ويتر ڪِڪِلي ٿي پيئي
آئون چپ. هر وقت ٻڌندو رهيس ٿي ۽ سندس مڙس لاءِ سچي دل، پيار ۽ محبت جي دل ئي دل ۾ واکاڻ ڪيم ٿي.
”اسان مشرق جا رهاڪو،“ مون دل ئي دل ۾ سوچيو، ”رڳو پاڻ کي سچو عاشق سمجهون ٿا. هير رانجهو، ليلا مجنون، سسئي پنهونءَ جو وجود فقط مشرق ۾ سمجهون ٿا، پر ڀلا ڀائيءَ جو ڇيهه ناهي. سچي دل واريون موملون ۽ سسيون مغرب ۾ به پيون آهن.“
”بدقسمتيءَ سان توکي اولاد به نه آهي!“ هڪ ڏينهن مون چيو هومانس.
”نه پهرين مڙس مان ٿيو ۽ نه ٻئي مان،“ پاڻ ٻڌائين.
”هن کان اڳ به تنهنجي ڪنهن سان شادي ٿي هئي ڇا-؟“ مون پڇيومانس.
”ها، پر گهڻو اڳ.“ وراڻيائين.
”پوءِ اهو ڪيئن گذاري ويو-؟“ پڇيومانس.
”نه، اهو گذاري نه ويو پر مون ڇڏي ڏنومانس. اڄ به اهو جيئرو آهي، ڊئنمارڪ ۾ رهي ٿو.“ سمنڊ جي هن پار ڪوپن هيگن جي عمارتن ڏي اشارو ڪري ٻڌائين،” ڪڏهن ڪڏهن ڪرسمس تي يا نئين سال تي فون ڪندو آهي.“
”ٺهيو“ مون دل ئي دل ۾ چيو ۽ کانئس سندس ٻين مڙسن جو پڇيو.
”ٻن کان وڌيڪ مڙس نه ڪيم جيتوڻيڪ هڪ فرينڊ سان ٻه سال گڏ گڏ رهيس ۽ ٻئي سان ڇهه مهينا کن، پر اسان جي افيئر شاديءَ تائين نه پهتي. اهي ٻئي ٻي وڏي لڙائيءَ وارن ڏينهن جا آهن جڏهن آئون ٽين ايج هيس. هڪ ماٽيتي ڀيڻ پئرس (فرانس) ۾ رهي ٿي. هوءَ مون وٽ ۽ آئون هن وٽ اڪثر ويندي رهان ٿي، هينئر به سوچيان پئي ته ان وٽان پئرس مان چڪر ڏئي اچان.“
”اهو ته تمام سٺو. تنهنجي دل وندري ويندي،“ مون سندس همت افزائي ڪئي.
بهرحال مڙس مري وڃڻ کان پورن چاليهه ڏينهن بعد هيءَ ايسٽر جي ڏينهن ۾ پئرس رواني ٿي وئي. هفتو ٻه نظر نه آئي، پورن ويهن ڏينهن بعد موٽي ته سندس هڪ هٿ ٿيلهي ۾ هو (جنهن ۾ ڪپڙا وجهي وئي هئي) ۽ ٻيو هٿ پاڻ جهڙي ڪراڙي مڙس جي چيلهه ۾ هو. خبر پيئي ته پئرس پهچڻ سان مئڊم يوزيءَ کي هڪ نائيٽ ڪلب ۾ هي رنڙ يار ملي ويو ۽ ٻئي هڪ ٻئي سان ٺهي ويا. هفتو کن به ڪو مس ڀيڻ جي گهر رهي ان بعد پنهنجو ٿيلهڙو ۽ ڦلهڙو منهن کڻي وڃي هن يار وٽ ٽڪي. واپسيءَ تي هن کي هيڏانهن لڏرائي آئي.
