الطاف شيخ ڪارنر

جت برف پئي ٿي جام

الطاف شيخ جو ھي ڪتاب اتر يورپ ۽ اسڪئنڊينيوين ملڪن سئيڊن، ناروي ۽ فنلينڊ ۽ آئيسلينڊ ۽ ڊنمارڪ جي سفرنامي تي مشتمل آھي. ڪتاب جي ھر ليک ۾ مشاھدا، دلچسپي، نواڻ ۽ ڄاڻ آھي. ڪتاب ۾ ليکڪ يورپ جي ماڳ مڪانن، رهڻي ڪھڻي، ريتن رسمن کي مختلف موضوعن جي شڪل ۾ چٽيو آهي، الطاف شيخ هن ڪتاب ۾ پڙهندڙن کي مختصر جائزو وٺي يورپ گهمائي ٿو ۽ الطاف شيخ جڏهن پرڏيھ تي لکي ٿو تہ ڪيترين جاين کي پنھنجي ملڪ سان ڀٽيندو رھي ٿو. ڪتاب جو مھاڳ انور پيرزادي لکيو آهي. 

  • 4.5/5.0
  • 63
  • 10
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جت برف پئي ٿي جام

مهاڳ: ايڪويهن صديءَ جو سنڌ باد سيلاني

الطاف شيخ، شايد واقعي ڪو انوکو انسان آهي.
هو سامونڊي جهازن تي ڪم ڪري ٿو، دنيا جي بيشمار ملڪن ۾ گهمي ڦري ٿو، پر نه شراب پيئي، نه سگريٽ ڇڪي ۽ نه اهي ڪم ڪري جيڪي اسان جا وڏيرا فصل کڻي، پئسا جمع ڪري، يورپ ۽ پرڏيهه گهمڻ دوران ڪندا آهن. هو انهيءَ ”سامونڊيءَ“، جهڙو به ناهي جيڪو ڀٽائيءَ جو ڪردار آهي ۽ جنهن لاءِ هن چيو هو:

ٻيڙيءَ جي ڀُڻن، نينهن نه ڪجي تن سين،
اڀيون ڏنڀ ڏسن، جُهه سڙهه کڻي سير ويا.
يا
وڻجاري جي ماءُ، وڻجارو نه پلئين،
اچي ٻارهين ماههَ، پڻ ٿو سفر سنبهي،

