الطاف شيخ ڪارنر

جت برف پئي ٿي جام

الطاف شيخ جو ھي ڪتاب اتر يورپ ۽ اسڪئنڊينيوين ملڪن سئيڊن، ناروي ۽ فنلينڊ ۽ آئيسلينڊ ۽ ڊنمارڪ جي سفرنامي تي مشتمل آھي. ڪتاب جي ھر ليک ۾ مشاھدا، دلچسپي، نواڻ ۽ ڄاڻ آھي. ڪتاب ۾ ليکڪ يورپ جي ماڳ مڪانن، رهڻي ڪھڻي، ريتن رسمن کي مختلف موضوعن جي شڪل ۾ چٽيو آهي، الطاف شيخ هن ڪتاب ۾ پڙهندڙن کي مختصر جائزو وٺي يورپ گهمائي ٿو ۽ الطاف شيخ جڏهن پرڏيھ تي لکي ٿو تہ ڪيترين جاين کي پنھنجي ملڪ سان ڀٽيندو رھي ٿو. ڪتاب جو مھاڳ انور پيرزادي لکيو آهي. 

  • 4.5/5.0
  • 65
  • 12
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جت برف پئي ٿي جام

سئيڊن جي ماڻهن بابت

هن ملڪ (سئيڊن) جي رهاڪن بابت ڪنهن واهه جو تجزيو لکيو آهي! چي سُئيڊ (سئيڊن جا ماڻهو) عجيب انسان آهن، هو قد ۾ ڊگها ٿين ٿا. هنن جون اکيون آسماني نيري رنگ جون ۽ وار ڪڪرن جهڙا ( Blonde) ٿين. مٿي تي گرم ٽوپلو هوندن.
عام طرح سُئيڊ طبيعت جو شرميلو، سنجيدو ۽ پنهنجو منهن وٺي هلڻ وارو ٿئي ٿو. هو پورهيت ۽ پنهنجي ڪم سان ڪم رکڻ وارو ٿئي ٿو. کل ڀوڳ جهڙي شيءِ کان اڻ واقف لڳندو، عادت جو غلام آهي، يعني هر ڳالهه جي عادت ڪري ڇڏي اٿس، آفيس جو وقت اٺ هوندو پر روزانو ساڍي پنجين ئي اٿي وهندو جيئن اخبار پڙهڻ لاءِ کيس وقت ملي سگهي. ان مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته سئيڊ اخبار پڙهڻ جا سست آهن.
پنهنجي پاڻ کان علاوه هن جون ٻيون پسنديده شيون پئسو ڏوڪڙ، نوڪري، گهر، هاڪي کيڏڻ جي اسٽڪ ۽ پنهنجو ڪٽنب آهي (انهي ئي ترتيب سان). هن کي جانورن سان پڻ پيار آهي، خاص ڪري ڪتن سان- هو ڪلاڪن جا منهن شهر ۾ سائيڪل هلائيندو ۽ پٺيان رسي ذريعي هڪ بگهڙ جهڙي پاليل السيشن ڪتي کي به ڇڪيندو.
سئيڊن جو ماڻهو گهڻو ڪري ايماندار، وقت جو پابند، ڀروسي جوڳو ۽ صاف سٿرو ٿئي ٿو. کيس پنهنجا ئي قدرتي ڏند ٿين ۽ قانون جو دل سان ادب ڪري ٿو. غير قانوني ڪم کان ڪوشش ڪري پاسو ڪري ٿو، جنهن جو مثال توهان کي اڪثر رستن تي نظر ايندو. پري پري تائين کڻي ڪجهه به نه هجي، پر سئيڊ سخت ٿڌ ۽ بارش ۾ پُسندو رهندو پر رستو نه ٽپندو، جيسين ڳاڙهي بتي وسامي سائي نه ٿئي. اهڙي طرح هو ڪار ۾ هميشه سيٽ بيلٽ ٻڌي ويهي ٿو. شراب پي ڪڏهن به ڊرائيونگ نٿو ڪري. ٽي ويءَ سان گڏ باقاعدي ٽي ويءَ جو لائسنس پڻ ٺهرائي ٿو، انڪم ٽئڪس وقت تي ادا ڪري ٿو. سئيڊ ماڻهو ڪتي سان گڏ هر وقت پلاسٽڪ جي ٿيلهي به کڻي ٿو، ڪهڙي خبر ڪنهن مهل سندس ڪتي کي فارغ ٿيڻ جي ضرورت پوي ۽ هن کي رستي تان ان جو گند کڻي رستو صاف ڪرڻو پوي. رات جو ڏهين کانپوءِ ڪڏهن به نٿو وهنجي. (هتي جي قانون موجب فلئٽ ۾ رهڻ واري کي پاڙيسريءَ جو خيال رکڻ ڪارڻ ڏهين کانپوءِ نه زور سان ڳالهائڻو آهي، نه ٽي وي/ ريڊيو جو آواز مٿاهون ڪرڻو آهي ۽ نه وهنجڻو آهي. ڇو جو وهنجڻ سان پاڻيءَ جي شپڪي جو آواز ۽ پائيپ جو گڙ گڙ پاسي واري، هيٺين يا مٿين فلئٽ ۾ رهندڙ کي ڊسٽرب ڪري سگهي ٿي).