مڙسالو هن ڪراڙيءَ مان خوش يا هن ملڪ سئيڊن مان متاثر ٿي لڳو جو وڏي ادب، پيار ۽ پاٻوه مان هن ڪراڙي حسينا کي ٻانهن کان وٺي ههڙي ٿڌ ۽ پاري ۾ ڪڏهن شهر جي هن چوراهي تي ته ڪڏهن هن تي، ڪڏهن ڪنهن سئنيما هال جي ٻاهران ته ڪڏهن برف سان ڍڪيل پارڪ ۾ واڪ ڪندي نظر آيو ٿي ۽ هيءَ اسان واري ڪراڙي به هڪ عدد نئين مڙس ماڻڻ سان ويتر ڪِڪِلي ٿي پيئي. بس مان به تيسين قدم هيٺ نه پئي لاهي جيسين هي نئون يار پهرين پاڻ لهي پوءِ هن کي هٿ کان جهلي هيٺ لهڻ جو اشارو ڪري. لفٽ ۾، بس ۾، رستي تي، کِلڻ جي ڳالهه هجي يا نه وتي ٽهڪڙا ڏيندي. هونءَ يوزي اسان کي سمجهائيندي هئي ته ٻاهر ٿڌ ۾ گهڻو نه ڳالهائجي ۽ نه وات تي هٿ رکڻ بنا اوٻاسي ڏجي، ڇو جو برفاني ٿڌي هوا وات ۾ يڪدم وڃڻ ڪري ٿڌ تپ نمونيا ٿيو پوي يا وات جي ڄاڙي ڦريو وڃي ۽ هاڻ سائين ماشا الله پاڻ ته جهڙي بيبي زليخا ٿي پئي. ناز نخري، ويس وڳي، لالي سرخيءَ ۾ ته هونءَ ئي گهٽ نه هئي، هاڻ ته ننهن کي به ٽيڪنيڪلر نيل پالشون هڻڻ لڳي ۽ انهن سان مئچ ڳچيءَ ۾ مفلر ۽ ٽوپ پائڻ لڳي. يوزي هڪ عورت سا به وڏي عمر جي هجڻ ڪري، احترام ۾، بلڊنگ جو مين گيٽ يا لفٽ جو در اسين کوليندا هئاسين، پر هاڻ ته هن لاءِ ان قسم جا ڪم سندس مڙسالو ڪرڻ لڳو. ڪڏهن ڪڏهن ته هو ويچارو اسان لاءِ به در جهلي بيهندو هو، يا ڪڏهن موڊ ۾ هوندي هئي ته پهرين ستين فلور تي اسان کي لاهي پوءِ هيٺ پنهنجي چوٿين فلور تي ويندي هئي. فرينچ زبان ۾ سندن مڙس سان اسان جون به تعريفون ڪندي هئي ته اسان سندس خيال رکون ٿا. ظاهر آهي سڄي بلڊنگ ۾ رهندڙ هتي جي گورن کي ٻئي لاءِ ڪهڙو وقت ۽ همدردي جو ويهي هن پوڙهي يوزي جون کٽيون مٺيون ڳالهيون ٻڌن. اسين واندا هئاسين ۽ خدا ڪارڻ ٻڌيونسين ٿي. بهرحال سندس هي يار يا نئون مڙس، شروع ۾ مٿانئس قربان ۽ فدا پيو ٿيندو هو ۽ پڪ هن خاتون تان پنهنجي جان ته ڇا پر پئرس ۽ سڄي فرانس پيو قربان ڪندو هو، پر هاڻ هفتو ڏيڍ به مس گذريو ته جهڙو پنهنجي ئي بت مان بيزار پئي لڳو. پنهنجي ڪراڙي محبوبا لاءِ بلڊنگ جو يا لفٽ جو در کولڻ يا ته وسري ويس ٿي يا اهڙي بيزاريءَ مان کولڻ لڳو ٿي ڄڻ سندس ٻانهن جي Mechanism جا يا لفٽ جي دروازي جا ڪَلَ پرزا گسي ويا هجن يا تيل گريز ختم ٿي ويو هجي.