مون کي الطاف شيخ جي نجي زندگيءَ جي ڄاڻ ناهي، پر ائين لڳندو آهي، ڄڻ هو فرمانبردار مڙس، ذميوار پيءُ ۽ پُرسڪون گهريلو زندگي گهارڻ وارو ماڻهو آهي.
هو عام سنڌي اديبن جيان به ناهي، جيڪي لکندا مَٽَ ۾ وجهندا ويندا آهن، پر انهن جا ڪتاب ڇپجي نه سگهندا آهن.
نه وري هو، هنن جيان پنهنجي مزاج ۾ ڪاوڙيل، ڪروڌي، محرومين جو ماريل يا ڏکن جو ستايل آهي. هو نه پولارن ۾ گهوري لکندو آهي ۽ نه شعور جي وهڪري ۾ لکندي لکندي لڙهي ويندو آهي. واقعي ئي الطاف شيخ هڪ انوکو انسان آهي.
هو سنڌي ادب جو اياز، امر جليل، نور الهديٰ شاهه ۽ علي بابا جيان Seller Best آهي، يعني هن جا ڪتاب جيترا ڇپجن ٿا اوترا کپيو وڃن. ڪيترن سنڌي اديبن ۽ شاعرن کان انهن جا پٽ ۽ ڌيئرون تقاضا ڪندا آهن ته کين الطاف شيخ جا ڪتاب ڏنا وڃن جو هو پڙهڻ گهرن ٿا. اهڙي هڪ اديب چيو:
مون پنهنجي ٻارن کي چيو ته پهرين منهنجا ڪتاب ته پڙهي پورا ڪريو...
پر هنن چيو ته نه، ان کي اڳ ۾ الطاف شيخ جا ڪتاب وٺي ڏيو.....
سنڌيءَ ۾ سياسي ادب جو ڪلچر ڏاڍو وڌيو آهي، پر اهڙا پڙهندڙ به الطاف شيخ جي لکڻين کي پسند ڪن ٿا، شايد ان ڪري جو هن جي ڪتاب ۾ سماجي حقيقتون جيئن جو تيئن ڏنل آهن ۽ ٻيو ته هو جيڪي لکي ٿو سو سماجي سنڌي پڙهندڙ لاءِ نئون نڪور آهي. ملڪ جهان جون اچرج ۾ وجهندڙ ڳالهيون، عجيب خبرون چارون، سامونڊي زندگيءَ جا سماچار ۽ دنيا جي ڀانت ڀانت جي ماڻهن جا مامرا.
ها الطاف شيخ جي لکڻين تي سنڌ جي ڪجهه ادبي حلقن ۾ تنقيدون به ٿينديون آهن. هن تي خاص تنقيد اها آهي ته هو سياست تي گهٽ لکي ٿو. ظاهر آهي ته پنهنجي عملي زندگيءَ ۾ هن جو سياست سان ڪو واسطو ڪونهي ۽ نه وري هن جو اهڙو مزاج ئي آهي. هو سياست ڪري ها ته، نه جهاز راني واري شعبي ۾ چيف انجنيئر جي عهدي تي رسي ها، نه ايترا ملڪ ڏسي سگهي ها ۽ نه لکي سگهي ها.
وري ڪي ماڻهو چوندا آهن ته الطاف شيخ جنهن موضوع تي لکي ٿو ان جي گهرائيءَ ۾ نه ٿو وڃي ۽ مٿاڇري نموني ان موضوع کي نباهي وٺي ٿو. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته اها به هن جي مجبوري آهي. مون کي گهڻي خبر ناهي ته الطاف شيخ جي لکڻ جو ماحول ڪهڙو آهي، پر هڪ احساس ضرور اٿم، ته هو بيحد مصروف ماڻهو آهي، جيڪو پنهنجي ملڪ کان ست سمنڊ پري رهي، جهاز جي انجڻ کي به هلائيندو رهي ٿو ۽ نوان نوان ڪورس به ڪندو رهي ٿو ۽ ان سان گڏوگڏ لکندو به رهي ٿو.
الطاف شيخ جو ڪمال اهو آهي ته هو پنهنجي بيحد مصروف زندگيءَ مان ايترو وقت ڪڍي سگهي ٿو، جنهن ۾ ڪتاب پورا ٿو ڪري، ڀلي ڦڙيءَ ڦڙيءَ تلاءُ ٿيندو هجي، پر پوءِ به هن جي روزاني زندگي عام سنڌي اديب جي ڀيٽ ۾ ڏهوڻي مصروف آهي. هن جي مصروف زندگيءَ جو هڪ اولڙو سندس هن ئي ڪتاب مان اچو ته ڏسون:
”يورپ پاسي دوستي رکڻ لاءِ ماڻهن کي ڪلبن ۾ وڃڻو پوندو آهي، جن ۾ رونق اڌ رات کانپوءِ ٿئي ٿي، پر پاڻ يونيورسٽي وارا سڄو ڏينهن ته يونيورسٽيءَ ۾ گذاريون ٿا، پر شام جو به ڪمري ۾ ويٺا نيول آرڪيٽڪيچر ۽ Strength of materials جهڙا حسابي سبجيڪٽ پڙهون. ڪلبن جو رخ رکڻ بدران هر ڪو سوير ئي سمهيو پوي، جو ٻئي ڏينهن وري يونيورسٽي وڃڻو آهي. ان کانسواءِ ڌارين ملڪن کان آيلن جي هتي جي ماڻهن سان دوستي ياري ڏينهن جو آفيس ۽ ڪارخانن ۾ ٿئي ٿي. اسان جو جيڪو ڪارخانو يا آفيس آهي، سا يونيورسٽي آهي، جنهن ۾ سئيڊن جي سونهن بدران ڪينيا جي ڪاري ”فيلي“ آهي يا ”عبدالله“. سعودي عرب جو اهو جبي وارو صالح الشعاري آهي يا ٻُچي ڏاڙهي وارو ايراني علي رضا. پنهنجو وڏي مٿي وارو بنگالي ”مظهر“ آهي يا سريلنڪا جو سنهڙو ”پريرا“. گُهنڊي وارن وارو سوڊاني عبدالهادي آهي يا نائيجيريا جو وڏين مڇين وارو ”جان ائمزي“. پوءِ سڄو ڏينهن انهن سان ملبو ته ظاهر آهي دوستي ياري به انهن سان ئي ٿيندي.“
ان مان ظاهر آهي الطاف شيخ اهڙو پيشيور سياح ناهي جنهن جي زندگيءَ جو مقصد دنيا جي مختلف ملڪن، ماڻهن ۽ جاين کي گهمي ڦري ڏسڻ ۽ پوءِ ويهي ان تي تفصيلي طرح لکڻ آهي. الطاف جهڙي ليکڪ کي ته اڃا به واڌارو وقت گهرجي جنهن ۾ هو ملڪن، ماڻهن ۽ جاين بابت ٻين مصنفن جا لکيل ڪتاب ويهي پڙهي، حوالا جمع ڪري، نقشا ٺاهي، تصويرون جمع ڪري ۽ پوءِ پنهنجي راءِ قائم ڪرڻ لاءِ ان موضوع تي ٻين ماهرن سان ذاتي ڪچهريون ڪري يا انهن کان انٽرويو ڪري.
ايترو وقت الطاف شيخ وٽ آهي ئي ڪونه. هو جڏهن جهاز تي آهي تڏهن چوويهه ئي ڪلاڪ هن جي ذهن تي اها ڳالهه آهي ته جهاز جي انجڻ هن لمحي صحيح ڪم ڪري ٿي يا نه. انجڻ جي ڪم ۾ ڪنهن وقت به نقص پيدا ٿيڻ تي هن کي ڪمرو ڇڏي ٽي چار طبقا هيٺ انجڻ روم ۾ پهچڻو پوي ٿو. جيڪڏهن جهاز سامونڊي طوفان ۾ ڦاسي پوي ته پوءِ الائي ڪيترا ڏينهن ۽ راتيون هن کي جاڳي گذارڻيون پون ٿيون.
پر اهڙي زندگيءَ ۾ به جيڪڏهن هن کي ٿورو وقت ملندو هوندو ته ان ۾ هو آرام ڪندو هوندو، کائيندو پيئندو ۽ کڻي ڪجهه لکندو هوندو. هن جا ڪي پڙهندڙ هن کان جيڪا توقع رکن ٿا ته هو جنهن به ملڪ يا معاشري تي لکي، ان جي ڊگهي تاريخي پس منظر ۾ هليو وڃي، مختلف طبقن جي ماڻهن کان انٽرويو ڪري، ان ملڪ جي سياست، ادب، ڪلچر، سماجي اوڻاين ۽ خاصيتن تي لکي، اتي جي ٻوليءَ ۾ ڪيل شاعري جي تصوير چٽي، وغيره وغيره، سو في الحال الطاف شيخ ڪرڻ به چاهي ته ناممڪن نه سهي پر مشڪل ضرور آهي. اهڙو تحقيقي ڪم ڪُل-وقتي سياح ۽ ڪل- وقتي ليکڪ ئي ڪري سگهي ٿو. ان جي باوجود هو جيڪي ڪجهه لکي رهيو آهي ان مان سنڌي پڙهندڙ لاڀ پرائي ٿو، هن جي معلومات ۾ اضافو ٿئي ٿو، هن کي دنيا جي مختلف ملڪن بابت مٿاڇري ئي سهي ڄاڻ ملي ٿي ۽ سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ يڪسانيت واري ادب جي ڀيٽ ۾ رنگيني به ملي ٿي.
سنڌ ۾ ڪافي وقت کان وٺي جيڪو ادب پيدا ٿي رهيو آهي ان ۾ يڪسانيت وڌيڪ، رنگيني يا Variety گهٽ آهي. ان جو وڏو ڪارڻ اهو آهي ته اسان جا ليکڪ گهڻو تڻو، ”ڊرائينگ روم جا دانشور“ ٿي رهيا آهن، جن جو ماحول ۽ وايو منڊل سالن کان وٺي ساڳيو آهي، جنهن ڪري انهن جي ڪردارن، ٻوليءَ ۽ تصور ۾ هڪجهڙائي ورجائجي ٿي.
