر اچڻ لڳا. ساڄي پاسي واري دريءَ تي ٿائلينڊ جو مسٽر سوتي چائي هو. هڪ گهڙيءَ لاءِ اسان درين مان هيٺ ڏسڻ بدران هڪ ٻئي کي ڏٺو ۽ سوتي چائيءَ هيٺ اشارو ڪري چيو: ”ڏس ڏس! پاڻ کي وڏا شريف ۽ مهذب سڏائڻ وارا هي يورپي! وڻن جي ستيا ناس ڪري رهيا آهن.“
هيٺ چوڌاري پاڻي هو، رستا هئا، گهر هئا، باقي وڻ ئي وڻ هئا، جيستائين نظر وئي ٿي! جبل به ڊگهن وڻن سان جهنجهيا پيا هئا، پر انهن گهاٽن ٻيلن ۾ ڪٿي ڪٿي سوين ايڪڙن ۾ ڪٽيل وڻ هئا. انهن هنڌن تي ساوڪ بدران ڌرتيءَ جو ميٽوڙي رنگ نظر اچي رهيو هو، ڌرتيءَ جا اهي حصا هوائي جهاز مان ائين نظر اچي رهيا هئا، جيئن ڪنهن جي مٿي ۾ پاڪيءَ سان چَتيون نڪتل هجن. سوتي چائيءَ هڪ دفعو وري چيو:”هي سڌريل ملڪ پاڻ ڀلي وڻ ڪٽين، پاڻ ڀلي فئڪٽريون ڪارخانا ٺاهي انهن مان گئس ۽ دونهون ڪڍن- کين چوڻ واري ڪا پهر ناهي. اسان ڪٿي ڪو وڻ اڌ ڪٽينداسين ته مغربي پريس ۾ رڙ پئجي ويندي ته ٿائلينڊ وڻڪار ختم ڪري رهيو آهي، ملائيشيا وڻ وڍي هن ڌرتيءَ جي گرمائش وڌائي رهيو آهي، هر ڳالهه ۾ موچڙو مار ڪمزور تي آهي.“
سومر جو ڏينهن هو، شايد ان ڪري هوائي جهاز اڌ کن مس ڀريل هو. هن پاسي ماڻهن جي گهڻي چرپر جمع، ڇنڇر ۽ آچر ڏينهن رهي ٿي. هفتي جا اهي موڪل وارا ڏينهن Week- End سڏجن ٿا، باقي ڏينهن پورهئي ۽ محنت جا Week- Days سڏجن. بهرحال ٿورا ٿورا تڏهن به جهاز ۾ ڏيڍ سئو کن ماڻهو هئا، پر ايئرپورٽ تي لهي اميگريشن وٽ پهتاسين ته فقط اسين اٺ ڏهه ڌارين ملڪن (ايشيا ۽ آفريڪا) جا وڃي بچياسين، اسان جي پاسپورٽ چڪاس لاءِ الڳ دري هئي، جنهن تي Foreigners لکيل هو. ٻي دريءَ تي Scandinavian لکيل هو، (جيڪا فنلئنڊ ۽ هن تَرَ جي ملڪن: سئيڊن، ڊئنمارڪ، ناروي ۽ آئيس لئنڊ جي ماڻهن لاءِ هئي)، جنهن دريءَ تان هن پاسي جا ماڻهو پنهنجي پاسپورٽ يا شناختي ڪارڊ جي جهلڪ ڏيکاري، وڃي گهر ڀيڙا ٿيا.
اسين ڪارا، ڪڻڪ رنگا، هئڊا، ڦڪا، ميٽوڙي ۽ چاڪليٽي تنزانيا، يمن، پاڪستان، ٿائلينڊ، وينزوئلا ۽ ويسٽ انڊيز جا قطار ٺاهي اچي دريءَ اڳيان بيٺاسين. اسان لاءِ هيلسنڪيءَ جو هوائي اڏو به ڄڻ هالا جو ٽپال گهر هو. انچارج همراهه ويٺو هو پر جڏهن موڊ ٿئيس ته اسان جي ڪم جو اڪلاءُ ڪري. فلپين جو مسٽر گلبرٽ اهو حال ڏسي قطار مان نڪري، ڪنڊ ۾ رکيل ايمبارڪيشن فارم کڻي ڀرڻ لڳو.
” گلبرٽ اچ، فارم جي ڪهڙي ضرورت آهي، پاسپورٽ تي ويزا ۽ سڀ ڪجهه لکيو پيو آهي ته اسين گروپ ۾ سفر ڪري رهيا آهيون ۽ UNO جهڙي بين الاقوامي اداري جي يونيورسٽيءَ سان تعلق رکون ٿا،“ مون چيو.
”هنن جو ڪو ڀروسو ناهي،“ گلبرٽ چيو، ”پوءِ جو ساڳيو فارم ڀرجي، تنهن کان بهتر آهي آئون هينئر ئي ٿو ڀري وٺان.“
گلبرٽ جي ڳالهه صحيح نڪتي. پاسپورٽ چڪاس ڪرڻ واري ”پوليس واريءَ “ وينزوئلا ۽ تنزانيا جي همراهن کي ته فقط پاسپورٽ ڏسي ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪرڻ جي اجازت ڏني، باقي اسان کي چيو ته فارم ڀري اچو ته اسان جي ملڪ ۾ ڇو آيا آهيو، ڪٿي رهندائو، ڇا ڪندائو، ڪير آهيو ۽ ڪير توهان جي گئرنٽي کڻندو.. وغيره
ٿائلينڊ جي سوتي چائيءَ کي ڳالهه نه وڻي، ”پاڻ جڏهن اسان جي ملڪ ۾ ايندا آهن ته اسان ته ايڏي سختي نه ڪندا آهيو ۽ هن وقت ته اسان ذاتي چڪر تي نه آيا آهيون. اها اسان جي بي عزتي آهي، ترسو ته آئون اميگريشن واران سان ڳالهايان.“
سوتي چائي دريءَ وٽ ويو، پٺيان يمن جي مبارڪ به ڊگهي فارم کان بچڻ لاءِ سوتيءَ پٺيان وڃڻ جو ارادو ڪيو پر ان ئي گهڙيءَ سوتي چائي ڦلهوڙو منهن ڪري موٽيو.