سئيڊ ماڻهو هر ڪم ڪندي خبردار رهي ٿو. هر ڳالهه سوچي سمجهي ڪري ٿو. ائين بنا سوچ، اڇل ۽ هوڙيائيءَ سان ڪو به ڪم نٿو ڪري، سواءِ ڇِڪَ ڏيڻ جي. هن لاءِ هر ڳالهه جو فيصلو زندگي ۽ موت برابر رهي ٿو.
مثال طور مکڻ يا پنير وٺڻ جهڙو ڪو معمولي ڪم هوندو ته به سئيڊ تڪڙ نه ڪندو، هو ڏهن دڪانن تان ڏهه ڏهه جنسون ڏسي پوءِ مس مس اڌ پاءُ وٺندو. سندس نس نس ۾ ڀريل شايد هيءَ اها ئي خبرداري جي عادت آهي، جنهن جي ڪري هو شاديءَ جهڙي ڪم ۾ به تڪڙ نٿو ڪري. يڪدم شادي ڪرڻ بدران پسند جي عورت سان پهرين ڳالهائي ٻولهائي ٿو، پوءِ ساڻس گڏ رهي ٿو ۽ پوءِ هڪ ٻه ٻار ٿيڻ بعد، جي ڳالهه وڻيس ٿي ته پوءِ عورت کان شاديءَ جو پڇي ٿو ته نڪاح نامي تي صحيح ڪجي يا نه _ يعني رسمي طرح شادي ڪجي يا هرڪو آزاد ٿي وڃي.
شاديءَ جي ڳالهه نڪتي آهي ته اهو به ٻڌائيندو هلان ته سئيڊ مرد باقي يورپي مردن کان نرالو آهي. هو هر اهو ڪم بهتر نموني سان سرانجام ڏئي سگهي ٿو، جيڪو زال ذات ڪري سگهي ٿي. رڌ پچاءَ کان ڪاڄ ٽوپي تائين. سچ ته اهو آهي ته سئيڊ مرد کي زال جي هر ڪم ۾ ڀائيوار ٿيڻو پوي ٿو _ سواءِ ٿڃ ڏيڻ جي.
هتي سئيڊن ۾ ٻار کي اسڪول ۾ هفتو زال ڇڏي ايندي ته هفتو مرد. ٻار کي کارائڻ پيارڻ ۽ نئپيون بدلائڻ جهڙا ڪم عورت سان گڏ مرد به ڪري ٿو، ڇاڪاڻ جو هتي جي مرد توڙي عورت جي زندگي توڙي سماجي درجو برابر آهي.
دنيا ۾ جيڪي ڪجهه وهي واپري رهيو آهي، ان جي ڄاڻ کان سئيڊ پاڻ کي واقف رکي ٿو ۽ هر وقت ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪنهن نه ڪنهن قسم جي معلومات حاصل ڪرڻ ۾ لڳو رهي ٿو، جهڙوڪ: ائٽمي هٿيارن جا انگ اکر جمع ڪرڻ، ٽين دنيا جي مالي وسيلن بابت اپاءَ، دنيا جي سمنڊ ۽ هوا ۾ وڌندڙ گندگيءَ بابت، سائوٿ آفريڪا جي نسلي فرق بابت، سئو پيريءَ جي جنسي ضروريات بابت، وغيره.
ساڳي وقت هو غير اهم شين ڏي تمام گهٽ ڌيان ڏئي ٿو، ان ڪري هن کي ڪڏهن به ان جو گهڻو خيال نٿو رهي ته سندس پاڙيسري ڪير آهي، شراب پيئڻ مان نقصان آهن يا فائدا، وغيره. گهڻا تڻا سئيڊ پنهنجي صحت کي صحيح رکڻ جي معاملي ۾ اصل ديوانگيءَ جي حد تائين چريا آهن ۽ ان چڪر ۾ هو پنهنجا موڪل وارا ڏينهن رستن تي ڊوڙندي گذاريو ڇڏين يا هيٺ بُهري (Basement) ۾ زمين سان قابو ٿيل سائيڪل هلائيندي برباد ڪريو ڇڏين. تندرست رهڻ جي فڪر ۾ هنن ڪيتريون ئي شيون ڇڏي ڏنيون آهن، جهڙوڪ: سگريٽ ڇڪڻ، ڪافي پيئڻ، صبح جو نائين کانپوءِ سمهڻ ۽ اڻ واقفڪار کي کيڪارڻ وغيره.
