بيروزگاريءَ ۾ سرڪاري مدد
پهرين ته ڪيترن کي هنن ڏورانهن ملڪن جي خبر ئي نه هئي. بلڪل اتر ۾، دنيا جي پوڇڙ تي، اتر قطب ڀرسان هي ملڪ آهن. ڪو ڀلجي هن پاسي آيو به ٿي ته هتي جي سخت سيءَ ۽ اوندهه انڌوڪار جو سوچي ڀڄي ويو ٿي. رڳو اهي ترسيا ٿي جن جي ٻي ڪا واهه نه هئي ۽ هنن ان کي پنهنجو سمجهي پاڻ وٽ رکيو ٿي _ چاهي اهو مسلمان هجي يا هندو ٻوڌي، آفريڪي ڪارو هجي يا ايشيائي ڦڪو پيلو ڪڻڪ رنگو، پورهئي لاءِ آيو هجي يا سياسي ظلم کان تنگ ٿي، هن کي پنهنجو سمجهي هر سک ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪيائون ٿي.
ٻي وڏي لڙائيءَ کان پوءِ پهريان ويهه، پنجويهه سال رڳو يورپ جي اوسي پاسي جي غريب ملڪن (پولينڊ، آسٽريا، هنگري، رومانيا، يوگوسلاويا ويندي ترڪي ۽ يونان) جا ماڻهو سئيڊن جهڙن ملڪن ۾ آيا سي ايڪڙ ٻيڪڙ هئا، پوءِ ڪجهه فلسطيني، لبناني، ڏکڻ آمريڪي پنهنجن ملڪن ۾ ٿيندڙ ظلمن کان ڀڄي هتي آيا. ڪي پاڪستاني ۽ هندوستاني نوڪرين لاءِ به آيا. پوءِ جڏهن ڏٺائون ته هتي ته موج مزو لڳو پيو آهي ته جتان ڪٿان اچڻ وارن جو تعداد ويو وڌنڌو. ڪرد، عراقي، شامي، مصري، افغاني، ايراني خبر ناهي ڪٿان ڪٿان جا ماڻهو هتي گڏ ٿيڻ لڳا. پوءِ ڪي واقعي مظلوم ۽ ستايل هئا ته ڪي حالتن مان فائدو وٺي پهچڻ لڳا. مثال طور عراق جي جنگ ۾ نه فقط عراقي پر موراڪو، ٽيونيشيا، الجيريا جهڙن ملڪن جا به اچي نڪتا. سڀ چوڻ لڳا ته اسان عراقي عرب آهيون، اسان کان سڀ ڪجهه ڦرجي ويو، اسان کي پناهه ڏني وڃي. سئيڊن پهچڻ کان اڳ هنن پاسپورٽ ڦاڙي ڇڏيا ٿي ۽ زبان سڀني جي عربي هئي سو هنن تي اعتبار ڪري سئيڊن جي حڪومت کين پنهنجي ملڪ ۾ رهائش ڏيندي وئي. هڪ دفعو، Citizenship ۽ پاسپورٽ ملڻ تي هنن وري ٻيا مٽ مائٽ گهرايا- ڪوڙين سچين شادين ذريعي. ڇو جو مٿي لکي آيو آهيان ته هن ملڪ جي قانون موجب ڪو به هڪ دفعو سئيڊن جو ٿي وڃي ته هو شاديءَ ذريعي ٻئي کي به گهرائي سگهي ٿو. نه فقط شاديون ٿيڻ لڳيون پر جهٽ جهٽ طلاقون ۽ طلاق وارن مان هر هڪ وري هڪ هڪ پنهنجو نئون ساٿي گهرائڻ لڳو.
ڪيتريون ئي ٺڳ ايجنسيون نڪري پيون جيڪي پئسا وٺي آمريڪا ۽ ايشيا جي ماڻهن کي لڪائي هنن ملڪن ۾ آڻڻ لڳيون. ڪي ايئرپورٽ تي اچي واپس وڃڻ جو نالو نه وٺڻ لڳا. پاڪستان ۾ ايران يا عراق جهڙي جنگ يا ظلم نه هو ته اسان جي ماڻهن وري اهو چئي هتي رهڻ اختيار ڪيو ته اسان احمدي آهيون ۽ اسان احمدين تي پنهنجي ملڪ جا ماڻهو ظلم ٿا ڪن. ڪي ايراني ۽ عرب ملڪن جا ماڻهن خاص ڪري عورتون اهو به بهانو ڪري آيون ته اسان جي ملڪ ۾ اسلام مذهب آهي، جيڪو عورت کي اها آزادي ۽ حق نٿو ڏئي جيڪي مغربي سوسائٽي ۾ آهن. اڄ به ڪيترا اهڙا بي غيرت هنن ملڪن ۾ ملن ٿا جن کان مغربي پريس جڏهن به چاهي ٿي ته اسلام جي خلاف جهٽ پٽ بيان حاصل ڪريو وٺي.