مون يمن جي مبارڪ کي فارم ۽ پين ڏيندي چيو:
”ابا اچ. هاڻ ٿي پڪ. جتي ٿائلينڊ تي ئي سختي آهي، اتي پاڪستان ۽ يمن جهڙا ملڪ ڪهڙي باغ جي موري آهن.“
”وينزوئلا ته کڻي آمريڪا ۾ آهن،“ سوتي چائيءَ چڙ مان يمن جي مبارڪ کي چيو، ”پر تنزانيا تي اها مهرباني ڇو ڪئي اٿن، جيڪو آفريڪا جو ملڪ آهي.“
”بس تنزانيا جا ماڻهو توهان ٿائين وانگر پراين ملڪن ۾ ڦڏا نه ڪندا هوندا.“ يمن جي مبارڪ چيس.
”اوه نو! مسٽر مبالڪ!“ سوتي چائيءَ معصوميت مان چيو، هو اڄ ڏينهن تائين ”ر“ اچاري نه سگهيو آهي، ان ڪري مبارڪ کي مبالڪ ئي سڏي. “اسان ٿائين کي پنهنجو ئي ملڪ وڻي ٿو، جتي هر قسم جو سڪون ۽ سک آهي، هتي فنلئنڊ وارا جيڪڏهن اهو سمجهن ٿا ته آئون هتي سندن ملڪ ۾ رهي پوندس ته اها سندن وڏي غلط فهمي آهي.“
”وري به شڪر ڪر.“ مبارڪ ڏڍ ڏيندي چيس، ”اسان جي ملڪ يمن کي ته اسان جا عرب ملڪ توڙي يورپي دهشتگرد ٿا سمجهن.“
”پر اهو ڪيڏو غلط آهي جو هن وقت اسان هڪ بين الاقوامي اداري سان تعلق رکون ٿا ۽ هڪ ئي ملڪ سئيڊن کان اچي رهيا آهيون. ان حالت ۾ هتي جي اميگريشن کي سڀني سان هڪ جهڙو هلڻ کپي. اهو ڇا ته ڪن کي ائين پيا ڇڏين ته ڪن کي چور سمجهي انهن کان فارم پيا ڀرائين.“ سوتي چائيءَ چيو.
”هن وقت اهڙيون ڳالهيون ئي ڌيان ۾ نه آڻ.“ مون کيس آٿت ڏني، ”هتي ماڻهو پنهنجي ذاتي اخلاق کا به نه پر ملڪي ليبل سان سڃاتو وڃي ٿو ۽ اها ليبل هنن چوڌري ۽ وڏيرن ملڪن جي هٿ ۾ آهي، جنهن کي وڻين مور بنائين جنهن کي وڻين چور بنائين. جيستائين گڏيل روس جو وجود قائم هو. انهن سان دشمني پارڻي هئي ۽ ڌڪ ڪڍڻو هو ته پاڪستان کي مور بنايو ويو، جمهوريت جي ڳالهه ڪرڻ واري آمريڪا کي ان جو فوجي ڊڪٽيٽر به پئي وڻيو. ڪم نڪري ويو، روس ختم ٿي ويو ته هاڻ پاڪستان چور ٿي پيو آهي. جمهوريت هوندي به کين جمهوريت نظر نٿي اچي، سو هتي ڪير سٺو آهي يا ڪير خراب، ڳالهه ناهي. هتي راڻي اها سڏرائي ٿي جنهن کي راءِ چاهي ٿو.“
اميگريشن مان واندا ٿي ڪسٽم ۾ پهتاسين، ڪسٽم آفيسر هر هڪ جي سامان تي چاڪ سان ٽِڪ ڪندو ويو ۽ گڏوگڏ هڪ نظر پاسپورٽ تي به هڻندو ويو. منهنجي سامان کي به پاس ڪرڻ وارو هو ته منهنجي سائي رنگ جي پاسپورٽ تي نظر پوڻ سان ترسي پيو.
(Are you form Pakistan) هن مون کان پڇيو.
”جي ها.“ مون وراڻيومانس.
”يو ڊونٽ مائينڊ اِف آءِ چيڪ يوئر لگيج.“ هن تڪلف طور پڇيو. جواب کان اڳ مون بئگ کولڻ شروع ڪئي، مون کانپوءِ ٻيو جنهن جو سامان کولرايو ويو، اهو مبارڪ هو. منهنجي بئگ ڀرسان بئگ رکي، مبارڪ عربيءَ ۾ ڪسٽم واري کي گار ڏني.
”سڄي ميڙ ۾ کين اسان چور ٿا نظر اچون.“ هن مون کي چيو.
”انهيءَ ذلالت ڪري ته مون سئيڊن مان نڪرڻ نٿي چاهيو. ايشيا ۽ آفريڪا جا ملڪ ته هونءَ ئي هنن جي نظرن ۾ خراب آهن پر انهن ۾ به ڪي ڪي اسان جهڙن جا ملڪ وڌيڪ ئي خراب آهن، جن کي هو ههڙن موقعن مهلن تي ذليل ڪندا رهن ٿا.“