اها حقيقت آهي ته نئون نڪور علم گهر کان نڪرڻ سان ملي ٿو. هڪ هنڌ رهڻ سان ليکڪ جي تصوراڻي اڏام کي به ڪَٽُ لڳيو وڃي. اسان جو اديب گهڻو چُر پُرَ ۾ ناهي، ان ڪري هن جي ڪهاڻين ۽ شعرن جا موضوع گهڻو ڪري ساڳيا ۽ ٻولي گٺل پيٺل ٿئي ٿي. آئون ته ايئن چوندس ته ليکڪ ٿيڻ پڻ هڪ ڪُل- وقتي ڪم آهي، پر اسان وٽ گهڻو ڪري سڀ جا سڀ ليکڪ پنهنجي روزاني زندگي جو جزوي وقت لکڻ کي ڏئي سگهن ٿا، ڇاڪاڻ ته کين پنهنجي ۽ ڪٽنب جي پيٽ واري دوزخ کي به ڀرڻو پوي ٿو.
اهو به هڪ سبب آهي جو الطاف شيخ جيڪو مختصر يا مٿاڇرو جائزو وٺي پنهنجي پڙهندڙ کي دنيا گهمائي ٿو، سا پڙهندڙ لاءِ نئين آهي جنهن ڪري هو ان ۾ گهري دلچسپي وٺي ٿو، پر بهرحال، ان جي باوجود الطاف شيخ، هن وقت جيڪي لکي رهيو آهي، ان ۾ مواد آهي. مون کي لڳي ٿو ته وقت گذرڻ سان هن جي مشاهدي ۾ گهرائي اچي رهي آهي ۽ هو روزاني زندگيءَ جي مٿاڇڙين ڳالهين سان گڏ سنجيده سماجي، اقتصادي، فني ۽ سياسي معاملن تي به ٽڪا ٽپڻي ڪري.
هن ڪتاب ۾ ڏسو هڪ هنڌ ڇا لکيو آهي:
”آئون چوان ٿو ته هتي جا ماڻهو ڪي امير ناهن“، ستنام چيو، ”اسان جي ملڪن جي ڪنهن فقط هڪڙي شهر جي ماڻهن جو گهر ۾ رکيل سون گڏ ڪري، سئيڊن جي سمورن ماڻهن جي سون سان ڀيٽيجي ته هنن وٽ ايترو نه ٿيندو جيترو اسان وٽ آهي. پر ڇاهي جو هنن وٽ زندگي آهي، جيڪا اسان وٽ ناهي. سئيڊن جا ماڻهو ڪو امير نه آهن پر ڇاهي جو هنن وٽ سسٽم آهي، هڪ قاعدو قانون آهي، جيڪو غريب توڙي امير لاءِ ساڳيو آهي. اسان جي فيملي امرتسر جي وڏن زميندارن مان آهي. اتي جي مون واري بنگلي اڳيان هي هتي جي ٻن ڪمرن وارو فليٽ ڪجهه ناهي. نوڪر چاڪر ۽ هاري ناري اٿم، پر ته به اتي دل نٿي لڳي جو ڪا گهڙي ڪنهن جهڙي، اجايو سجايو ڪوڙن ڪيسن ۾ پوليس جهلي وڃي ته ڪو داد فرياد ٻڌڻ وارو نه ٿو ٿئي. پر هتي اهي ڳالهيون نه آهن. توهان حق تي آهيو ته دنيا ڀلي اٿلي پوي، توهان جو ڪو حق ماري نه سگهندو. آفيس ۾ پهچي آفيسر کي منٿون ڪرڻ يا رشوتون آڇڻ بدران فون تي پنهنجي تڪليف بيان ڪري سگهو ٿا ۽ توهان جو ڪم گهر ويٺي ٿي ويندو. اها ڳالهه هنن گورن ۾ آهي ۽ اسان وٽ نه ٿي سگهي آهي. ان ڪري ته آئون چوان ٿو ته:
India or Pakistan are not poor but their system is poor
(هندوستان يا پاڪستان غريب ناهن، پر انهن جو نظام بيڪار آهي).“
هونئن الطاف شيخ جڏهن پرڏيهه تي لکي ٿو ته هو ڪيترن جاين کي پنهنجي ملڪ سان پڻ ڀيٽي ٿو. نيويارڪ جي علائقي کي خانواهڻ سان ڀيٽڻ يا مالمو جي شاندار لائبريري تي لکندي ان شهر کي سنڌ جي ٽنڊي آدم سان ڀيٽڻ سبب هن جي لکڻين ۾ جان پيدا ٿئي ٿي. يورپ مان شادي ڪرڻ وارن شوقينن جي معلومات ۾ اضافو ٿيندو جيڪڏهن هو سندس ڪتاب ۾ انهن ذهني بيمار عورتن (Problemmatic Women) بابت پڙهندا. اهڙي طرح الطاف شيخ جا ڪتاب سنڌين لاءِ پرڏيهه جا ”سونهان“ ٿين ٿا.
سو اسان کي ضرور اهڙي آس رکڻ گهرجي ته الطاف شيخ جڏهن رٽائر ٿيندو، تڏهن پنهنجي سموري زندگي جي سفر نامي کي سهيڙي، تحقيق ۽ کوجنا ڪري، سنڌي ادب کي اهڙو ڪتاب ڏيندو جنهن سان هو، ”ايڪويهين صديءَ جو سنڌ باد سيلاني“ ٿي مڃتا ماڻيندو.

انور پيرزادو
26 آڪٽوبر 1994ع
گلشنِ حديد، ملير، ڪراچي
ٽيليفون نمبر 34535227