پر انهن سڀني گڻن مان سئيڊ ماڻهوءَ ۾ جيڪو وڏو گڻ آهي اهو آهي برابريءَ جو احساس. هر سئيڊ پنهنجي هم وطن سئيڊ کي برابر جو انسان سمجهي ٿو. شايد انهيءَ ڪري ڪيترن جون ذاتيون ساڳيون آهن، جيئن ته نلسن، جانسن، سوين سن، پرسن وغيره. انڪم ٽيڪس ڏيڻ بعد امير توڙي غريب وٽ هڪ جيترو وڃيو بچي. فرنيچر وٺڻ جي معاملي ۾ سڀني سئيڊ ماڻهن جي ساڳي چونڊ ۽ پسند آهي. سڀ هڪ نموني جا لٽا ڪپڙا پهرين ٿا، هڪجهڙو سوچين ٿا، وولوو ڪار هلائين ٿا ۽ ”موڪل جا ڏينهن“ ۽ ”بچت“ ختم ڪرڻ لاءِ اسپيني ٻيٽ ميورڪا (Majorca) ڏي رخ رکن ٿا.
سيئڊ ماڻهو مڃڻ کان هميشه انڪار ڪندو ته هن کي ٻين سان ڪو ساڙ يا ڪينو آهي. هن لاءِ سندس ملڪ ۾ آيل ڌاريان ماڻهو ائين آهن جيئن پنهنجا سئيڊ. هن جي جيتوڻيڪ ڪنهن به ترڪ، عرب، پاڪستاني، ايراني يا يوناني، سرب، ڪروٽ، پولش يا چيڪو ۽ سلاويڪين سان دوستي نه آهي، پر هن کي يقين آهي ته منجهس ۽ هنن ۾ ڪو گهڻو فرق ناهي _ سواءِ ان جي ته ڌارين ملڪن کان لڏي سندس ملڪ ۾ پناهه وٺندڙن جا نالا نرالا آهن ۽ رسمون رواج اوپرا آهن، جيئن ته جنهن نموني سان هو گهر جي ڪنڊ پاسن ۾ ڀاڄيون پوکين ٿا اهو بيهودو طريقو آهي ۽ اها پڻ ناپسنديده ڳالهه آهي ته ڌاريان هر وقت ڇرا ۽ پستول کڻيو هلن ۽ سندس ملڪ (سئيڊن) جي بئنڪن کي ڦريندا وتن. هن کي اها ڳالهه به پسند نه آهي ته سندس ملڪ ۾ ڌارين ملڪن جا رهندڙ هن جي ملڪ جي سوشل سڪيورٽي کان ورتل خيراتي پئسي تي گذر ڪن ٿا، سَهن وانگر ويجهه تي زور اٿن ۽ وڃن ٻن مان چار ۽ چئن مان سورنهن ٿيندا. مڪاني ماڻهن جي نوڪرين ۽ ڌنڌن تي ڌاڙا هڻن ٿا، پنهنجين زالن کي موچڙا هڻن ٿا ۽ وات چٻو ڪري سئيڊش زبان ائين ڳالهائين ٿا ڄڻ وات ۾ اخروٽ ڦاسي پيو هجين.
آخر ۾ اهو به لکندو هلان ته سُئيڊ مرد توڙي عورت کي سج سان پيار آهي، قطار ۾ بيهڻ کان نفرت آهي، ٻين کان پهرين بس ۾ چڙهڻ ۾ خوشي ٿئيس ٿي، سياري لاءِ سخت ڌڪار آهي، سيڪس سان دلچسپي آهي، يوگوسلاويا ۽ رومانيا پاسي کان آيل جپسي Gypsy عورتن سان چڙ اٿس، جيڪي ڊاڪٽر ٻڌائيس ٿو ان تي دل جو (توڙي ٻاهر جون) اکيون پوري اعتبار ڪري ٿو. هو خدا کي نٿو مڃي، Skiing (برف تي کيڏندڙ) رانديگر Stenmark-Ingemar جي پوڄا ڪري ٿو، جنهن وقت به پيئي ٿو ته نشو چڙهيس ٿو ۽ پنهنجي ملڪ لاءِ وفاداريءَ جو جذبو رکي ٿو (سئيڊن جي جهنڊي مان ڪڇو ٺاهي پائي ٿو). طلاق ڏنل زال وٽ رهندڙ سندس ٻارن سان قاعدي موجب هفتي ۾ ٻه دفعا ملي ٿو، پر ماءُ پيءُ سان ملڻ لاءِ سال ۾ هڪ دفعو (ڪرسمس جي موڪلن ۾) ئي وقت ڪڍي ٿو. انگريزي سکڻ لاءِ شام جا ڪلاس اٽينڊ ڪري ٿو ۽ ظاهر آهي، هن قسم جي مضمونن کي پڙهڻ ۾ پنهنجي بي عزتي سمجهي ٿو.